Video

سيٺ نائون مل هوتچند جي ڪتاب تان ورتل سونهري سنڌي: ڊاڪٽر ليلارام نرسنگهداس ڦيرواڻي

سنڌي ٻوليءَ کي مئٽرڪ امتحان جي معمولي درجي کان چاڙهي بي_ اي، تائين پهچائي، ايم_ اي جي اعليٰ آدرش وٽ کڻي وڃڻ جي مراد هڪ ئي ٿي سگهي ٿي. سنڌي ڄاڻو ۽ قومي مدبر هن وارياسي بيابان جي خشڪ ۽ وساريل پٽ تي إّهي پيرا ڇڏڻ ٿا گهرن جن کي علم جا واٽهڙو وٺي ڪنهن صڈۆۑ٪ کي پهچي جا زبان شيرمادر سان گڏ چڳي اٿن ان جي خذمت ڪري حب الوطنيءَ جو اظهار علمي ۽ عملي صورت ۾ ڪري ڏيکارين. پوين ڏهن سالن ۾ جڏهن ڦإڷ بمبئي يونيورسٽي اها رٿ بحال ڪري سنڌي بي_ اي امتحان ۾ قبول ڪئي آهي جڊێڷ ڦإڷ مٿئين عمدي اعليٰ مراد بر ثواب ٿي آهي يا نه سو هلندڙ حالتن مان چٽي پر ظاهر آهي. جي حقيقت جي اگري پيالي صۑیڼ ڦإڷ منهن نه موڙجي ته سچ ته اهو آهي جو سنڌيءَ کي سولو سمجهي امتحان جي آڙاهه کان آجو ٿيڻ جو سليس رستو ڄاڻي سنڌ جي نونهالن هن ڏس ڏانهن واڳه ورائي آهي. باقي جو چئجي ته جيئن انگريزي محاوري لاءِ در در ڀٽڪي به پورائو ڪيو پيو وڃي سو سنڌيءَ ۾ مونکي ته نظر نٿو اچي. ممڪن آهي ته اهڙي آرتوار جي ليپي کي ڪي وڌاءُ سمجهن پر آثارن مان ته ٻي ڪابه ٻوجهه نٿي پوي بجاءِ ان جي ته سنڌي کڻڻ سان پارسي جي پيچرن کان پري رهي لس ئي لس بي_ اي مان کسڪي سگهبو. ڪيتري قدر اهڙي روش انهن عالمن ۽ گهڻگهرن، جن هي قرب اسان سان ڪري ڀال ڀلايو آهي، جي جذبن تي ٿڌو پاڻي وجهندو ان جو تخمينو هوند مسٽر ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل، مسٽر لعلچند امرڏنه مل ۽ پرنسپال بٽاڻي ۽ مرحوم شمس العلما مرزا قليچ بيگ، پرنسيپال شهاڻي، ديوان موهن لعل، ڪن ۽ ڪري سگهن ها. سنڌي ٻولي کي جنهن صورت ۾ اسين ڏسون ٿا تنهن کي سێۑ اسي سال مس ٿيندا، پر ڪابه ڳاڻاٽي ۾ آڻڻ جهڙي ڪوشش ان ۾ ترقي، واڌاري يا سڌاري کي پوين 10-12 سالن کان مس ليکي سگهبي. اهڙي گهري ننڊ مان گويا زوري اٿاريل مسافر تڪڙي وکه کڻڻ کان ٽهي ۽ سفر جي ڏاکڙن کان نابري واري ته عام خلق کيس شايد فۑڷثڼ يا طعني زني ڪرڻ کان آر ڪري مگر جوانيءَ جي جوش ۾ ترقيءَ جو طالب بي اختيار مٿس جلهه ڪرڻ کان رهي نه سگهندو. لازم آهي ته اهڙو پانڌيڙو قدم تڪڙو، وکه وڏي ۽ راهه راست وٺي جيئن منزل مقصود تي پهچي من گهري مراد حاصل ڪري. لاشڪ انگريزي ٻولي جو ايترو پرڀاءُ ان ڪري آهي جو انگريز اڄ راڄڌاني ڪندڙ قوم دنيا جي وڏي حصي مٿان غالب آهي ۽ آد کان حاڪمن جي پٺ وٺڻ رعيت جو مرڪ ڄاتو وڃي ٿو. وڌيڪ ان قوم اهڙا لعل پيدا ڪيا آهن جن جي رهنمائي هيٺ هن زبان جو ڍإیڤۆ مخلوق جي مکيه حصي جي پلئه پيو آهي. هوس ڪرڻ کان ريس ڪرڻ بهتر آهي. جي اسين آزاد قوم نه آهيون، جي اسين راڄ جا ڌڻي نٿا ٿي سگهون، جي اسان جو دٻدٻو پنهنجي گهر جي چئن ديوارين کان ٻاهر نٿو ٻجهي ته به لعلن جي لاٽ جي اوٽ وٺڻ ۾ اسان کي اهم یۑ ڪهڙو هئڻ گهرجي. بلڪ واجب ته ائين آهي ته اسين ويهن نهن جو زور لائي پاڻ ماري مٿي ڪيون جيسين روميو جولئيٽ جي رس کان سسئيءَ جا سور، سهڻي جي سڪ، هير جي هستي ۽ مومل جي مستي وڌيڪ ميٺاج ڏيئي اوها ڏيوري ڏايون جتي ملڪ ملڪ جا مشتاق اچي مٿو ٽيڪي سيس نوائي سهڻي شاهه جي زيارت جا ڪا ڷڦۑ بڻجن. فيلسوفي ۾ افلاطون ڇو نه لاجواب هجي يا جرمن ڪئنٽ ۽ روس ۽ چين فرانس ۽ انگلستان جا فيلسوف ڀلي ماهر هجن پر جي سامي جي سلوڪن جي پڪ پياري کين مست ڪيون ته ويدانت جي وس حۑ ديس جي اوها قدر شناسي ڪن جنهن جي اوڻائيءَ اسان کي ترين ڀر آندو آهي. مونکي ته گهڙي گهڙي ايهيئي خواب ايندا آهن ته جن سنڌي گلن پنهنجي واس سان ٻين ڏيهن ۾ ڪيئي بوستان باغ و بهار ڪيا آهن تن جي بي بها بوءِ جي هي عطر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري ته اهڙن ڠڞإڎڷ جي هٽ تي هن ساهت جي مينا بازار ۾ هوند اها پيهه نظر اچي جتي ڀانت ڀانت جا مزيدار ڳاهٽ ٿي سونهاري سنڌي سڳنڌ ساڻ نيئي ايهو سنيهو ديسان ديس کڻي وڃن ته سڪي واريءَ ۾ سائينءَ اجهو ايڏو خزانو کڻي ڵڥإۑۆ آهي. نظر تي ناز اوائلي قدم آهي، نثر به آهستو آهستو اُن جي پٺيان چهٽي پوندو اسين جي هينئر ڳالهائڻ، لکڻ ڇا بلڪ خيال ڪرڻ به انگريزي ۾ سکي پيا آهيون تن لاءِ ايهو استعمال نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو جي پنهنجا چيدا چيدا خيال پيارا دل گهريا جذبا ۽ پنهنجو من منيديون ڳالهڙيون پنهنجي مادري زبان ۾ اهڙيءَ طرح اُچارڻ سکون جو نه هڪ طرف لڄ اچي ته ٻي طرف هٻڪ ئي ٿئي پاڻ کي پوءِ سنڌيءَ ۾ فخر وٺڻ سبب اوهان ڦۑ صڈۆۑ ملندي جو هلندڙ حقير حالت کان مٿي چڙهي سڌريلن جي صف ۾ ڪلهو ڪلهي لاءِ ڇاتي ٺوڪي بيهي سگهبو. سنڌي کي سنسڪرت جي ماٽيجي ڌيءَ بدران لاڏلي، تن پڳڙي تفڏۑ ثابت ڪنداسين جنهن کي ڳهه کسإ پائي هار سينگار سان ساهري اُماڻڻ ۾ ازحد خوشي ۽ فخر حاصل ٿيندا.