Video

سنڌي ٻولي جي واڌاري ۾ اٽڪون: مسٽر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي

هيءَ ڳالهه سڀڪو قبول ڪندو ته سنڌي ٻولي پنهنجن ڀينرن جهڙوڪ هندي، گجراتي، مراهٽي ۽ بنگالي کان گهڻو پٺتي پيل آهي. هنجو هڪ وڏو سبب هي آهي ته اسانجن ڪيترن ڀائرن يا ڀينرن انگريزيءَ سان ايترو چاهه نه رکيو آهي جو خانگي خط پٽ به انگريزي ۾ لکن! اسان ۾ جيڪي ٿورو پڙهيل آهن تن کي اڪثر جاسوسي ناولن ۽ عاشقي قصن ۽ ڪهاڻين مان مزو اچي جنهن ڪري إێڏڷ ڪتابن جو جيڪي سو کاپو ٿئي ٿو باقي ٻيو خير. اهڙي حالت ۾ وري به شڪر جو ڪي سوسائٽيون ۽ سڀائون پنهنجي پنهنجي نموني سنڌي ساهت جي شيوا پيون ڪن، جنهنڪري سنڌي ساهت ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. حقيقتن جي چڱن لکندڙن کي ڪو همٿائيندڙ هجي ته اسانجو ښإێج هن کان اڳ جيڪر غڪۆ زور وٺي وڃي،، پر اسان کي بمبئي يونيورسٽي ۽ سنڌ جو تعليم کاتو سڌي يا اڻ سڌي طرح وڏي اٽڪ ڪري بيٺا آهن. شاگردن کي پنهنجي مادري زبان لاءِ (چاهه جيڪر _ سڪولن ۽ ڪاليجن مان وڌي، پر ڏسو انصاف بمبئي يونيورسٽي جا جو رڳو مئٽرڪيوليشن ۽ بي. اي ۾ سنڌي رکي اٿن! هنجو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جيڪو شاگرد مئٽرڪيوليشن ۾ سنڌي کڻي تنهنکي لاچار ڪاليج جي ايف_ اي ۾ انٽر امتحانن لاءِ پارسي وغيره سکڻي پوي ٿي ۽ پوءِ بي_ اي ۽ وري وڃي سنڌي کڻي. مطلب ته سنڌيءَ جو مايو جيڪو مئٽرڪيوليشن لاءِ پرائي سو ٻن ورهين ۾ ڌوپيو وڃيس. ويجهڙائي ۾ يونيورسٽي کي مهر پيئي جو نه رڳو آرٽس ڪورس پر انجنيرنگ ۽ ڪامرشل ڪاليجن ۾ به سنڌي آڻڻ جي رٿ رٿيائين ۽ انهيءَ لاءِ ڪي ڪتاب به منظور ٿيا، پر هن يونيورسٽي جي ديگه دير سان جِصٔۑ. جنهنڪري اها رٿ اڄ تائين عمل ۾ نه آئي آهي. هوڏانهن ڪيترا شاگرد ائين پيا پڪارين ته ايم-اي تائين سنڌي پڙهڻ ۾ اچي، پر سندن سڏ ڪو ڪونه ٿو اونائي! ڪي چون ته سنڌي ۾ ڪتاب آهن ڪٿي جي ايم . اي تائين پاڙهجن؟ جيڪي ائين چون ٿا تن کي خبر ڪانهي ته سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪتاب آهن جي چار پنج ورهيه سانده جيڪر ايم_ اي تائين پاڙهي سگهجن. انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي نوان ڪتاب به جيڪر نڪري پون. هڪواري ڪاليجن جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پوي ته پوءِ ڏسو ته چڱا چڱا لکندڙ ڪئن ٿا تڪڙا تڪڙا ڪتاب ڪڍن ۽ سنڌي ساهت ڪيتري ۾ ٿو زور وٺي. مطلب ته جيستائين ڪاليجن جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پاڙهڻ ۾ نه ايندي تيستائين غڪڷ ڪتابن نڪرڻ جي گهڻي اميد رکي ڪين سگهبي. سنڌي ساهت کي سنڌ جو تعليم کاتو به هڪ وڏي اٽڪ ڪري بيٺو آهي. اڳي ماڻهن ۾ سنڌي ڪتابن لاءِ چاهه هاڻوڪي کان گهڻو گهٽ هو تنهنڪري تعليم کاتي وارا چڱيون رقمون ڏيئي ڪن عالمن کان ڪتاب لکائيندا هئا ۽ ڥجإبڷ جي وڪري لاءِ بوڪ ڊيپو به پنهنجو هون. هينئر گهڻيئي لکندڙ آهن ۽ سنڌ ۾ ڇاپا به جام آهن پوءِ ڇو درسي ڪتابن ڇاپڻ جو ڪم يوروپي ڇاپخانن وارن کي ڏيڻ ۾ ٿو اچي؟ بوڪ ڊيپوءَ ضۆ بێ ێإڼۑ ڝڎۆڎ ڥۆڷێ إحڷ ۽ ڋۑصۆ بند به ڪيو اٿن ته پوءِ ڇو جهونن ڪتابن جو مقاطعو ڏيئي ڇڏيو اٿن! سندن هن هلت جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو اڳيان قديم ڪتاب جهڙوڪ ايسپ جون آکاڻيون، سسئي پنهون، عمر مارئي اڄ تائين پيا پاڙهڻ ۾ اچن ته مقاطيدار جا ڪتاب وڪامن هاڻوڪن غڪڷ لکندڙن جا ڪي ڪتاب درسي ڪتاب طور منظور به ڪجن پر ڪڏهن ڪنهن ورلي جو ڪتاب اسڪولن ۾ هلائين نه ته راجا ۑډێڛخڎ جي ڏينهن وارو اهوئي نار ۽ اهائي ڪنگري اڃا ملي اچي! جنهن صورت ۾ اهو بوڪ ڊيپو مقاطعو سنڌي ساهت جي واڌاري کي ڌڪ هڻي بيٺو آهي تنهن صورت ۾ جي اسان کي ويهن ئي نهن جو زور هلائي اُنهي جي بنهه بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڌنئن گهرجي ته سڀني ڪلاسن لاءِ سنڌي مقرر ڪن. ساڳي وقت اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته آئيندي سڀ درسي ڪتاب سنڌ جي ڇاپخانن وارن کي ڇپجڻ لاءِ ملن. ائين لکندڙن ۽ ڇاپيندڙن کي همٿائبو ته جلد ئي سنڌي ساهت زور وٺندو ۽ اسانجو ڪنڌ ٻين قومن اڳيان مٿي ٿيندو. قلم تازو _ آ۞ هنئر مانا کائي ٿي آيو آهيان تنهنڪري مونکي پنهنجي ڪا لالچ ڪانهي، باقي سنڌي ساهت واڌارو ٿيندو ئي تڏهن جڏهن بمبئي يونيورسٽي ۽ تعليم ڦإجۑ وارا اسانجا اهي واجبي عرض اونائيندا.