ڪتاب جو نالو | اسيمبليءَ جو راڳ |
---|---|
ليکڪ | منوج ڪمار |
سنڌيڪار / ترتيب | غلام مصطفيٰ سولنگي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-077-7 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 472355 ڀيرا پڙهيو ويو |
مرحبا سڪ سان سياري جي ڪئي ڪنهن هاري،
آئين سيءَ مرن تي سيارا ئي سندءِ رُت ساري،
جان جا جهولي جلي سرءُ سڙي ٿو ٺاري،
آهه رت تنهنجي ڀلي، منهنجي لئي برڪت واري.
ٿڪ ڀڃان پنهنجو سمهي تنهنجي ڊگهين راتين سان،
ڪم ڪريان خوش ٿي سڄو ڏينهن ٿڌو باتين سان.
سارو اونهارو ڪو آرام نه هو مونکي نصيب،
صبح ۽ شام ڪلهي منهنجي کي ڪوڏر هئي قريب،
رات آڌيءَ ۾ لتاڙيون ٿي لنڊيون مون ئي غريب،
خوف ۽ خيال اٿيا منهنجي اندر جي عجيب.
پوک جي چان کي هئي جهوري ته آبادي ٿئي،
خوش زميندار ٿئي منهنجي به دل شاد ٿئي.
لک ڀلايون ٿو هينئر ڀال ڌڻيءَ جا ڀانيان،
پوک جي فڪر کان آزاد هينئر ٿيو آهيان،
بس اپت ان جي ڏسي روئڻ جا وڙ ورجايان،
پورهيو ٿا به پسي رب سندا ڳڻ ڳايان.
ڏينهڙا سخت ڪمائي جا سندم ٿيا پورا،
تو ۾ کائڻ ٿا اچن چوج مکڻ ۾ چورا.
تنهن تي هاريءَ کي ڏنو سهڻو سي هي سماءَ،
توکي شايد نه رڳو دل سان سندم ٻيو ڪو لقاءُ،
جهوپڙي تنهنجي ڪکائينءَ، اُتر آڻيندو واءُ،
توکي ماهوت مرينو، نه بلا ڪيت پراءَ،
ڪيئن سمهي سگهندين ڀلا پورو سندم سخت سياٽ؟
ڪهڙي وٺندين تون ٻچن ٻارن پنهنجي جي لئه واٽ؟
تنهن تي همت سان چيو هاري ته ”ڀولو ناهي“،
ناهي ڪاٺين جو ڏڪر مچڙو ڪنداسين ٺاهي“،
پوءِ محلات نه مٽ منهنجي ڀنگيءَ سان آهي،
پوءِ ڪلا ڪهڙي اتر کي جو اچي منجهه ڪاهي!
ڪوسو ڪو سوٽي رليءَ پنهنجيءَ ۾ آرام ڪريان،
نه سوڙ جي مون کي مان جند لاءِ رضائي ڪا ڌريان.
صبح جو اڀرڻ ساڻ ڪري گرم اڱڻ ۽ ڪوٽا،
ٺينگ تڙڪي ۾ ٿيا منهنجا ڌين پٽ پوٽا،
گرم ڪپڙو نه هئڻ ڪهڙا رسائي ٽوٽا“؟
تون ڏسين خوف سي سڀ منهنجي نظر ۾ کوٽا.
تو پٺيان سي اسان ڪاڻ اجها ايندي بهار،
ڏيندا سرهيل نِمن موج ”مسافر“ هيڪار.