ڪتاب جو نالو | اسيمبليءَ جو راڳ |
---|---|
ليکڪ | منوج ڪمار |
سنڌيڪار / ترتيب | غلام مصطفيٰ سولنگي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-077-7 |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 20 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 472357 ڀيرا پڙهيو ويو |
رنگ ڪارو ڇوڪري هڪڙي جو هو،
رنگ گورو هو مگر ڀاڻس سندو.
ٻئي ڄڻا هئا پاڻ ۾ رانديون ڪندا،
سٺي عادت ڪابه تن ۾ ڪانه ڪا.
ڏينهن هڪڙي ڪا ڏٺائون آرسي،
پنهنجي گهر مان سا کنيائون آرسي.
پنهنجي پنهنجي ان ۾ صورت تن ڏٺي،
ڀاءُ صورت ڀيڻ جي کلندي ملي.
ڀاءُ کي کلندي ڏٺو ٿي ڀيڻ جيئن،
شرم ۽ ڏک تنهن کي دل ۾ ٿيو ٿي تيئن.
روئي آئي ماءُ پنهنجيءَ وٽ اها،
هيئن لڳي ڏک سان چوڻ ماڻس کي سا.
”تون ادا کي چئو امان جيجل! هينئر،
تان ڏسي نه آرسي ڇو ڪيئن به پر“.
ماءُ ان جي جا هئي بلڪل هوشيار،
لڙڪ ڌيءَ جا اگهي ڪيائين پيار.
”هٿ رکي ڳلڙن تي ماءُ ان کي چيو،
ڪير ٿو چئي ههڙي صورت کي برو؟“
”آهه صورت سهڻي هيءَ اي منهنجي جان!
ڪجهه نه ڪر دل پنهنجي ۾ ڏک جو نشان“.
”جي ٿيو ڪو توکي اهڙو ئي خيال،
جي اٿئي ڪوجهائيءَ جو دل تي ملال.“
”تان سدائين پيئي ڪر ڌيءَ ٺيڪ ڪم،
ٻن جهانن ۾ رهي تنهنجو شرم.“
”جي نٿي صورت سٺي ڪهڙو شرم،
رک لڇڻ سهڻا ته گذري سهڻو دم“.
”۽ وري ڪوٺي چيو ڇوڪر کي ماءُ،
ڪر نه بابا! پنهنجي صورت تي اٿاءُ“.
”ڀيڻ جي صورت تي کل تو ڇو ڪئي؟
ڪهڙي بڇڙائي ”نظر تنهنجي پئي؟“
چنڊ جهڙي تنهنجي صورت آهه جا،
ههڙي عادت جي ڪري ڪم جي نه سا“.
”شڪل ڪنهنجي جي هجي سچ پچ بري،
ان جي چئو ڪهڙي انهيءَ ۾ چوڪ ٿي؟“
۽ ڏني جنهن کي سٺي صورت خدا،
هٺ ڪرڻ جو ان کي حق ڪهڙو ابا؟“.
شڪل پنهنجي پنهنجي هٿ سان ٺاهي ڪو،
فخر صورت تي ڪري بيشڪ اُهو.
”ڪر سدا ڪپڙا چڱا اي منهنجا چنڊ،
تان لڳن صورت سندءِ کي چار چنڊ“.
سهڻي صورت سان لڇڻ سهڻا سونهن،
ڪر ”مسافر“ جي ابا! ايءَ ڳالهه ڪن.