اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461980   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻني ۽ ڪُڙمي


اِجهو اَسوءَ جو مهينو آيو،

لاباري جو آهي سعيو.

 

اچو ٻنيءَ ۾ ڏسون هلي،

واهه ٻني ٿي آهه ڀلي.

 

سنگ سڀيئي ڪيئن نه لُڏن ٿا،

پکي تن تي ٽپن ڪڏن ٿا.

 

ڏسو ته ڪڙمي ڪيئن اچي ٿو،

خوشيءَ منجهان سو ڪيئن نچي ٿو!

 

هٿ سندس ۾ ڏاٽو آهي،

سنگ تنهين سان پيو ٿو لاهي.

 

ڏسو ته ڏاٽو ڪيئن هڻي ٿو،

سنگ لُڻي پوءِ ڪيئن کڻي ٿو.

 

جهول جڏهن هو پنهنجو ڀري ٿو،

گڏ تڏهن سڀ سنگ ڪري ٿو.

 

هڪڙو هڪڙو سنگ وڍي ٿو،

هاڻي تن مان اَنُ ڪڍي ٿو.

 

 

اَنُ ڏسي خوش ڏاڍو ٿئي ٿو،

لَک لَک ٿورا رب جا مڃي ٿو.

 

ساراهي ٿو سندس وڏائي،

چوي: ڌڻي تو ڪئي ڀلائي.

 


سائينءَ جي ساراهه