اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461957   ڀيرا پڙهيو ويو

سچ ڳالهاءِ


جڏهن ڳالهه ڪهڙي به ڪنهن سان ڪجي،

خدا جو رکي خوف سچ چئي ڏجي.

سدائين اوهين واٽ سچ جي هلو،
اَٿَوَ سچ چوڻ ۾ بلاشڪ ڀلو.

عقل ۾ اڪابر جي آهيو اوهين،

نه ڏيو ڪوڙ کي جاءِ جيءَ ۾ توهين.

نه هرگز گڏيو ڪوڙ کي ساڻ سچ،
جڳائي ملائڻ نه ماڻڪ سان ڪچ.

اَٿوَ ڪوڙ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ مثل،

نه جا بار کڻندي نه سهندي اڇل.

ٿيو ڪوڙ ڪنهن جو جي پڌرو ادا،
ته ڪوڙوَ پيو ليکبو او سدا.

سچيون پوءِ ڪهڙيون به ڳالهيون ڪري،

ته ڀي هرڪو چوندس پري ٿي پري.

مٺو ٿو لڳي توڙي ظاهر ۾ ڪوڙ،
حقيقت ڪري ڌوڙ جي آهي ڌوڙ.

لڳي سچ چوڻ ٿو ڏکيو پڻ اول،

مگر ان جو آخر عجب آهي ڦل.

سدائين ٿو سرهو گذاري سچار،
سدا آهه ڪوڙو خراب ۽ خوار.

ڪري ٻاجهه پنهنجي سچي تي ڌڻي،

ملي آبرو پڻ سچي کي گهڻي.