اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461954   ڀيرا پڙهيو ويو

جُهڙ ۽ مينهن


واءُ لڳي ٿو جُهڙ ٿئي ٿو،

مينُهن به تڪڙو هاڻ پئي ٿو.

 

پکي ڀَڄيو گهر پنهنجي وڃن ٿا،

آکيرن ۾ ڪيئن نه لڪن ٿا.

 

مهر ڀريا مينهن ڌڻي وسائي،

کيتن ۾ ٿو پاڻي رسائي.

 

اَنُ مهانگو هاڻي ٿيندو،

ٿورا ڌڻيءَ جا سڀڪو مڃيندو.

 

گاهه نڪرندا گُل ڦُل ٿيندا،

پکي به خوش ٿي ٽپڪيون ڏيندا.

 

گانئيون مينهون ٿينديون متاريون،

کير گهڻو ڏينديون ڀٽاريون.

 

ڏُڌُ مکڻ ۽ گيهه گهڻو ئي،

ڀاڄي ميوو اَن سڀوئي.

 

گڏجي ڌڻيءَ جا ٿورا ڳايو،

مينهن ڀلو جنهن آهه وسايو.