اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461949   ڀيرا پڙهيو ويو

ماءُ پيءُ جو چيو مڃجي


ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،

سدا ادب ۾ تن جي رهجي.

 

نت استاد کي مان ڏجي،

جيئن هو چوي تيئن ڪجي.

 

ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان رکجي پيار،

تن سان نه ڪجي ڪو تڪرار.

 

سوير سمهجي سويل اُٿجي،

اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.

 

ڪوڙ نه چئجي ڏجي نه گار،

شيءِ چورائي ٿجي نه خوار.

 

هن نصيحت تي جو ئي هلندو،

مائٽ مِٽ کي سو ئي وڻندو.