اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     472331   ڀيرا پڙهيو ويو

محمد صديق مسافر جي سوانح:


محمد صديق مسافر سنڌ جو عظيم استاد، تعليمدان، اديب ۽ ٻارن جو سهڻو شاعر ٿي گذريو آهي. هن جي ولادت 8 محرم الحرام 1236هه مطابق پهرين اپريل 1879ع ٿي. سندس والد جو نالو گلاب هو، جيڪو ٽنڊي باگي جي شيدين ۾ ميرن جو هڪ اهم ملازم هو، پر هن پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سبب وڏو نالو ڪڍيو. هو  شروعات ۾ جاين راڳڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ اڳتي هلي پيهون ڪُٽڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين.

محمد صديق جي والد گلاب 1888ع ۾ وفات ڪئي. پيءُ جي وفات وقت محمد صديق مسافر جي عمر 9 سال هئي. سندس والد کيس ڇهن سالن جي ڄمار ۾ مڪتب جي تعليم ڏياري، ماءُ جي محبت ۽ مامي حاجي عارف جي شفقت کيس والد جي وفات جو احساس نه ڏياريو. کيس والد جي ٽيجهي تي 9 ورهين جي ڄمار ۾، حبشي برادريءَ جي چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي.

16 سالن جي عمر (آگسٽ 1893ع) ۾ محمد صديق جي مامي عارف کيس مڪتب مان ڪڍرائي، سنڌي اسڪول ۾  پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ٽنڊي باگي پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر وياک سنگهه، محمد صديق کي پهرين درجي ۾ داخل ڪيو، پر سندس هوشياري ۽ ذهانت ڏسي چئن مهينن اندر کيس پهرين ۽ ٻئي درجي جو امتحان 3 ڊسمبر 1893ع ۾ ڏياريائين. ڊسمبر 1894ع ۾ محمد صديق مسافر ٽئين ۽ چوٿين درجي جو گڏيل امتحان پاس ڪري ڊسمبر 1895ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري ورتو. ڇهين درجي ۾ هن جي هوشياري ڏسي هيڊ ماستر سهجراءِ کيس ساڳئي اسڪول ۾ چئن روپين ماهوار پگهار تي ”پيوپل ٽيچر“ مقرر  ڪيو.

ان وقت جو هيڊ ماستر سهجراءِ سنڌي ادب جو ڄاڻو ۽ فارسيءَ جو عالم هو، جنهن کيس فارسي پڙهائڻ سان گڏ ورنيڪيولر فائينل امتحان جي تياري به ڪرائي ۽ هن سيپٽمبر 1896ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيو. اهڙي طرح فائينل پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس ٽنڊي آدم جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ڪيو ويو. ان اسڪول جو هيڊ ماستر آخوند عبدالرحيم حيدرآبادي هو. محمد صديق مسافر کانئس فارسيءَ جي تعليم به وٺندو رهيو. 1897ع ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، مرزا صادق علي بيگ اسڪول جي وزٽ (visit) وقت محمد صديق مسافر جي درخواست تي کيس تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ سنجاپور ۾ بدلي ڪري هيڊماستر مقرر ڪيو. اتي جو زميندار ٺارو خان جمالي نيڪ مرد هو، جيڪو تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن توڙي استادن کي کاڌو پيتو مفت ڏيندو هو. ان محمد صديق مسافر جي رهائش ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيو. اُتي محمد صديق مسافر مولوي محمد سليمان نظاماڻيءَ کان فارسي شاعريءَ جي سمجهاڻي به سکندو هو.

انهن ڏينهن ۾ ڪاميٽي ماسترن کي ’ٽريننگ ڪاليج‘ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پرليمينري امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو. محمد صديق مسافر ڊسمبر 1897ع ۾ داخلا جو امتحان پاس ڪيو ۽ بعد ۾ جڏهن ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ کيس تعليم وٺڻ جو حڪم نامو مليو ته هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ جنوري 1899ع ۾ هن ٽريننگ ڪاليج جي پهرئين سال ۾ اچي داخلا ورتي. جتي فارسي ۽ عربي تعليم، شاعري ۽ ڪتابن جي مطالعي سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. هن فارسي ڪتاب گلستان، بوستان ۽ لغت جا ڪتاب، ڪاليج جي لائبريريءَ مان وٺي پڙهيا. ان سلسلي ۾ فارسيءَ جي استاد قاضي اميد عليءَ هن جي وڏي مدد ڪئي، ان جي چوڻ تي محمد صديق مسافر مشهور عالم سيد محمد فاضل شاهه وٽ عربيءَ جي تعليم به حاصل ڪئي.

سيد فاضل شاهه شاعر به هو. مشهور شاعر غلام محمد ”گدا“ به وٽس اچي شاعري ۽ ان جي وزن بحر تي ڪچهري ڪندو هو، جنهن مان به محمد صديق مسافر کي وڏو فائدو پهتو ۽ کيس علم عروض سکڻ جو شوق ٿيو ۽ هن ٿوري عرصي ۾ شاعريءَ جو فن به سکي ورتو.

جنوري 1901ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي ٽئين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ محمد صديق مسافر کي مطالعي جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ ٽريننگ ڪاليج جي ذري گهٽ سڄي لائبريري پڙهي ويو. ٽن سالن جي ٽريننگ کانپوءِ هن امتحان پاس ڪيو ۽ کيس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي ”پرئڪٽسنگ اسڪول“ ۾ 1902ع ۾ اسسٽنٽ ماستر ڪري رکيو ويو، اتي 4-1903ع دوران تعليم کاتي طرفان نڪرندڙ ”اخبار تعليم“ جي ايڊيٽري به سندس حوالي ڪئي وئي. هن درسي ڪتابن جي تياري ۽ تخليق ۾ به حصو ورتو. محمد صديق مسافر اخبار تعليم جا ايڊيٽوريل لکڻ سان گڏ مضمون ۽ نظم به لکندو هو.

6-1905ع ۾ بمبئي کاتي، جدا جدا ٻولين جا درسي ڪتاب هڪڙي ئي نوعيت جا نئين سر تيار ڪرڻ لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي پوني ۾ ويهاري، جنهن ڪاميٽيءَ تي سنڌ پاران راءِ بهادر ديوان پريم چند جهانگاڻي مقرر ٿيو، جيڪو حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هو. هو هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال، ديوان بولچند ڏيارام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال ديوان تاراچند شوقيرام معرفت پرائمريءَ جي درسي ڪتابن جو نصاب تيار ڪرائيندو هو.

ان وقت سنڌي پهرين، ٻئي ۽ ٽئين ڪتاب جا سڀ نظم ۽ ڪيترائي نصاب جا سبق محمد صديق مسافر کان تيار ڪرائي، پوني واري ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽي ڏي موڪليا ويا، جيڪي نه رڳو منظور ٿيا، پر ان تعليمي خدمت تي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن بمبئيءَ طرفان محمد صديق مسافر کي 95 روپيا انعام طور به ڏياري موڪليا. محمد صديق مسافر پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ديوان تاراچند، پرنسپال ۽ هائوس ماستر ليلارام، پريم چند واڌواڻيءَ کان انگريزي سکندو هو. 1908ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي هيڊ ماستر کي چئي، پرنسپال صاحب ميٽرڪ لاءِ تيار ڪيل شاگردن سان گڏ مسافر کي به امتحان لاءِ ويهاريو، پر ڪالرا ٿيڻ جي ڪري مسافر ميٽرڪ ڏئي نه سگهيو. جڏهن ته خانگي طور تي انگريزي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، جنهنڪري هو نه رڳو انگريزي پڙهڻ، پر ترجمو ڪرڻ تائين مهارت حاصل ڪري ويو.

محمد صديق مسافر ڪيترائي نصابي ڪتاب لکيا ۽ ٻارن لاءِ تمام گهڻا نظم لکيا، جيڪي ٻارن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا.

1919ع ۾ هندستان ۾ ”قطع تعلقات“ تحريڪ هلي ۽ محمد صديق مسافر تي ان تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جا الزام لڳا ۽ غلط فهميءَ جي بنياد تي هن خلاف موڪليل ڪانفيڊيشنل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ کيس ڪاليج مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر پرنسپال جي صلاح سان هي موڪل تي لٿو ۽ بعد ۾ کيس تعلقي ميرپورساڪري جي ڳوٺ ٻهارا اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو. ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر مسافر هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جنهن جو اڳتي هلي مسافر کي انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين هن هاءِ اسڪول کي ڪاميابيءَ سان هلايو ۽ بعد ۾ هن ٽنڊي باگي ۾ هڪ اسڪول به ٺهرائي ورتو.

21- 1920ع دوران سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ديو ٽنڊي باگي ۾ منزل انداز ٿيو ته اسڪول جو معائنو ڪندي ڏاڍو خوش ٿيو، جو ٻار نه رڳو سنڌي، پر انگريزي ۾ به ڀڙ هئا. ڪمشنر، مير صاحب جي سفارش تي محمد صديق مسافر جي ملازمت سرڪاري طور اسڪول ۾ ڪئي.

1927ع ۾ محمد صديق مسافر شڪارپور گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو، جتي فارسي ۽ سنڌي پڙهائيندو هو.

1928ع ۾ سندس بدلي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿي، جتي پڙهائڻ سان گڏ درسي ڪتابن جي درستيءَ ۽ ترتيب ۾ حصو وٺندو هو.

فيبروري 1930ع ۾ سندس مامو عارف وفات ڪري ويو. گهرو حالتن ۽ برادريءَ جي زور بار تي موڪل جي درخواست موڪلي پينشن تي لٿو ۽ ٽنڊي باگي ۾ اچي مير صاحب جي مدد سان نياڻين جو اسڪول قائم ڪيائين ۽ سمورن اسڪولن جي نظرداري ڪرڻ لڳو.

محمد صديق مسافر علائقي ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس ٻه نياڻيون ماسترياڻيون ٿيون ۽ هڪ پٽ به ماستر ٿيو.

محمد صديق مسافر ٽريننگ ڪاليج دوران ڪتابن جي مطالعي، ترجمي ۽ تصنيف تاليف جو وڏو ڪم ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪري، ان طرفان ڪيترائي ادبي، علمي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪرايا.

مسافر مختلف موضوعن تي ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان: هداية المسلمين (اسلامي عقيدن ۽ رڪنن جي سمجهاڻي تي ٻڌل 6 جلد)، رموز القرآن، ناول گلبدن (اردو تان ترجمو)، ممتاز دمساز (اردوءَ تان تڪبند سنڌي شعرن جي ملاوت سان ترجمو)، سنڌي سونهن (ٻئي کان ستين درجي تائين 6 جلد)، ديوان فاضل، قرب قليچ (مرزا قليچ بيگ جي سوانح)، شهيد ڪربلا، حياتيءَ جو دور (ٻه ڀاڱا اردو تان ترجمو)، سڄاڻ زالون، سنڌي گرامر 3 ڀاڱا، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جاگرافي، انگي حساب (ٻئي کان پنجين درجي تائين)، غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا، منتخب مضامين (نثر ۽ نظم 3 جلد) ۽ ڪليات مسافر (حياتي جي حوالي سان) مشهور آهن.

محمد صديق مسافر انهن ڪتابن کانسواءِ محمد صالح مخدوم ابراهيم هالائيءَ سان گڏجي نصاب جا ڪتاب لکيا، جن ۾: نئون سنڌي گرامر، درجو چوٿون،  نئون سنڌي گرامر، درجو 5-6-7 ۽ فائينل ڀاڱو نمبر 2 ۽ جاميٽري درجو 5-6، سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت درجو چوٿون، نئين ڏس ۽ سک ائٽلس جاگرافي سنڌ.

محمد صديق مسافر مرزا اسد بيگ سان گڏجي ٽئين ۽ چوٿين درجي لاءِ شاعريءَ جا ڪتاب ترتيب ڏنا. انهن ڪتابن ۾ گلشن خيال درجو ٽيون، رنگين گل درجو چوٿون شامل آهن. مسافر ٻارڙن جي نامياري شاعر ڪشنچند بيوس سان گڏجي ’ڦولداني‘ ڪتاب ترتيب ڏنو، جيڪو 1939ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب ۾ شاعرن جو مختصر احوال ۽ سندن چونڊ شعر شامل هئا. هن فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما به ڪيا، جن ۾ اخلاق محسني، منتخب ديوان ۽ مطلوب المومنين شامل آهن.

محمد صديق مسافر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان به پاڻ ملهايو آهي، هن شاهه جي رسالي جي ڪجهه سُرن جي  معنيٰ، سمجهاڻي ۽ تشريح به لکي آهي، جن ۾ سر کنڀات، سر ڪيڏارو (1960ع)، سر آسا 1960ع، سر ليلان چنيسر 1962ع، سر سسئي آبري 1963ع، سر ڪاموڏ 1964ع، سر سهڻي 1964ع، سر سريراڳ 1970ع شامل آهن.

حيدرآباد ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جنوري 1931ع ۾ وجود ۾ آئي، جنهن سنڌ جي تاريخ شايع ڪرائي، جنهن جا ٻه ڀاڱا سنڌ جي تاريخ ڀاڱو چوٿون ارغون ۽ ترخان دور ۽ سنڌ جي تاريخ ڀاڱو پنجون، سنڌ ۾ مغلن جا نواب مسافر لکيا، گلزار نثر و نظم ڀاڱو پهريون ۽ ڀاڱو ٻيون به هن لکيا. ان کان سواءِ 1936ع ۾ قرب قليچ، شرح ديوان فاضل ۽ 1965ع ۾ منازل مسافر بمع ڪليات مسافر لکيائين.

محمد صديق مسافر اخبار تعليم ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جن ۾ هارُ جيت (1)، هار جيت (2)، ڏک سک (1)، ڏک سک (2)، ڏاهي زال، حالت اضافت، تربيت ۽ تعليم، ايڪي جي واٽ، انسان جي من جي حقيقت ۽ طاقت، طاعون جي تاريخ (3 حصا)، ڏيهي ٻوليءَ ۾ تعليم، بيهڪ جون نشانيون، گڏيل امتحان، مفت ۽ زوري ابتدائي تعليم، چاند بيبي، پراڻيون نشانيون، ڪتابن سان قرب، وقت جو قدر، علم موسيقي عرف (راڳ وديا)، زناني تعليم، ضمير موصول، قومي تعليم، مسلمانن جي تعليم سميت ڪيترائي مضمون لکيا هئا. محمد صديق مسافر پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم ۾ پنهنجي حبشي قبيلي کي به ناهي وساريو، نه صرف انهن جي تاريخ لکي، پر انهن جي سڌاري لاءِ ڪوششون به ورتيون ۽ ڪتاب لکيا، جن ۾: غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا شامل آهن. هن تعلقي بدين ۽ تعلقي ٽنڊي باگي جون جاگرافيون به لکيون آهن.

محمد صديق مسافر جون سنڌي ادب ۽ ٻاراڻي ادب ۾ تمام وڏيون خدمتون آهن، اهڙا گهٽ ليکڪ آهن، جيڪي نثر توڙي نظم ۾ ماهر هجن، مسافر اهو ليکڪ هو جنهن کي نظم توڙي نثر ٻنهي صنفن بابت ڄاڻ حاصل هئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد فاضل شاهه، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، آخوند فقير محمد عاجز هئا. محمد صديق شاعريءَ ۾ پهريون تخلص ”آهه صغف“ استعمال ڪيو؛ پوءِ ”خادم“ تخلص استعمال ڪيو ۽ آخر ۾ محمد صديق ”مسافر“ ٿي ويو، جيڪو آخر تائين سندس تخلص رهيو، سندس سوانح عمري ”منازل مسافر“ بمع ڪليات مسافر ۾ شاعري جو وڏو حصو شامل آهي.

شاعريءَ ۾ هن مثنويون، مناجاتون، رباعيون، قطعا، چوسٽا، ڪافيون، بيت، اوجاڳا، غزل وغيره لکيا اٿس. حاصل مقصد ته محمد صديق مسافر غلام گهراڻي سان تعلق رکڻ باوجود پنهنجي وقت جو وڏو تعليمي ماهر مفڪر. عالم، اديب، شاعر ثابت ٿيو. هن 82 سالن جي ڄمار ۾ 23 سيپٽمبر 1961ع تي وفات ڪئي. سندس آرام گاهه به ٽنڊي باگي ۾ آهي.

 

13 آگسٽ 2009ع

غلام مصطفيٰ سولنگي

حيدرآباد

 

مددي ڪتاب:

  1. ڪليات مسافر، 2. سنڌي صحافت جي ارتقائي تاريخ، 3. سنڌي سونهن،
    4. سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري (بدر اڄڻ)، محمد صديق مسافر جي علمي پورهئي جو مختصر جائزو (عبدالجبار نظاماڻيءَ جو مضمون)، 6. جاگرافي سنڌ، 7. ماضيءَ جا مشهور ٻاراڻا ليکڪ (مضمون: تاج جويو).