اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461976   ڀيرا پڙهيو ويو

ماکيءَ جي مک


مک ماکيءَ لئه اٿي سويرو،

گُلن مٿان سا ڏئي ٿي ڦيرو.

ڦڙو ڦڙو ڪيو گهر ڀري ٿي،

سُستي ڪڏهين ڪين ڪري ٿي.

تتيءَ ٿڌيءَ ڏي ڪين نهاري،

پورهئي ۾ ٿي ڏينهن گذاري.

محنت کان سا ڪين ڏري ٿي،

سُستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.

ڪم تي صبح سوير اُٿي ٿي،

ڪين ڪمائيءَ کان ٿڪجي ٿي.

سج لٿي پوءِ گهر وَري ٿي،

سستي ڪڏهين ڪين ڪري ٿي.

مِٺي ماکي نيو گهر لاهي،

ائين نه چئي ٿي ٿوري آهي.

ميڙي ماڻهن ڪاڻ ڌري ٿي،

سُستي ڪڏهين ڪين ڪري ٿي.

ڇوڪر گُهرجي اُن کي جائي،

مک جان ڪريو خوب ڪمائي.

وڃي گلن لئي پري پري ٿي،

سُستي ڪڏهين ڪين ڪري ٿي.