اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461948   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻاراڻي شاعريءَ جي اهميت


قومن جي تاريخ ۾ ادب وڏي اهميت رکي ٿو. دنيا جون سموريون قومون پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جي ناتي سڃاتيون وڃن ٿيون.

اسان جو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي هڪ طرف شاهوڪار ۽ تاريخي آهي ته ٻئي طرف ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. اسان جو ادب ۽ ٻولي کڻي ڪيتري به شاهوڪار هجي، پر جنهن ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي اوسر لاءِ اُپاءَ نٿا ورتا وڃن، اهو ادب اهميت جوڳو نه ٿو رهي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ ۽ قومون پنهنجي مستقبل جي معمارن ڏانهن وڏو ڌيان ۽ اهميت ڏيندا آهن ۽ کين هر قسم جون سهوليتون ڏئي، سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن اهي اڳتي هلي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.

موجوده دؤر ۾، ماضيءَ جي ابتڙ سنڌي ٻاراڻي ادب تي ڌيان گهٽ ڏنو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو ٻاراڻو ادب ان حد تائين اُسري نه سگهيو آهي ۽ اها مڃتا ماڻي نه سگهيو آهي.

وڏن اديبن جو اهو چوڻ ته: ”ٻارن لاءِ لکڻ تمام ڏکيو آهي“، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ وڏي فني پهچ ۽ نفسياتي ڄاڻ جي ضرورت ٿئي ٿي، پر وڏا اديب ئي صحيح انداز ۾ ٻارن لاءِ لکي سگهن ٿا؛ ڇو ته اهي مشاهدن مان گذري آيا آهن ۽ وٽن ٻاراڻي وهيءَ جا مشاهدا موجود آهن، تنهنڪري انهن لاءِ ٻارن جي ذهني سوچ آهر ادب سرجڻ ڏکيو نه آهي. ٻار قوم جو سرمايو ۽ مستقبل جي ضمانت آهن، انهن جي تربيت، سماجي اوسر ۽ ذهني ارتقا لاءِ وڏن اديبن کي پنهنجو قومي ۽ ادبي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. انهيءَ رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀني ناميارن اديبن کي اڳيان اچڻ گهرجي.

ٻاراڻو ادب پنهنجي ڄمار جو آئينو هجي ٿو، جنهن کي پڙهي ماڻهو پنهنجي ٻاروتڻ کي ياد ڪرڻ لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح هر وڏو اديب پنهنجي ٻالڪپڻ کي ضرور ياد ڪندو هوندو. جيڪڏهن هر وڏو اديب پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون لکي ته اهو ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي پڙهي اسان جو نئون نسل اتساهه پرائي سگهي ٿو.

سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي مون ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙيندڙ، عظيم استاد، ٻارن جي ليکڪ ۽ شاعر محمد صديق مسافر جي شاعري سهيڙي، ان سان گڏ سندس سوانح حيات کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي حقيقت جو جامو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، سيڪريٽري تاج جويو ۽ ٻاراڻي شعبي جي انچارج ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (ائڊمن) خالد آزاد ۽ سندن ساٿين پارايو آهي.

 

- غلام مصطفيٰ سولنگي