اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461978   ڀيرا پڙهيو ويو

مُندُون


ٻارو اچي مڙو هڪ ماڳ،

ڳايو چئن مُندن جو راڳ.

 

هڪڙي تن مان آهه بهار،

هيءَ مند آهي واهه جا ٻار.

 

وڻ ٽڻ ڏسجن ٿا سڀ سهڻا،

باغ لڳن ٿا من کي مهڻا.

 

گُل ڦل باغن منجهه ٽڙن،

پکي به مٺڙيون ٻوليون ڪن.

 

وڃي بهار ته اچي اونهارو،

ڊَول انهيءَ جو آهه نيارو.

 

گرميون اُن ۾ ٿين مدام،

پاڻي پڻ چڙهن ٿا جام.

 

هن ۾ پئي ٿي پڻ برسات،

پوک جي سڀ کي وائي وات.

پوءِ سَرءُ ٿي اچي وري،

هوا لڳي ٿي گِهم ڀري.

 

هن رُت ۾ ٿا پاڻي ڇمن،

پن وڻن جا ڇڻيو پون.

 

دل کي وڻندڙ ناهي هوا،

ٿئي تَپتِ ٿي جاءِ بجا.

 

ٿيو سَرُءُ جو پورو وارو،

آيو تنهن تان وري سيارو.

 

هوا اُتر جي ڪري سوساٽ،

سيءَ ۾ پون ٺريو گهر گهاٽ.

 

سيءَ پوڻ سان ڪري پڄاڻي،

وڃي ٿو گهٽجي هر هنڌ پاڻي.

 

چئن مُندن ۾ پورو سال،

وري ٿئي ٿو ساڳيو حال.