اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461962   ڀيرا پڙهيو ويو

ڌڻيءَ در سوال


اي سچا ا﷢ سڀ جڳ جا ڌڻي،

تون عبادت جوڳ، سگهه توکي گهڻي.

ڏينهن گذريو رات پيئي خير سان،
جوڙجڪ سهڻو سندءِ قدرت مٿان.

ٿي سمهي خلقت هينئر آرام سان،

ٿيو سچو آرام تنهنجي نام سان.

عاجزيءَ سان تو اڳيان آءٌ هٿ ٻڌان،
ڪو هينئر ڏسندڙ نه مون کي تو بنان.

گرچه خلقت ننڊ ۾ ٿي بي خبر،

ته به سندءِ درٻار جا کليل ٿيا در.

يا خدا داناءَ بينا پاڪ ذات،
سڀ جي سمجهين  قبولين تون ئي بات.

حاڪمن سڀني جا حاڪم رب عظيم!

سڀ اسان جا ڏوهه بخشين يا ڪريم!

دين دنيا جي عطا ڪر بهتري،
بن نه تنهنجي ٻاجهه ري ڪائي ڳري.

ٿو پِنان توکان اَجهو، اوٽ ۽ بچا،

رب رازق مهرور مالڪ سچا.

ڏين اگهن کي تون سگهائي ساڻ ڪرم،
پهچ بي پهچن کي لڄ گهورن ڀرم.

بخش تن اولاد جي سڪندڙ سدا،

ڪر تون هر محتاج جي حاجت روا،

عرض احسانئون ”مسافر“ جو اگهاءِ،
راهه پنهنجي قرب جي قادر! هلاءِ.