اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461981   ڀيرا پڙهيو ويو

ڀَـلائي ڪر


ڪرڻ آهه بهتر سڀن سان ڀلائي،

چڱي ڳالهه اهڙي نه ٻي آهه ڪائي.

 

سڀئي مال دنيا جا هت تون ڇڏيندين،

ادا جڳ ۾ نيڪي رڳو ساڻ نيندين.

 

مِٽي مائٽي توکي جت ڪم نه ايندي،

ڀلائي اُتي تنهنجو آواز ٿيندي.

 

پڇاڙي چڱي جي ٿيڻ پنهنجي چاهين،

ته ڪر بيٺلائيءَ ۾ نيڪي سدائين.

 

دل ۽ جان سان ڪر ادا تون ڀلائي،

ته تحقيق ٿئي عمر تنهنجي سجائي.

 

ڏني مهر سان جي ڌڻيءَ توکي مايا،

ته ڪر تون غريبن يتيمن تي ڇايا.

 

بُکين جون بکون لاهه ڍؤ ڏيار تون تن،

ڍڪائج اگهاڙا ته توکي دعا ڪَن.

 

ڏسين تون کڻي واٽ تي جي انڌو ڪو،

ادا تون وڃي ان کي ڏيکار رستو.

 

جڏهن ڪوبه توتي ڀلائي ڪري ٿو،

تڏهن توکي آرام ڪيڏو اچي ٿو.

 

تڏهن پڻ ٻين کي خوشي ڇو نه ٿيندي،

ڀلائي جي ساڻن ڪرڻ ۾ ڪا ايندي.

 

گُهرين جي ٿو توسان ڪري ڪو ڀلائي،

ڪرڻ گهرجي تيئن توکي ٻين سان چڱائي.

 

ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،

ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو.