اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461983   ڀيرا پڙهيو ويو

اورچائي


گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو،

آدمي جيڪو اورچائي ڪندو.

 

من گُهريا مطلب اُنهيءَ ٿيندا نصيب،

هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب.

 

ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو،

جيئن ٿو بڻجي ڍڳ رکي هڪ هڪ ڪڻو.

 

جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو،

ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو.

 

ڏس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال،

هڪڙو اورچائيءَ سندو ٻڌجو مثال.

 

هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو،

تنهن کي ننڍڙي ڪولِي پئي ٿي ڍوئيو.

 

تنهن تي ڪنهن ماڻهوءَ چيس ڪِئلي غريب،

ڇو پئي تون هي ڪرين پورهيو عجيب.

 

چيائين مون کي دل گُهرئي سنگتيءَ چيو،

ان چوڻ تي هي اَٿم پورهيو ڪيو.

 

تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب،

چيائين ان ڪِئليءَ، سڻج تون هِي سبب.

 

وات ۾ تون ٿي کڻي ٿورو ذرو،

ڪين کٽائيندينءَ ڀلا تون هيءُ دڙو.

 

تنهن تي ڪِئلي هو چيس، هيءَ ڳالهه سڻ،

مون ۾ تان آهي اورچائيءَ جو گُڻ.

 

ڪم ڪرڻ کان ٿيندس ڪَڪَ مور ڪين،

جي مُيس ته به پاڻ چوندم آفرين.