اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461958   ڀيرا پڙهيو ويو

برسات


ويساک جو مهينو جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا،

ڄڻ آسمان اُڇليا ٿي گرم گرم گولا،

گذريو ٿي ڏينهن ڏکن جو پر رات جو به رولا،

ڪن کي پکا هٿن ۾ ڪن جا کُڏن کٽولا.

برسات ڪا پوي! هئي اِيءَ وات سڀ جي وائي،

ري مينهن مهر جي ڪٿ ٻي واهه هئي نه ڪائي.

 

ڌرتيءَ جي هاءِ! ڇاتي ساري سڪي ٺڪر ٿي،

ڪٿ هو نه گاهه ڪوئي جي ويا   سڙي  به بَر ٿي،

واري تَري تراين جي ۾ اڏاڻي سر ٿي،

وئي جوت سڀ جهنگن مان شهري ڌنڌن ۾ ڍر ٿي.

ان حال ڪيئن نه ڪڙڪي ڳوڀن جي تن ۾ ڳارو،

گگدام گاهه پاڻي پورو پسن نه چارو.

 

هارين هنيان لهي ويا، دل مست ڪئي سنگهارن،

پروردگار پل پل، پئي ياد ڪيو پنهوارن،

ٿي بيقرار فطرت، پسندي ٿي بيقرارن،

ٿيو ٿرٿلو فلڪ ۾، منجهه نکترن سيارن.

اُت عرش جون هنيون پڻ بي اختيار ٿي پيو،

هارڻ هنجن جي خاطر تهدل تيار ٿي پيو.

ڪيئن آسمان پنهنجي پهرين وَنڪ  مٽائي،

سرمائي لاهي چادر، ڌونئري لڱن ڍڪائي،

ڪارن اڇن ڪڪوريل، ڪڪرن قطار لائي،

تاڙي تنوارڙي ڪئي، برسات آئي آئي!

اولهه اتر کان سوئڙا گڏ پوربي هوا سان،

ڪا مهل ٿڌي لڳڻ سان اک پوربي هوا سان.

 

تان جو فلڪ وڄائِي نوبت نوان نغارا،

وڄ ٿي ڪنوار جهاتيون پاتيون ٿي ڏئي وارا،

شفقت جي شوق ڪڪرن پهرايا ويس ڪارا،

آب آڻي هم غميءَ کان نيڻئِون وهايا نارا

دل ۾ خوشيءَ جي دهلن دڌڪو کڻي لڳايو.

سڀ ڀيڄ ڀيڄ ڪن ٿا، چئي: مينهن آيو آيو!

 

مولا جي مهر برسي، ڌرتيءَ جي اُڃ اجهاڻي،

سرسبز سينو ان جو مرڪي هينئر نماڻي،

ٿر بر تلا تراين، پلٽيو پلر جو پاڻي،

گل ڦل ٽڙيا ولين ۾، وڻڪار موج ماڻي،

برسات ريءَ بکن ۾ جي ٿي ويا ها پورا،

ٽِپيو ڏين ٿا ٽاڏون، اڄ ڍور سي سمورا.

 

اُڀ کي ڏني امانت، ڌرتيءَ بخار سان جا،

اُڀ ڪئي ادا امانت، لڙڪن قطار سان سا،

فطرت ڪشش ٻنهي ۾ ڪئي اهڙي ڪار سان ڪا،

ڪثرت ۾ نقطو وحدت لا تائين تار سان ڇا.

پوءِ موج ۾ ”مسافر“ برسات ڇو نه آڻي،

ٿو ذرّو ذرّو جنهن جو، تن کي تکوئي تاڻي.