اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461968   ڀيرا پڙهيو ويو

پنهنجي مدد پاڻ


جيڪو پنهنجي مدد ڪري ٿو پاڻ،

ٿو ڌڻي پڻ مدد ڪري ان ساڻ.

 

ڪوبه جڏهن شروع ڪجي ڪم ڪار،

ڪري همت منجهائس پئجي پار.

 

سگهه ساري ڏني ڌڻيءَ جيڪا،

ڪم پنهنجي ۾ لائجي سڀ سا.

 

شخص سچ پچ اهوئي ڄاڻ سڄاڻ،

جو ڪڍي ڪم ۾ ڪنهنجي ڪين ڪاڻ.

 

جنهن جي همت سان آهه دل ڀرپور،

ڪم ڪرڻ کان اهو نه رهندو مور.

 

بس جڏهن اچي ڪو مشڪل ڪم،

مڙس ٿي تنهن کي لڳ ادا هڪدم.

 

 

جو نه پنهنجي مدد ڪري ٿو پاڻ،

ڪير ڪندو اچي مدد ان ساڻ!

 

ڀيمَ جوڌي جي ڳالهه هيءَ ڪر ڪَن،

نامور سورمو ٿا جنهن کي چون.

 

گاڏي ڪنهن شخص جي گتي گپ ۾،

وائڙو ٿي بيهي رهيو ڊپ ۾.

 

ڀيم جوڌي کي اُت ڪيائين پُڪار،

ڪر مدد مون سان تون اچي هڪوار.

 

ڀيم جوڌو اچي ٿيو نروار،

چيائين اُن کي ته ڪهڙي تنهنجي ڪار.

 

ڇو نه پنهنجو ڪلهو ٿو آڻين ڪم،

گاڏي تنهنجي ڇُٽي پوي هڪدم.

 

ڪيئن ڪجي ڪا مدد ڀلا اُن ساڻ،

جو نه پنهنجي مدد ڪري ٿو پاڻ.

 

پوءِ همت جڏهن ڪيئين پنهنجي،

ٿيس گاڏي ڪڍڻ تڏهن سَهنجي.

 

ڏس پنهنجي همت سندا ڪم ڪار،

ٿي ادا مڙس، پنهنجو ٻُوٽو ٻار.