اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461985   ڀيرا پڙهيو ويو

سَڄر برساتڙي


ڀال سان بيٺي اچي ڇانئي ڇمر برساتڙي،

لائي مِهرئون جڳ اوريڪن اثر برساتڙي.

 

ٺوٺ ٿي ڌرتي نماڻي اُڃ کان هئي عاجز گهڻي،

رحم جي لڙڪن سان ڪئي سا تازه تر برساتڙي.

 

خشڪ کائي گاهه ٿيا گگدام ساوڪ سيڪڙو،

جا بجا تن ڪاڻ سبزيون ڪيون سَڀر برساتڙي.

 

هٿ کنيو هاديءَ ڏي هارين ٿي اَپر ڪيون عاجزيون،

تن ڀريون جهوليون جڏهن آندي ڪڪر برساتڙي.

 

ٽاري ڪک ڪچرو ڀٽن تان ملڪ ڪيو برسات صاف،

چهچٽا چوڌار ڪيا سهڻا سڄر برساتڙي.

 

شهر ٿي ويا سر سُڪر سان ڳوٺ ڳِڱ ٿيڙا ٺري،

ڪيا ”مسافر“ لئي صداقت جا سمر برساتڙي.

ڇمر: ڪڪر

اوريڪون: سيءَ ۽ هوا سان تيز مينهن

ٺوٺ: سڪل

سَڄر: تازو