اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461967   ڀيرا پڙهيو ويو

اسڪولي ٻارن لاءِ اسيمبليءَ جو راڳ


تون اجهو آڌار آهين، جڳ سڄي جو اي ڌڻي،

جيس مٽ تنهنجو نه هرگز جوڙ ٻيو ڪو اي ڌڻي.

 

ساڻ ڪرم احسان تنهنجي رات گذري خير سان،

ڏينهن پڻ سک سان گذارج اسان جو سارو اي ڌڻي.

 

واٽ نيڪيءَ جي هلائج جنهن مان حاصل جس ٿئي،

ڏوهه پاپن کان اسانکي رک تون آجو اي ڌڻي.

 

علم ۽ اخلاق جا بهرا تون بخشج ڀال سان،

ڪج پڌر نيڪيءَ سان استادن جو نالو اي ڌڻي.

 

سا هلائج راهه مٽ مائٽ جي دل راهي رهي،

من مرادن سان ”مسافر“ ڪج قرارو اي ڌڻي.