اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461950   ڀيرا پڙهيو ويو

چڱن جي سنگت


چڱن جي سنگت ۾ گذارج سدا،

جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.

 

جنهن جي سنگت ۾ وڌي مان  شان،

چڱن جي سنگت آهي پارس سمان.

 

چڱن جي سنگت مان ملي ماڻهپو،

چڱين عادتن جو به رستو اهو.

 

سنگت بد سندو آهه بچڙوئي ڦل،

رهج تون انهيءَ کان سدائين ڇٽل.

 

سنگت آهه بڇڙيءَ جي کي هر هنڌ ڌڪار،

رهي ٿو ڪسنگي خراب ۽ خوار.