اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461977   ڀيرا پڙهيو ويو

رنگ


ڇوڪرَ توکي رنگ ڏيکاريان،

رنگ سڃاڻڻ توکي سيکاريان.

 

ڏس هن رنگ جو نالو ڇاهي،

رنگ اهو تان ڳاڙهو آهي.

 

ڳاڙهي رنگ جي صورت اهڙي،

چهنب چَتُونءُ جي آهي جهڙي.

 

ٻيو جو هيءُ تون رنگ ڏسين ٿو،

زردو جهڙو هيڊ پسين ٿو.

 

تَنهن جو نالو آهي پِيلو،

ٽيون هيءَ آسماني يا نيلو.

 

نير ۽ اُڀ جو رنگ اهو ٿيو،

نالو تنهن تي تڏهن اهو پيو.

 

اصلي رنگ اهي ٿيا ٽيئي،

جُڙن انهن مان ٻيا سيئي.

ڳاڙهي ۾ جي پيلو پوندو،

رنگ نارنگي تنهن مان ٺهندو.

 

ڳاڙهي ۾ جي نيرو گڏبو،

رنگ واڱڻائي سوئي سڏبو.

 

نيري ۾ جي پيلو وجهبو،

سَائو رنگ انهيءَ کي چئبو.

 

ڪيئن نه ملائي رنگ ڪڍيائين،

ٽن منجهان ٻيا ٽي ڪيائين.