اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461971   ڀيرا پڙهيو ويو

ڌڻيءَ جي ياد


ڌڻي سڳورو ياد ڪجي،

تنهن کي پنهنجي دل ڏجي.

 

لهي سڀن جي جو ٿو سار،

پالي جيئن ڪو پنهنجا ٻار!

 

مِرُون ۽ ماڻهو سوئي سنڀالي،

ساري جڳ کي اهوئي پالي.

 

سڀني جو سو سائين آهي،

ڏک سڀن جا سو ٿو لاهي.

 

ساري خلقت انهيءَ اُپائي،

سڀني سان ٿو ڪري ڀلائي.

 

اهڙو آهه سٻاجهو سائين،

ڪجي تنهن کي ياد سدائين.

 

سڀئي وڏائي ان جي ڳايون،

دلڙي پنهنجي ان سان لايون.