اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461979   ڀيرا پڙهيو ويو

سائينءَ جي ساراهه


ڌڻيءَ جا اسين گيت ڳايون سدا،

اڳيان تَنهن جي سر پڻ نمايون سدا.

 

اُپايو جَنهين آهه سارو جهانُ،

ڪيو آهه پيدا زمين آسمان.

 

پَکي جيت ماڻهو مِرُون بيشمار،

سج ۽ چنڊ تارا هزارين هزار.

 

هوا، باهه پاڻي ضروري شيون،

اُپايون اَٿس جي ملن بي مُلهيون.

 

وڏائيءَ سندس جا وڏا ٿيا بيانَ،

نه طاقت رکي ٿي اسان جي زبان.

 

اسان کي ڏئي شال سگهه سو ڌڻي،

ڪَريون يادگيري سندس تان گهڻي.