اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461959   ڀيرا پڙهيو ويو

هرڻي ۽ سردار


ٻڌو هيءَ ڳالهه هڪ هرڻيءَ جي ٻارو،

ڪريان هت رحم جو ٿو ذڪر سارو.

ته غزني شهر جو هو هڪڙو سردار،
ويو جهنگل ڏي ٿي گهوڙي سوار.

گهڻو ان جهنگ ۾ گهوڙو هلايو،

مگر هٿ ڪو شڪار ان کي نه آيو.

ڏٺو اُن نيٺ هڪ هرڻيءَ جو ٻچڙو،
پٺيان ان جي ڇڏيائين گهوڙو تڪڙو.

ٻچو ڊوڙي ڊڪي آخر ٿڪجي پيو،

کڻي سردار سو گهوڙي مٿي ڪيو.

جڏهن ٻچڙو کڻي موٽيو ٿي سردار،
تڏهن هرڻي به ڊوڙي آئي هيڪار.

پلي هرڻي مرڻ کان ڪين سائي،

ڪندي دانهون پٺيان گهوڙي جي آئي.

ڏسي هرڻي تنهن کي ڪهل پئي،
کڻي لاهي ڇڏيائين ٻچڙو اُتيئي.

وٺي ٻچڙي کي هرڻي جهنگ ويئي،

ٻڌو سردار گهوڙو گهر ۾ ليئي.

جڏهن ٿي رات آئي ننڊ سردار،
تڏهن خواب ۾ ٿيس آواز هن پار.

”ته توکي ٻاجهه هن هرڻيءَ تي آئي،

انهيءَ عيوض ۾ ملندءِ بادشاهي.“

ڌڻيءَ ان تي وري اهڙو ڪرم ڪيو،
جو اهو سردار جلد ئي بادشاهه ٿيو.