اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461952   ڀيرا پڙهيو ويو

صبح


صبح جي چڱي مهل آهي گهڻي،

رکي خاصيت ان ۾ خاصي ڌڻي.

اول تارو نڪري وهائو جڏهن،
پرهه ڀلي اوڀر ڦٽي ٿي تڏهن.

ٿيو تارا هڪٻئي پٺيان گم وڃن،

نشانيون صبح جون ٿيون ظاهر ٿين.

پکي ٿا اٿي ڪن مٺيون ٻوليون،
وڻن تن جون دل کي پيون لوليون.

لڳي هير ان وقت ٿي دل پسند،

ٿئي ڪين ٿي سا صبح تائين بند.

انهيءَ دم چڱو پيو وڻي آسمان،
لڳن دل کي خوش باغ وڻ ٽڻ مڪان.

سڄي رات آرام سان ٿا سمهون،

صبح جو چڱا چاق ٿي ٿا اُٿون.

اٿي ٿورا مڃجن ڌڻيءَ جا هزار،
اسان جي سڄي رات جنهن ڪئي سنڀار.

وڃي پوءِ پنهنجو ڪجي ڪم ڪار،

صبح جي اها ڳالهه رک دل تي ٻار.