اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461961   ڀيرا پڙهيو ويو

علم سڌارو آهه


دل سندو ۽ عقل جو سهڻو سڌارو علم آهه،

سچ پڇو هن ساري عالم جو اُجارو علم آهه.

 

علم ڌاران ڪيئن سڃاڻي آدمي پنهنجو ڌڻي،

جڳ جي سڀني نعمتن ۾ بس ڀلارو علم آهه.

 

آهه سڀ ڪنهن ديس توڙي قوم جو سينگار علم،

ساهه جيئن هر سمجهه واري کي پيارو علم آهه.

 

علم بخشڻ جي نوازش ڪر اسان تي اي ڌڻي،

اي سٻاجها حال سڀ جو توکي سارو علم آهه.

 

ديس ۾ پرديس ۾ اڻ هُوند توڙي هُوند ۾،

ڪيو ”مسافر“ چوطرف نوري نظارو علم آهه.