وڻ
ڏسو ته وڻ ڪيئن ڪري ڀلائي،
ان مان سڀ کي رسي چڱائي.
سڙي اُسن ۾ پاڻ سدائين،
ڇانوَ ڏيڻ کان رهي نه جائي.
ٽاريون اُن جون سدا نمن ٿيون،
هٺُ وڏائي ڪين رکن ٿيون.
ڌَڪُ هڻي تان ٻُور ڏئي ٿو،
پَٽ تي ميوو ڪري پوي ٿو.
ڪرڻ نه گهرجي ڪنهن کي وڏائي،
ڪجي بُرن سان پاڻ ڀلائي.