اسيمبليءَ جو راڳ

ڪتاب جو نالو اسيمبليءَ جو راڳ
ليکڪ منوج ڪمار
سنڌيڪار / ترتيب غلام مصطفيٰ سولنگي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-077-7
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

20 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     461972   ڀيرا پڙهيو ويو

وڏو ڏينهن


ٿئي ٿو وڏو ڏينهن ڪوئي جڏهن،

ٿين بند اسڪول ٿا سڀ تڏهن.

 

اچي جي ڏياري ٿئي عيد ڪا،

ته ڏاڍا اسان لَئه ٿين ٿا مزا.

 

رهون راند ۽ دل کي خوش ٿا ڪريون،

نوان وهنجي ٿا پوءِ ڪپڙا ڍڪيون.

 

خوشين ۾ سڄو ڏينهن رهون ٿا لڳا،

ملهايون وڏو ڏينهن ان ريت ٿا.