فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5929) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638111   ڀيرا پڙهيو ويو

ناشر پاران


ڪلهوڙن جو دؤر سنڌي ادبي تاريخ ۾ ”سونهري دؤر“ ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کانسواءِ ڪيترن ئي عالمن ۽ اڪابرن سنڌي علم ۽ ادب کي مالا مال ڪيو. ابوالحسن سنڌيءَ سندس مدرسي ۾ طالبن کي اسلامي مسئلا سنڌيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ نه صرف هڪ صورتخطي جوڙي بلڪ انهيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب پڻ لکيا. اهو سلسلو ان کان اڳتي هليو، سندس شاگرد مخدوم ضياءُ الدين ۽ ان جو شاگرد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پڻ انهيءَ دؤر جا وڏا عالم هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪتاب لکڻ کانسواءِ سنڌيءَ ۾ به ڪتاب لکيا. سندس عربي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”فرائض الاسلام“ نالي عالماڻو ڪتاب هو، جيڪو هن وڏي تحقيق ڪري لکيو هو. سندس ئي لائق پٽ مخدوم عبداللطيف ان جو سنڌيءَ ۾ 1181هه ۾ ترجمو ڪيو ته جيئن سنڌي ماڻهو اسلام جي بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ حاصل ڪري سگهن، جنهن جو نالو هن ”فرائض السلام سنڌي“ رکيو.

انهيءَ ڪتاب جي قدامت جي ڪري خاص اهميت آهي پر ان کان وڌيڪ ان ڳالهه جي به اهميت آهي ته ان ۾ ان دؤر جي سنڌي محفوظ ٿيل آهي، جنهن جو هڪ خاص لهجو ۽ لفظي ذخيرو آهي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران پنهنجي جهوني ادب ۽ ٻوليءَ جي نمونن کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ رٿا هلندڙ آهي. انهيءَ رٿا تحت هي ڪتاب  ”فرائض الاسلام سنڌي“ڇاپي رهيا آهيون، اميد آهي ته عام پڙهندڙ ۽ ان موضوع تي تحقيق ڪرڻ وارا ان مان لاڀ پرائيندا.

 

3 جون ، 2009ع

حيدرآباد- سنڌ.

 

ڊاڪٽر فهميده حسين

چيئرپرسن