فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5936) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638473   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ٻيو


فرض ڪفايه جو بيان

ان ۾ ڪتاب سورنهن فرض لکن ٿا.

  1. سلام جو جواب ڏيڻ. پر سلام جو جواب ڏيڻ سنت موڪده آهي.
  2. ڇڪ جو جواب ڏيڻ پڻ فرض آهي. ڇڪ جي جواب ۾ ”يرحمڪ الله“ چئجي يا ”يرحمڪ الله“ جهڙو ڪو ٻيو لفظ چئجي. ڪتاب لکن ٿا، ته صحيح قول اهو آهي. امام اعظم جي مذهب ۾ قوت ان قول کي آهي. شرح مشڪوات ۾ ان جو بيان آهي، جيڪو شيخ عبدالحق جي تصنيف آهي. ڪن عالمن، جيڪي دين جا باني آهن، چيو آهي، ته ڇڪ جو جواب ڏيڻ مستحب آهي. ڇڪ جو جواب ڏيڻ جي فرضيت ان وقت آهي، جڏهن ڇڪ ڏيندڙ ڇڪ جي پٺيان ”الحمدلله“ چوي ۽ اهو حمد ٻڌجي. پر جي ڇڪ ڏيڻ پٺيان ڪنهن حمد نه ڪيو يا حمد ڳجهو ڪري ڇڏيائين، جنهن کي ڪنهن شخص ڪونه ٻڌو، ته انهن ٻنهي صورتن ۾ ٻڌندڙ تي واجب ناهي، پر ڇڪ جو جواب ڏيڻ ٽي ڀيرا فرض آهي. جي ڪنهن هڪ کان ڇڪ جو حمد ٻڌي. پر ٽن ڀيرن کان پوءِ علماءَ چون ٿا، ته ڇڪ جو جواب ڏيڻ مستحب آهي، ان ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي. جي هڪڙي ڇڪ ڏيندڙ کان گهڻن ماڻهن حمد ٻڌو، ٻن، ٽن يا ان کان به وڌيڪ، ته سڀ ڪنهن جو ان کان جواب فرض ڪفايه آهي. ويندي ٽن ڀيرن تائين فرض چون ٿا.
  3. ميت کي اهڙيءَ طرح غسل ڏيارڻ، جو ان جي عضون مان ڪوبه عضوو ڌوئڻ کان رهجي نه وڃي. تر جيترو يا ان کان به ٿورڙو عضوو ڇو نه هجي. غسل ميت جا چوٽيهه فرض آهن. انهن جو ٻارهين فصل ۾ تفصيل گذريو.
  4. ميت کي ڪفن ڏيڻ به فرض آهي. ڪپڙي مان هجي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ مان، جنهن سان ميت جو جسم کليل نه رهي. جيڪڏهن ڪفن ٿورو ميسر آهي، ته جيڪو حصو ڪفن سان نه ڍڪيو آهي ته ان کي حصير (تڏي/ توري) يا گاهه سان ڍڪي ڇڏجي. يا ان قسم جي ٻين شين سان ڍڪي ڇڏجي.
  5. ميت جي مٿان جنازي جي نماز پڙهڻ.
  6. ميت کي زمين ۾ دفن ڪرڻ.
  7. مريض جي طبع پرسي ڪرڻ پڻ فرض ڪفايه آهي. اهو حنفين جو مذهب آهي، پر شافعي ان کي سنت چون ٿا. شرح عين العلم ۾ ان جو بيان آهي، جيڪو شيخ علي قاريءَ جي تصنيف آهي.
  8. بادشاهه جي مدد ڪرڻ فرض آهي، جڏهن اهو ڪافرن حربين سان جهاد ڪري، هيءَ مدد ڪرڻ فرض ڪافيه آهي؛ جڏهن لشڪر کان عام ڇوٽڪارو نه ٿئي؛ پر جي ڪنهن لشڪر کان عام ڇوٽڪارو ٿئي، ته خلق تي جهاد فرض عين ٿي پوندو. توڙي زالون هجن توڙي مرد.
  9. امر بالمعروف ڪرڻ فرض ڪفايه آهي.
  10. بڇڙن ڪمن کان منع ڪرڻ فرض ڪفايه آهي. پر اهي به فرض انهن تي آهن جيڪي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪري سگهن. پر هيءُ ٻئي فرض ڪڏهن فرض عين ٿي ويندا آهن؛ جڏهن ڪو ٻيو ان کان سواءِ انهن ڪمن کي نه ٿو ڄاڻي يا ٻئي کي قدرت ناهي، ته اهي ڪم روڪي سگهي. جيئن پٽ کي ڏسي يا زال يا ٻانهي کي، ته اهڙا ڪم ٿا ڪن، جيڪي غلط آهن، ته اهڙي وقت ۾ روڪڻ فرض عين آهي.
  11. سڄو قرآن ياد ڪرڻ، ان مقدار کان وڌيڪ جيڪو نماز جي درستي لاءِ ضروري آهي. نماز جي درستيءَ جي مقدار جيترو قرآن ياد ڪرڻ هر شخص لاءِ فرض عين آهي؛ ان جو اڳئين ڪلام ۾ بيان گذريو.
  12. ڪنهن مظلوم سان پنهنجي قدرت آهر مدد ۽ خدمت ڪرڻ، فرض ڪفايه آهي.
  13. انهن شخصن وچ ۾، جيڪي پاڻ ۾ وڙهيا آهن، صلح ڪرڻ پنهنجي وس آهر ان جي ڪوشش ڪجي.
  14. قضا کي قبول ڪرڻ فرض آهي.
  15. مسئلن جي فتويٰ قبول ڪرڻ. ماڻهن کي مسئلا ڪتابن مان ٻڌائڻ. پر هيءُ ٻئي فرض ڪفايه ان وقت چئبا، جڏهن شهر ۾ قضا ۽ فتويٰ جي لائق شخص گهڻا موجود آهن. پر جي شهر ۾ اهڙو هڪڙو موجود آهي، جيڪو قضا ۽ فتويٰ ڏئي سگهي ٿو، ته ان تي هيءُ ٻئي امر قبول ڪرڻ ڪتابن موجب فرض ڪفايه چئبا. پر جي شهر ۾ هڪڙو شخص موجود آهي جيڪو فتويٰ جو ڀلو ۽ صالح آهي، ته ان تي فتويٰ ڏيڻ فرض عين آهي. جيڪڏهن شهر ۾ هڪڙو شخص اهڙو موجود آهي، جنهن وٽ قضا جي لياقت آهي، ته ان تي قضا جو قبول ڪرڻ فرض عين آهي.
  16. فرض آهي، ڪنهن حاڪم آڏو شاهدي ڏيڻ. الله جي حق ۾ حدودن کان سواءِ ٻانهن جي حقن جي معاملي ۾ شاهدي ڏيڻ فرض ڪفايه آهي؛ جڏهن حق وارو ماڻهو شاهديءَ لاءِ سڏي، پر جڏهن شاهد پورا ٻه هجن، ٻن کان مٿي ڪو شاهد بنهه موجود ڪونهي، ته ان وقت شاهدي ڏيڻ فرض عين آهي، جڏهن حق وارو کانئن شاهدي طلب ڪري، پر جي حق وارو ڪا طلب نه ڪري، ته ان صورت ۾ ان تي شاهدي ڏيڻ نه فرض عين آهي نه ڪفايه.

 

 

خاتمو

هن سنڌيءَ جو خاتمو سٻاجها ڌيان سان ٻڌ! ان ۾ پورا ٽي فائدا بيان ڪيا اٿم.

پهريون فائدو:

اهو  آهي ته سڀڪو مؤمن مشتاق اهو ڄاڻي، ته هن سنڌيءَ ۾ هيستائين جيڪو رب جي فرضن مان ذڪر ٿيو، فرض عين مان يا فرض ڪفايه مان، انهن مان اهي فرض عين، جن جو دين اسلام جي پنجن رڪنن سان تعلق آهي، جن تي اسلام جو بنياد رکيل آهي، انهن مان سؤ ٻٽيهه اهي آهن، جن جو عقيدن سان تعلق آهي. هڪ سؤ چاليهه اهي آهن، جن جو طهارت سان تعلق آهي. هڪ سؤ ڇٽيهه اهي آهن، جيڪي نماز جا فرض آهن. ٻياسي فرض زڪوات ۽ اضحيٰ جا آهن. صدقي فطر جا فرض به ان عدد ۾ داخل آهن. چوهٺ روزن ۽ اعتڪاف جا، هڪ سؤ ايڪيتاليهه حج ۽ عمري جا. ايڪهٺ اهي فرض آهن، جن جو پنجن رڪنن سان تعلق بنهه ناهي. فرض ڪفايه جا سورنهن آهن. جن جو پنجن رڪنن سان تعلق بنهه ناهي. فرض ڪفايه جا سورنهن آهن. ان طرح ٽوٽل جيڪي هن سنڌيءَ ۾ بيان ڪيا اٿم، سي هڪ هزار ٻه سؤ ٻاهٺ آهن.

ٻيو فائدو:

اهو آهي، ته جيڪي فرض سنڌيءَ ۾ ذڪر ٿيا، سي خالص عبادت جي باب سان تعلق رکن ٿا ۽ ڪجهه معاملن جي باب سان تعلق رکن ٿا؛ پر اهي اهڙا آهن، جن ۾ عبادت جي معنيٰ مخلوط آهي. انهن مان ڪي فرض پنجن اسلام جي بنائن سان تعلق وارا چئبا. ڪي انهن مان اهڙا چئبا، جيڪي پنجن بنائن جي غير سان تعلق وارا چئبا. پر جيڪي فرض خالص معاملي جي باب سان تعلق رکن ٿا، تن مان مون ڪوبه فرض ذڪر نه ڪيو آهي. انهن جا تمام گهڻا فرض آهن. انهن جو شمار ئي ڪونهي. جنهن کي انهن جي طلب هجي، سو انهن جو فقهه جي ڪتابن ۾ غور سان مطالعو ڪري، جيڪي معاملن جي باب ۾ تصنيف ٿيل آهن.

ٽيون فائدو:

ڪن سنڌ جي عالمن لکيو آهي، ته مذهبن جو ڄاڻڻ پڻ فرض آهي، پر اهو مون کي ڪنهن ڪتاب ۾ نه لڌو؛ جيتوڻيڪ گهڻي ئي ڳولها ڦولها به ڪيم. پڻ ان عالم فرضن مان اهو به لکيو آهي ته پنجن قبلن جو ڄاڻڻ به فرض آهي. هڪڙو قبلو انهن مان عرش عظيم آهي عرش انهن جو قبلو آهي، جيڪي ان جا کڻندڙ آهن. ڪرسي ملائڪن ڪروبين جو قبلو آهي. بيت المعمور ٻين ملائڪن جو قبلو آهي. بيت المقدس مڙني نبين جو قبلو آهي، ڪعبو حضرت احمد ﷺ جن لاءِ قبلو آهي ۽ امت مبارڪ جي مؤمنن لاءِ قبلو آهي؛ پر اهو مسئلو مون ڪنهن ڪتاب ۾ نه لڌو، ته انهن قسمن جو ڄاڻڻ به ڪو فرض آهي. البته اسان تي اهو ڄاڻڻ فرض آهي، ته ڪعبو رسول خدا ﷺ جن جو قبلو آهي ۽ الله جي حبيب جي امت جو قبلو آهي. ڪعبي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ فرض آهي. اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ڪعبي ڏانهن منهن ڪرڻ جو تصور ٿي ئي نه ٿو سگهي.

۽ پڻ ان عالم لکيو آهي، ته رسول حضرت محمد ﷺ جو شجرو، جيڪو عبد مناف تائين آهي، تنهن کي ڄاڻڻ فرض آهي. ڪنهن ڪتاب ۾ مون کي ان جي فرضيت نه لڌي، جيتوڻيڪ ان ۾ گهڻو ئي غور ويچار به ڪيم. بلڪه جامع الرموز ۾ مرتدن جي حڪم جي بيان ۾ ۽ ڪتاب منيه ۾ واضح طريقي سان آهي، ته اسلام جو فرض ۽ شرط آهي، ته رسول حضرت احمد ﷺ جو نالو معلوم هجي. ان کان سواءِ ڪنهن جو به اسلام نه ٿو ٿي سگهي. پر حضرت رسول جي والد جو نالو ڄاڻڻ ۽ ڏاڏي رسول ﷺ جو ڄاڻڻ فرض ناهي. جامع الرموز جي عبارت هتي پوري ٿي.

پڻ ان عالم فرمايو، الله رحمت ڪريس، ته سڀ ڪنهن روزي جي رمضان شريف ۾ نيت ڪرڻ فرض آهي. تانته هيءُ رمضان ۾ نيتون پورا اڻٽيهه يا ٽيهه فرض ٿيون. مون انهن کي الڳ فرض شمار نه ڪيو آهي. جي سڀ ڪا نيت الڳ فرض ڳڻجي، ته سڀ ڪنهن نماز جون پڻ نيتيون ڳڻجن. ان جي سڀ ڪنهن نيت جو جدا حساب ڪجي. پڻ نفل روزي ۾ نيت فرض آهي؛ جيئن رمضان جي روزن ۾ نيت فرض آهي. نفلي روزن جو ڪو اندازو ئي ڪونهي. نفلي روزن جي نيت اندازي کان ٻاهر آهي. ان ڪري اهي نيتون حساب ۾ داخل نه ٿينديون ۽ پڻ رمضان جي مهيني جو تڪرار ۽ ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو. هر نئين سال ۾ رمضان اچي ٿو. ۽ فرض نيت جو به تڪرار ۽ ورجاء ٿيندو رهي ٿو. هر ورهيه ۽ هر شخص وٽ، جن مان ڪن جون عمريون ننڍيون، ته ڪن جون وڏيون آهن. انهن جو ليکو ته ڪري ئي نه ٿو سگهجي، ان ڪري مون روزي جي نيت هڪڙو فرض ڳڻي آهي ۽ نمازن جي نيت پڻ هڪڙو فرض ڳڻي اٿم. پڻ ان عالم فرمايو آهي، ته چئن علمن جو ڄاڻڻ به فرض آهي، جن چئن علمن جو تفصيل هن طرح آهي: پهريون علم توحيد جو، ٻيو نماز جو، ٽيون روزه جو، چوٿون علم حيض ۽ نفاس جو. پر مون انهن کي فرض ڪري نه لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ انهن ۾ داخل آهن، جيڪي اڳ ۾ ذڪر ٿيا آهن. علمن جي ڄاڻڻ جي معنيٰ اها آهي، ته انهن جي فرضن جو ڄاڻڻ فرض آهي ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ، جن جي صفت اها آهي، ته انهن سان فرضن جو ڇڏڻ فرض ٿي پئي ٿو ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ جيڪي نماز جا ڀڃندڙ آهن ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ جيڪي روزي جا ڀڃندڙ آهن. جڏهن ته اهو انهن فرضن ۾ داخل آهي، جن جو اڳئين ڪلام ۾ مون بيان ڪيو آهي. هتي سنڌي پوري اچي ٿي. جنهن تي الله جو شڪر ۽ حمد ۽ صلواتون ۽ سلام رسول ﷺ تي، جيڪو عالم جو امام آهي ۽ ان جي آل ۽ ڀلن اصحابن تي.

فقير عبداللطيف سنڌي تصنيف يارنهن سؤ ايڪاسيءَ ۾ ڪئي. جيڪو هيءَ سنڌي پڙهي، سو هن عاجز جي حق ۾ ساري مهر منجهان دعا ڪري ۽ پڻ سندس اولاد ۽ مائٽن لاءِ، ته خير جو خاتمو کين نصيب ٿئي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال هجن. آمين آمين آمين.