ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638169 ڀيرا پڙهيو ويو |
پاڪائيءَ سان تعلق رکندڙ فرضن جي بيان ۾
هن فصل ۾ مون کوهن جي پاڪائيءَ سان تعلق رکندڙ فرض شامل ڪيا آهن. اهي حدث، جيڪي شريعت موجب وضوءَ جا ڀڃندڙ آهن، تن کان پاڻ کي وضوءَ جي ذريعي پاڪ ڪرڻ فرض آهي، ۽ پڻ غسل ذريعي پاڪ ڪرڻ پڻ فرض آهي. پر وضو ۽ غسل فرض تڏهن آهي، جڏهن پاڻي موجود هجي. نه ته ٻنهي جي قائم مقام تيمم کي چون ٿا. تيمم ڪرڻ فرض ٿيندو، جيڪڏهن پاڻي موجود ناهي ته نماز لاءِ، جسم، ڪپڙن ۽ جڳهه جو پاڪ ڪرڻ پڻ فرض آهي، پر اهو تڏهن جڏهن انهن ۾ پليتي مانع قدر جيتري هجي. مانع قدر جو بيان اهو آهي ته مغلظ پليتي درهم کان وڌيڪ هجي ۽ مخفف پليتي نمازيءَ جي ڪپڙي تي چوٿين پتيءَ کان وڌيڪ هجي ۽ پڻ نمازيءَ تي هيءُ امر فرض چون ٿا ته نماز جي حالت ۾ پليتي نه کڻي، جيتوڻيڪ اها پليتي جسم تي نه به هجي. ڪپڙي تي ۽ نماز واريءَ جاءِ تي نه به هجي. مثال جيڪڏهن ڪو نمازي نماز پڙهي، ۽ سندس مٿو ان ڇت سان لڳي ٿو يا ان تنبوءَ سان لڳي ٿو جيڪو پليت آهي. ته ان جي نماز هرگز درست نه ٿيندي. ان کان پوءِ مؤمنو! ٻڌو ۽ هينئين سان هنڍايو ته پاڪائيءَ سان تعلق رکندڙ فرض ڳاڻيٽو ڪرڻ سان چوئيتاليهه ٿيا.
(1) انهن مان پهريون سٻاجهڙؤ! ٻڌو! اهو آهي ته جيڪا شيءِ حقيقي پليتيءَ سان پليت ٿي ۽ اها شيءِ شين منجهان هجي ته ان کي ان جڳهه تان ڌوئڻ فرض آهي جنهن جڳهه تي پليتي موجود آهي. ۽ اها پليتي قدر مانع جيتري آهي يعني درهم کان وڌيڪ (يا چوٿين حصي ڪپڙي کان وڌيڪ) ٻڌي ياد ڪجان.
(2) ٻيو فرض اهو آهي ته اهڙي پليتي مطلق پاڪ پاڻيءَ سان ڌوئجي يا مقيد سان، جيئن گلاب، گدري يا ڇاهينءَ جو پاڻي يا جيئن بادرنگ جو پاڻي مقيد آهي يا اُهي پاڻي جيڪي ميون مان ڪڍجن يا ترڪارين/ ڀاڄين مان ڪڍجن. ته به اها پليتي انهن سان ڌوئڻ درست آهي. يا اهڙي ڪنهن پٽڙيءَ شيءِ سان جيڪا پليتيءَ جو بنياد ختم ڪري، جيڪو نپوڙڻ سان نپوڙجي. جيئن سرڪو ۽ ان جهڙيون شيون چون ٿا. پر ان پليتيءَ جو کير جهڙي قسم جي شيءِ سان لاهڻ درست ناهي. نه تيل ۽ گهه سان پليتي ڌوئڻ جڳائي ۽ پڻ اهڙيون ٻيون شيون، جيڪي انهن وانگر سڻڀيون آهن. تن جو پڻ اهوئي حڪم آهي.
(3) ٽيو فرض اهو آهي ته جيڪي شيون ذڪر ٿيون، جيڪي شريعت جي حڪم سان پليتي لاهن ٿيون، سي پاڻ پنهنجي ذات ۾ پاڪ هجن. اهي پاڻ مستعمل هجن يا ٻيو ڪجهه دين جا عالم مستعمل پاڻيءَ کي پاڪ چون ٿا.
پر اهو حڪمي پليتيءَ: حدث ۽ جنابت کي ماڳهين پاڪ ڪندڙ ڪونهي؛ پر حقيقي پليتي جنهن جو نالو آهي، ان کي پاڪ ڪندڙ آهي. انهيءَ روايت تي عالمن جي فتويٰ آهي. جيڪڏهن ڪو شخص پليت پاڻيءَ سان ڌوئي، حقيقي پليتيءَ يا حڪمي پليتيءَ کي، ته اها پليتي بنهه ختم ڪانه ٿيندي؛ ڪتابن جي صحيح قول مطابق. پر ڪن عالمن هن طرح بيان فرمايو آهي، ته جيڪڏهن ماڻهو پليت پاڻيءَ سان ڌوئي يا پليت شيءِ سان ڌوئي، ڪنهن پليتيءَ کي، ته ان جو حڪم اهو آهي، ته پهرين پليت شيءِ جو حڪم هليو ويندو ۽ ٻي پليتي جو حڪم باقي رهجي ويندو. جيڪڏهن اهڙي پليتي، جيڪا مغلظ آهي، تنهن کي اهڙي پليتيءَ سان ڌوئي جا خفيف آهي. جيئن ڇيڻو يا پاخانو آهي، ان کي حفيف پليتي جيئن انسان، ڍڳي يا ٻين جانورن جي پيشاب سان ڌوئي، جن جو کائڻ شريعت ۾ حلال آهي، ته پوئين قول مطابق مغلظ پليتيءَ جو حڪم نه رهندو، جڏهن ته خفيف پليتيءَ جو حڪم ان ۾ رهجي ويندو. پر پهريون قول وڌيڪ صحيح ۽ معتبر آهي. جنهن تي ماڻهن فتويٰ ڏني آهي. ڪتاب امداد الفتاح ان طرح لکيو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ اهو ذڪر آهي.
(4) پليت جاءِ جو ڌوئڻ اهڙي شيءِ کان جا پليت آهي، ايستائين جو پليتيءَ جو عين ۽ اثر زائل ٿي وڃي. ۽ پڻ بوءِ ۽ رنگ جو اثر زائل ٿي وڃي. جيڪڏهن اها پليتي ’مرئي‘ هوندي، جيڪا ڌوئڻ کان اڳ ڏسڻ ۾ اچي. برابر آهي ته: اها جسم کي لڳي يا ڪپڙي کي يا ان جهڙي ڪنهن شيءِ کي ۽ اها تغاري يا ٿالهه ۾ ڌوئي يا ان کي ننڍي حوض ۾ ڌوئي، يا وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڌوئي يا اهڙي وڏي حوض ۾ ڌوئي جنهن جو وهندڙ پاڻيءَ جو حڪم آهي. پر جيڪڏهن پليتيءَ جو اثر زائل ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي، جيئن اثر وڃائڻ ڪنهن ٻي شيءِ جو محتاج ٿئي، جيڪا پاڻيءَ کان سواءِ ڪا ٻي آهي، ته ان صورت ۾ اثر وڃائڻ ماڳهين فرض ناهي.
(5) فرض آهي ٽي ڀيرا ڌوئڻ ۽ ٽئي پيرا ڌوئي ان سان گڏ نپوڙڻ اهڙيءَ طرح جو ان ۾ پنهنجي پوري سگهه ڪم آڻجي. انهيءَ سگهه ۾ جيڪو نپوڙيندڙ آهي، شريعت ۾ ان جي سگهه کي اعتبار آهي. اهو مسئلو ان صورت ۾ آهي جڏهن اها شيءِ، جيڪا نپوڙجي ٿي، سا سگهاري هجي ۽ هيءُ مسئلو ان صورت ۾ آهي جڏهن پليتي ’غير مرئي‘ هجي، يعني جيڪا ڏسندڙ کي ماڳهين ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ پڻ اها ڪپڙي کي رسي ۽ ان جهڙي ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي رسي جيڪا نپوڙجي سگهي.
(6) فرض آهي ٽي ڀيرا ڌوئڻ ۽ ٽئي ڀيرا ڌوئي نپوڙڻ، ايتري قوت سان، جيڪا اها شيءِ برداشت ڪري سگهي جيڪا نپوڙجي ٿي. اهو ان صورت ۾ جڏهن اها شيءِ جيڪا نپوڙجي ٿي سا ضعيف ۽ نازڪ آهي.
(7) فرض آهي، ٽي ڀيرا صرف ڌوئڻ، ان ۾ نپوڙڻ فرض ڪونهي. سو ان صورت ۾ آهي، جڏهن پليت شيءِ جيڪا پاڪ ڪرڻي آهي، سان اهڙي آهي، جو نپوڙجي نه ٿي سگهي، جيئن: ماڻهوءَ جو جسم، ڪاٺي، ٺڪر ۽ پڪي سر، جڏهن انهن کي مرئي پليتي، جيڪا ڏسڻ ۾ اچڻ واري آهي، سا لڳي آهي. انهن شين کي ’مرئي‘ پليتي لڳي آهي، ته ان جو حڪم اهو آهي، جيڪو چوٿين فرض ۾ گذريو، ته ان جو اثر ۽ وجود وڃائبو. جيڪڏهن ان جو اثر وڃائڻ ڏکيو نه هوندو ته؛ پر ان ستين فرض جو حڪم تڏهن ٿا چون جڏهن اها شيءِ جنهن کي پليتي لڳي آهي، سا چوهندڙ ۽ پليتيءَ کي پيئندڙ نه هجي.
(8) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن، اها شيءِ جنهن کي پليتي لڳي آهي، سا اهڙين شين منجهان آهي، جيڪا پليتيءَ کي چوهندڙ آهي، جيئن: ٺڪر، پڪي سر يا ڪاٺي، جيڪي نيون هجن، استعمال نه ٿيون هجن ۽ زمين ۾ فرش نه ٿيون هجن ته انهن کي پورا ٽي ڀيرا ڌوئڻ فرض آهي، ۽ ٽي ڀيرا انهن کي سڪائڻ فرض آهي. جيئن انهن مان ٽمڻ ۽ ڦڙهو ڦڙهو وهڻ بند ٿي وڃي ۽ اهو ان جو هر ڀيري سان سڪائڻ شريعت ۾ نپوڙڻ جي جڳهه تي آهي. سگهو اهڙي سر جو بيان ايندو، جيڪا زمين ۾ کوڙي فرش ڪئي وئي آهي. پر هيءُ سڀ حڪم جيڪي گذريا، سي سڀ تڏهن آهن، جڏهن اهي تغاريءَ يا ڪنهن ٻي اهڙي شيءِ منجهان ڌوئي.
(9) پر جي انهن شين کي وهندڙ پاڻيءَ منجهان ٿو ڌوئي، يا ڪنهن اهڙي پاڻيءَ منجهان ٿو ڌوئي جنهن جو حڪم وهندڙ پاڻيءَ وارو آهي. جيئن: وڏو حوض ڏهه باءِ ڏهه وارو. يا جيئن انهن مٿان گهڻو پاڻي اوتي ٿو، ته ان صورت ۾ ان جي حڪم جو تفصيل هيءُ آهي ته جيڪڏهن پاليتي ’مرئي‘ آهي، ته ان جو عين وجود وڃائڻ ۽ پڻ اثر وڃائڻ فرض آهي. جيڪڏهن اهو سولو هجي ته؛ پر جيڪڏهن اثر وڃائڻ ڏکيو ٿئي ته اهڙي وقت ۾ اثر وڃائڻ معاف آهي؛ انهيءَ صورت ۾ ٽي ڀيرا ڌوئڻ فرض ناهي. نه ئي نپوڙڻ ان ۾ فرض چون ٿا، نه ئي ٽي ڀيرا نپوڙڻ فرض چون ٿا، اهڙي شيءِ ۾ جيڪا نپوڙجي سگهي ٿي ۽ نڪوئي اهڙي شيءِ جو سڪائڻ فرص ٿا چون جيڪا نپوڙڻ جوڳي ناهي. توڙي اها چوسيندڙ هجي توڙي نه هجي. پر هيءُ سڀ حڪم ان صورت ۾ آهن جڏهن ماڻهو پليتيءَ جو هنڌ سڃاڻي، ته هيءُ هنڌ آهي جنهن کي هيءَ پليتي لڳي آهي، يا هيءُ جسم آهي جنهن کي پليتي لڳي آهي.
(10) پر جيڪڏهن پليتيءَ جو ماڳ ماڳهين مقرر ناهي ته ان صورت ۾ فرض هن طرح ٿا عالم لکن ته اهڙيءَ شيءِ منجهان ان جو ڪو هڪ پلو ڌوئي، سوچي پوءِ ڌوئي يا سوچڻ کان اڳي ئي ڌوئي ڇڏي.
(11) يارهين فرض جو بيان هيءُ آهي ته جيڪڏهن موزو، جتي ۽ کل، جيڪا وارن کان بنا آهي، پليت ٿي پيا ته ان صورت ۾ انهن کي اهڙي شيءِ سان مهٽڻ فرض آهي. جنهن سان اثر پليتيءَ جو وڃائجي وڃي. جيڪڏهن پليتي جسم واري آهي. جيئن ڇيڻو يا پاخانو ماڻهوءَ جو.
(12) فرض چون ٿا ته موزي جتيءَ جي قسم جي شيءِ جو اهڙي صورت ۾ ڌوئڻ فرض آهي جڏهن انهن کي اهڙي پليتي لڳي جنهن کي جسم ڪونهي، جيڪا پٽڙي آهي، جيئن! پيشاب يا شراب.
(13) فرض آهي، اهڙي کل جو ڌوئڻ، جيڪا گهڻن وارن واري آهي. سا جڏهن پليت ٿئي ته آگي جي حڪم سان ڌوئڻ سان پاڪ ٿي ويندي.
(14) اهي شيون جيڪي سخت آهن، جيئن آئينو، ڪائو، تراڙ، هڏو، ڪاٺي، سون جا پٽ، رپئي جا پٽ، جن تي چٽ چٽيل نه هجن، سي جڏهن پليت ٿين، ته اهي ٽن طريقن مان ڪنهن هڪ سان پاڪ ٿينديون. جيئن ڪو انهن کي اهڙيءَ طرح اگهي جو انهن تان پليتيءَ جو اثر وڃائجي وڃي. يا ڪو انهن کي اهڙيءَ طرح ڌوئي جو انهن جو اثر وڃائجي وڃي يا انهن کي باهه ۾ ساڙي ته انهن ٽنهي طريقن سان مٿيون شيون پاڪ ٿي وينديون. پليتي، سڪي هجي، سائي هجي، سنهي هجي يا ٿلهي (پيشاب هجي يا پاخانو).
(15) فرض اهو مشهور آهي ته مٽ، جيڪو زمين ۾ لڳايل آهي، جنهن کي ماڻهن وضوءَ جي پاڻيءَ لاءِ کوڙيو آهي. سو پليت ٿئي يا ان جو پاڻي پليت ٿئي، ته ان کي پاڪ ڪرڻ جو هيءُ حڪم آهي ته ان کي پليت پاڻيءَ کان صاف ڪجي. ان کانپوءِ ان کي ٽي ڀيرا ڌوئجي پاڪ پاڻيءَ سان ۽ گهڻي ڪوشش سان ۽ هر ڀيري ان مان اهو پاڻي ڪڍجي جنهن سان ان کي ڌوئجي ته اهو مٽ عالم چون ٿا ته پاڪ ٿي ويندو. انهيءَ مٽ جي پاڪائيءَ لاءِ اهو شرط بنهه ڪونهي ته پاڪائيءَ لاءِ اهو مٽ زمين مان اکوڙي ڪڍجي.
(16) فرض آهي ته چئن طريقن مان ڪو هڪ اختيار ڪجي، جڏهن ڪا زمين ڪنهن پليتيءَ سان پليت ٿئي. هڪ ته اها زمين سڪي وڃي ۽ پليتيءَ جو اثر هليو وڃيس، سج جي تهَه تي سڪي يا هوا تي، هر صورت ۾ اهڙي زمين نماز لاءِ پاڪ ٿي ويندي؛ ان زمين تي نماز پڙهي سگهبي؛ پر ان زمين تي، سڪڻ کان پوءِ تيمم شريعت ۾ بنهه درست نه ٿيندو. ٻيو طريقو اهو ته ان کي ٽي ڀيرا ڌوئي. ٽيو طريقو اهو ته زمين کي اکوڙي ته جيئن ان جي پليتي وڃي هلي. ان ۾ جيستائين پليتي آهي تيستائين اکوڙي ۽ ان هنڌان پليت مٽيءَ کي ڪڍي ڦٽي ڪري، ان مان ڪجهه به باقي نه رهي، ان کان پوءِ اتي پاڪ مٽي وجهي، ته جيئن ان زمين مان پليتيءَ جو اثر هليو وڃي.
(17) فرض آهي ته جيڪڏهن اهڙيءَ شيءِ پليت ٿي جيڪا زمين ۾ کتل آهي. ماڻهوءَ جي کوڙيل هجي يا اصلؤن کتل هجي. جيئن: پڪي سر يا پٿر، جيڪي زمين ۾ کتل آهن يا ڪي وڻ ۽ گاهه جي قسم جون شيون پليت ٿيون يا ڪانا ۽ ڪاٺيون، جيڪي زمين ۾ کتل آهن. يا ٽوئا، جيڪي ڇتين ۾ وجهجن ٿا، سي پليت ٿين يا جيئن ديواريون يا دريون ۽ در جيڪي گهرن ۾ جڙيل هجن. يا اهڙي قسم جون ٻيون شيون هجن ته انهن جي پاڪائيءَ لاءِ مٿين ٻن ڳالهين مان هڪ ڳالهه فرض ٿيندي. سڪائڻ جي صورت ۾ پليتيءَ جو اثر وڃي هليو، ڌوئڻ جي صورت ۾ انهن کي ٽي دفعا ڌوئجي.
(18) فرض جو بيان هيءُ آهي ته جيڪڏهن سرون ۽ پٿر زمين ۾ کتل نه هوندا. اهي پنهنجي جاءِ تان کڻي سگهجن ٿا، ۽ وڻ يا ٻوٽا زمين مان وڍي ڌار ڪيا ويا آهن. يا در ۽ ديوارون زمين تي ڪري پيون آهن يا اهي در اصلؤن زمين تي رکيل آهن ته ان صورت ۾ انهن جي پاڪائيءَ جو شرط هيءُ آهي ته انهن کي پورا ٽي ڀيرا ڌوئجي. اهي شيون هن صورت ۾ سڪائڻ سان بنهه پاڪ نه ٿينديون. بحر جي مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته پڪي سر يا ان جهڙيون ٻيون شيون زمين ۾ کتل سڪڻ جي سببان پاڪ ٿيون ان کان پوءِ انهن کي پنهنجي جاءِ تان ڪڍيو ويو ۽ زمين کان ماڳهين ڌار ٿيا ته ان صورت ۾ انهن شين جي ڦري پليت ٿيڻ ۾ عالمن جو اختلاف آهي، جيڪي دين جا باني آهن. ڪن عالمن چيو آهي ته انهن جو حڪم اهو آهي ته اهي شيون ان وقت ڦري پليت ٿينديون، جڏهن زمين کان ڇڄي ڌار ٿينديون؛ پر صحيح قول ڪتابن منجهان هيءُ ٿا لکن ته اهي شيون پاڪ ٿيڻ کان پوءِ موثي پليت نه ٿينديون. توڙي زمين کان ماڳهين جدا ٿي وڃن.
(19) فرض هيءُ آهي ته جيڪڏهن مني ڪَپڙي کي لڳي ڪپڙو نئون هجي يا تمام پراڻو هجي. ان ۾ چتي لڳل هجي يا چتي لڳل نه هجي. يا اها جسم يا موزي کي لڳي پر سڪي هجي آلي نه هجي ته ان صورت ۾ ان جي پاڪائيءَ لاءِ ٻن شين مان هڪڙي شيءِ فرض آهي، انهن ٻن شين جو بيان ڪجي ٿو. هڪ ته منيءَ کي مهٽجي ايستائين جو مني رهڙجي وڃي. يا ان کي ڌوئي ان کي لاهي ڇڏجي. منيءَ جو اثر ڌوئڻ يا مهٽڻ ٻنهي کان پوءِ جيڪڏهن رهجي وڃي، ته به اهو ڪپڙو بنا شڪ شبهي جي پاڪ ٿي ويندو، اهو اثر پاڪائيءَ ۾ خلل ڪونه ڪندو.
(20) فرض آهي ته اها مني جيڪا ڪپڙي کي لڳي آهي يا جسم کي لڳي آهي يا موزن کي لڳي آهي، سا جيڪڏهن آلي آهي ته ان جي پاڪائيءَ جي لاءِ فرض اهو ٿا چون ته ان کي ڌوئڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واٽ ڪانهي. انهن ٻن فرضن ۾ منيءَ ۾ اهو ڪوبه فرق ڪونهي ته اها زالن جي هجي يا مڙسن جي. مڙس جي گهاٽي يا پٽڙي بيماريءَ سببان هجي يا بنا بيماريءَ جي هجي، انسان جي هجي يا حيوان جي.
(21) فرض آهي، ته جهڙو حڪم انسانن جي منيءَ جو آهي، جيئن گذريو، تهڙو ٻين منينَ جو آهي، جيڪي حيوانن مان انسانن کان سواءِ پيدا ٿين ٿيون، ان جو تفصيل به ساڳيو آهي، جهڙو بيان ٿيو.
(22) فرض آهي ته جيڪڏهن اهڙي کل پليت ٿي جيڪا رنڱيل ناهي يا اها کل هجي اهڙي حيوان جي، جيڪو مؤمن شرطن هيٺ ڪٺو ته ان جي پاڪائي ٻن شين مان هڪ شيءِ سان فرض آهي، ٻن شين جو ذڪر ڪجي ٿو. هڪ ته ان کي سولي طريقي سان ڌوئجي جنهن ۾ نپوڙڻ ماڳهين ممڪن ڪونهي، ٻيو ته ان کي رڱي، جيستائين اها پليتي وڃي هلي. حقيقي طور ان کي رڱي يا حڪمي طور. حقيقي رڱڻ ان کي چئجي جنهن ۾ کل تي اهڙين دوائن مان ڪا دوا ايستائين وجهي، جيڪي رڱڻ لاءِ مقرر آهن، جيستائين آلاڻ ۽ چڪناهٽ نڪري وڃي. جيئن: بلوط جي وڻ جا پن، جيئن کاري زمين ۽ شت، شت نالو آهي هڪ اهڙي گاهه جو جنهن جي بوء سُرهي آهي. چکڻ ۾ ڪڙو آهي، ان سان رڱجي يا جيئن لوڻ ٿيو يا ٻٻر جا پن ٿيا. يا اهڙيون ٻيون شيون جن سان رڱجي سگهجي. دباغت حڪميءَ جو بيان هيءُ آهي، ته مؤمن مٽيءَ کي ورائي کل مٿان کڻي وجهي يا اها کل کڻي مؤمن مٽيءَ مٿان وجهي يا تنهن کل کي سج جي تڙڪي تي وجهي يا انهيءَ کل کي ماڳهين واءَ تي وجهي. پر انهن ڪمن سان کل جي گندگي ۽ ڪِن وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن اها کل بنا ڪنهن دوا جي سڪائي، بنا سج جي تڙڪي جي ۽ بنا هوا لڳڻ جي ۽ انهيءَ کل کي مٽيءَ کان بنا سڪائي ته اها کل الله جي امر موجب پاڪ نه چئبي. ان طرح بحر ۾ مذڪور آهي.
(23) فرض آهي ته جيڪڏهن اها کل جا پليت آهي، تنهن کي رڱيو بنهه نه ويو آهي جيئن مردار جي کل، ته ان جي پاڪائيءَ جو هيءُ امر آهي، ته ان کي ائين دباغت ڪجي يعني رڱجي، جيئن بيان ڪيو اٿم. اها کل ڌوئڻ سان پاڪ نه ٿيندي توڻي ٽي ڀيرا ڌوئجي. ان طرح معراج الدرايه ۾ مذڪور آهي.
(24) فرض آهي ته جيڪڏهن ڪپڙو اهڙي رنگ سان رڱيو ويو جيڪو پليت هو يا ڪپڙو پليت نير يعني گليءَ سان رڱيو ويو ته ان صورت ۾ ان جي پاڪائيءَ جو فرض اهو ٿا چون ته ان ڪپڙي کي پورا ٽي ڀيرا ڌوئجي، ان طرح لکيو آهي، ڪتاب سراج الوهاج، در مختار، فتح المبين، فتاوي سراجي، ظهيري، تاتارخاني ۽ فتاوي غياثيءَ ۾ ۽ ٻين ڪتابن ۾؛ پر اهڙي ڪپڙي کي ٽي ڀيرا پورا نپوڙڻ به گهرجي اها ڳالهه اولي ۽ بهتر آهي ڪتاب لکن ٿا. ان ڪپڙي کي ايستائين ڌوئجي جيستائين ان مان صاف پاڻي نڪري. ان طرح ڪتاب در مختار لکيو آهي ۽ فتح المبين ۾ پڻ اهو ذڪر آهي. ۽ پڻ ننڍي شرح منيه ۾ پڻ ان طرح آندو اٿس. نجاستن جي بحث جي پڄاڻيءَ تي انهيءَ کي آندائين.
(25) فرض هن طرح آهي ته جيڪڏهن ماکي، کير، گهه پگهريل پليت ٿيو، ته انهن جي پاڪائيءَ جو، عالم اهو شرط ٿا چون، ته انهن مان جيڪا شيءِ پليت ٿي آهي تنهن ۾ ڪجهه پاڻي اوتجي. ان کان پوءِ ان شيءِ کي ان پاڻيءَ ۾ ٽهڪائجي يعني اوٻارجي. ايستائين جو پاڻي باقي نه رهي، باقي اها شيءِ، جيتري هئي، اوتري بچي، ائين ٽي ڀيرا ٿيو ته اها شيءِ پاڪ ٿي ويندي. پر تيل ۽ گهه، جيڪو پگهريل ۽ رڌل ناهي، ته انهيءَ صورت ۾ انهن ٻنهي ۾ ٽهڪائڻ جي صفت شرط ناهي. انهن ٻنهي ۾ هيءَ ڳالهه ڪافي آهي، ته پاڻيءَ تي ٽي ڀيرا پورا مٿاهان ٿين، ته ان کان پوءِ ان پاڻيءَ منجهان اهو گهه يا تيل ڪڍجي. البته ٻين شين ۾ ٽهڪائڻ شرط چون ٿا. اهي شيون پورا ٽي ڀيرا ٽهڪائجن. ڪتاب جامع الرموز ۾ هن طرح اشارو آهي ته انهن شين ۾ پاڻي ايترو مقدار وجهجي، جو اهو انهن شين جي پنجين پتي ٿئي.
(26) فرض آهي، ته جيڪڏهن اهو گهه، جنهن ۾ پليتي پئي آهي، سو ٻڌل ۽ ڏاڍو آهي، پٽڙو بنهه ناهي ته ان صورت ۾ انهن جي پاڪائيءَ لاءِ ايترو ڪافي آهي ته پليتيءَ وارو پاسو تاڪيد سان ڪوري ڪڍجي. ۽ ان مان پليتيءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪجي. باقي جيڪو گهه بچيو سو کائبو. جيڪڏهن ان کي اڳئين طريقي سان پاڪ ڪبو ته به اهو شريعت جي حڪم سان پاڪ ٿي ويندو.
(27) فرض آهي، ته جيڪڏهن ڪچو گوشت پليت ٿيو، حلال هجي توڙي حرام، ته ان جو شرط اهو آهي، ته انهيءَ گوشت کي پورا ٽي ڀيرا ڌوئجي؛ پر جيڪڏهن اهو گوشت حلال جي قسم جو آهي ته ان جو کائڻ جائز آهي، پاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ.
(28) فرض آهي ته جيڪڏهن گوشت ۾ رڌڻ مهل پليتي پئي، گوشت ٽهڪڻ کان پوءِ اچي پئي، ته ان صورت ۾ ان جي پاڪائيءَ جو حڪم هيءُ آهي ته اهو گوشت پورا ٽي ڀيرا ڌوئجي؛ ان کان پوءِ اهو گوشت پاڪ ٿي ويندو. ان جو کائڻ جائز آهي. جيڪڏهن گوشت حلال جانور جو آهي؛ پر رهو پاڪ نه چئبو، عالم چون ٿا.
(29) فرض آهي ته جيڪڏهن گوشت ۾ رڌڻ وقت پليتي پئي؛ پر ٽهڪڻ کان اڳ ۾ اچي پئي، ان کان پوءِ اهو گوشت پليتيءَ سان گڏ ٽهڪيو ته ان صورت ۾ گوشت ۽ رهو ٻئي پاڪ ڪونه ٿيندا. اهو امام اعظم جو قول آهي، الله مٿس رحمت ڪري. انهيءَ قول تي عالمن جي فتويٰ آهي؛ پر امام ابو يوسف هن طرح چيو آهي ته اهو گوشت ٽي ڀيرا ڌوئبو ۽ هر ڀيري ان کي سڪائبو، ته ان طرح اهو گوشت پاڪ ٿي ويندو.
(30) فرض آهي ته جيڪڏهن کوهه ۾ حيوانن کان سواءِ ڪا پليت شيءِ پئجي وئي، ته ان جي پاڪائيءَ جو شرط هيءُ آهي، ته ان کوهه مان سڄو پاڻي ڪڍجي، پر اهو ان صورت ۾ جڏهن کوهه جو جر وهندڙ نه هجي.
(31) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن کوهه ۾ ڪو حيوان جو ڍور مئو هوندو جنهن ۾ مولي رت خلقيو آهي ۽ اهو ڪتي يا ٻڪريءَ جيترو هجي، ان جو جسم انهن جي بنهه برابر هجي، ته ان جي پاڪائيءَ لاءِ اهو امر فرض ٿا چون، ته ان کوهه منجهان مڙئي پاڻي ڪڍي ڇڏجي؛ پر اهو ان صورت ۾ آهي، جڏهن کوهه جو پاڻي اڻ کٽ نه هجي.
(32) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن کوهه منجهان ڪو جيئرو ڍور ڪڍيائون جنهن ڍور ۾ رت ظاهر ۽ نروار آهي. اهڙن ڍورن منجهان آهي جن جي اوبر پليت آهي ۽ اهڙي ڍور جو وات پڻ پاڻيءَ تي رسيو آهي، ته اهڙي صورت ۾ اهو کوهه جنهن ۾ هيءُ پيا آهن، تنهن جي پاڪائيءَ جو شرط هن امر کي چيو اٿن ته ان کوهه منجهان سڄو پاڻي ڪڍجي، جيڪڏهن اهو کوهه اڻ کٽ نه هجي؛ پر انهيءَ حڪم منجها سوئر جي قسم کي ڌار ڪيو اٿن، ان جو هن کان پوءِ بيان ٿيندو.
(33) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن کوهه منجهان ڪو جيئرو سوئر نڪتو. يا ان کي جيئرو ان کوهه منجهان ڪڍيائون. کوهه جي پاڻيءَ کي ان سور جو وات رسيو يا نه رسيو، ان صورت ۾ ان جي پاڪائيءَ جو فرض هيءُ آهي، ته اهڙي کوهه منجهان سڄو پاڻي ڪڍجي؛ جيڪڏهن کوهه جو پاڻي اڻ کٽ ناهي.
(34) فرض آهي ته جيڪڏهن اهڙو کوهه پليت ٿيو، جنهن جو پاڻي اڻ کٽ ناهي ته ان صورت ۾ مٿيون جيڪي چار صورتون آهن، جيڪي مٿي گذريون، تن جو شريعت ۾ هيءُ حڪم مقرر ٿيو آهي، ته انهن جي پاڪائيءَ لاءِ فرض آهي، ته انهن مان ايترو پاڻي ڪڍجي جيترو پليتيءَ پوڻ وقت موجود هو. ان ۾ پليتيءَ کان پوءِ جيڪو پاڻي ٻيو وڌيو آهي، سو پاڻي پاڪ آهي، ان جو ڪڍڻ فرض ناهي.
(35) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن کوهه ۾ ڪو جيئرو حيوان مئو، جنهن ۾ رت هجي ۽ ڪبوتر، ٻلي ۽ ڪڪڙ جي مقدار جو جسم هجيس ته ان جي پاڪائيءَ جو شرط اهو ٿا چون ته ان مان چاليهه دلا/ ڏول سڄا ڪڍجن.
(36) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن کوهه ۾ جيئرو حيوان مئو، جنهن ۾ ظاهر ظهور رت هجي. پر جسم ۾ اهو جهرڪيءَ جهڙو هجي يا ڪئي جهڙو هجي ته ان جي پاڪائيءَ جو شرط اهو ٿا چون ته انهيءَ کوهه منجهان سڄا ويهه ڏول ڪڍبا. پر هيءَ مڙئي حڪم تڏهن چئبا جڏهن حيوان نه ڦاٽو آهي نه ڇنو آهي.
(37) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن حيوان کوهه ۾ مئو ۽ پوءِ ان مان نڪتو؛ پر ڦاٽي ۽ ڇڄي پوءِ نڪتو؛ ته ان صورت ۾ پاڪائيءَ جو اهو حڪم آهي؛ ته ان کوهه منجهان سڄو پاڻي ڪڍجي؛ پر اهو تڏهن جڏهن کوهه جو پاڻي اڻ کٽ نه هجي. حيوان اهو ننڍڙو هجي توڙي وڏڙو، جيڪو الله جل جلال جي حڪم سان مئو.
(38) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن مئل حيوان ڦاٽو يا ڇنو ۽ اهڙي کوهه مان نڪتو جيڪو اڻ کٽ جاري ۽ وهندڙ آهي ته ان صورت ۾ ان جي پاڪائيءَ جو فرض هيءُ آهي، ته ان کوهه منجهان اهو سڄو پاڻي ڪڍجي، جيڪو پليتيءَ پوڻ وقت موجود هو.
(39) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪپهه پليت ٿي، ڪنهن به پليتيءَ سان، ته ان جي پاڪائيءَ جو شرط ٻن شين مان هڪ آهي، جن جو بيان ڪجي ٿو. هڪ ته ان ڪپهه کي ڌوئجي، ته به اها پاڪ ٿي ويندي. سڄي ڪپهه پليت هجي، توڻي گهڻي پليت ٿوري پاڪ يا ٿوري پاڪ گهڻي پليت هجي. هر صورت ۾ پاڪ ٿي ويندي. ٻيو اهو ته ڪپهه کي پاڪائيءَ لاءِ پڃجي پر پڃڻ سان پاڪائيءَ جو شرط اهو آهي، ته پاڪ پليت کان گهڻي هجي. ۽ ان جي پڃڻ سان پليتيءَ جو اثر هليو وڃي، ته اها ڪپهه شريعت جي حڪم سان پاڪ ٿي ويندي. جيڪڏهن پليت ڪپهه گهڻي ۽ پاڪ ٿوري آهي يا پاڪ پليت جي بنهه برابر آهي يا سڄي ڪپهه پليت آهي يا بنهه ڪانهي، ته اهڙي ڪپهه پڃڻ سان بنهه پاڪ نه ٿيندي. سواءِ ان جي ته ان کي ڌوئجي.
(40) فرض جو بيان اهو آهي ته ڪڻڪ، جَوَ يا ڪي ٻيا اَنَ، جيڪي ان جهڙا الله پيدا ڪيا آهن. جن کي گڏهن، ڍڳن يا اهڙي قسم جي ٻين حيوانن سان ڳاهجي ۽ ڳاهيندي جيڪڏهن اَنَ سان ڇيڻو گڏجي ويو يا ڳاهڻ وقت ان ۾ پيشاب ڪيائون، ته ان جي پاڪائي جو فرض ٻن شين مان هڪ آهي، جن جو ذڪر ڪندس. هڪ ته انهيءَ ڪڻڪ کي ورهائبو، ورهائڻ جي طريقي تي انهيءَ کي ڌار ڌار ڪبو. ان جهڙا ٻيا اَنَ به ان طرح ورهائبا. ٻيو اهو ته انهن کي ڌوئبو تڏهن به پاڪ ٿيندا.
(41) فرض آهي ته جيڪڏهن ڪني يا ڪوزو (ڪؤنرو) اهڙيءَ مٽيءَ منجهان ٺهيا هجن، جيڪا پليت آهي يا اهڙو ڪو ٻيو ٺڪر جو ٿانوَ هجي ته ان جي پاڪائيءَ جو فرض اهو آهي ته اها مٽي ڦري ٺڪر ٿئي ته اهي سڀ ٿانوَ پاڪ ٿي ويندا.
(42) فرض جو بيان هيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪو مؤمن ڀانئي ته شراب پاڪ ٿئي ته ان جي پاڪائيءَ جو فرض اهو ٿا چون ته اهو شراب ڦري سرڪو ٿئي ته ان صورت ۾ پاڪ ٿي ويندو.
(43) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڇيڻي جي پاڪائي گهري ته اهڙي جي حق ۾ فرض اهو آهي ته ان کي ساڙي ڇارُ ڪبو ته اهو ساڙڻ پٺيان پاڪ ٿي پوندو.
(44) فرض جو بيان اهو آهي ته جيڪڏهن تنور پليت ٿيو، پليت پاڻيءَ سان يا ماڻهوءَ ان ۾ پيشاب ڪيو، اهو ماڻهو وڏو هجي يا ننڍو ۽ ان مان پاڻي ۽ پيشاب اڃا نه سڪو آهي ته ان جي پاڪائيءَ جو عالم اهو فرض ٿا لکن، ته تنور ۾ باهه ٻارجي. جيستائين باهه سان آلاڻ سڪي وڃي، ته اهو تنور الله جي حڪم سان پاڪ ٿي ويندو، ان کان پوءِ جيڪڏهن ان ۾ ماني پچائجي ته اها ماني پاڪ آهي ۽ ان جو کائڻ حلال آهي، جيئن تنور پاڪ آهي، تيئن ماني پڻ پاڪ آهي.