فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5930) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638118   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل نائون


نماز جا فرض

ان ۾ ٻه سؤ اڻٽيهه فرض آهن. جن جو هن فصل ۾ بيان ايندو ۽ ان تنبيهه ۾ جيڪا هن فصل پويان ايندي، مؤمنو! ٽن فرضن جو بيان ٻڌو.

  • فرض اهو آهي، ته مڙني مؤمن سونهارا جيڪي عاقل ۽ بالغ آهن، تن تي پنج نمازون فرض آهن.

پر شهر بلغار جي مؤمنن تي سمهڻيءَ جو وقت فرض ناهي ۽ پڻ وتر واجب ناهي؛ سال جي انهن راتين ۾ جن ۾ شفق وقت ئي پرهه ڦٽي ٿي. شهر بلغار ۾ راتيون تمام ننڍيون ٿين ٿيون، ان ڪري بلغار وارن تي سمهڻيءَ جي قضا به ڪانهي. جڏهن اهڙيون ننڍيون راتيون هجن. انهيءَ قول تي وڏن امامن فتويٰ ڏني آهي. جهڙوڪ: شمس الائمه حلوائيءَ، امام بقالي، برهان الائمه، جيڪو وڏو هو. جهڙوڪ وافي ۽ ڪنز جو صاحب ۽ ٻيا علماءَ. عالم شرنبلاليءَ امداد الفتاح ۾ ۽ ابن امير الحاج شرح منيه ۾ چيو آهي ته هيءُ قول صحيح، محڪم ۽ مضبوط چئبو ۽ ڪن عالمن فرمايو آهي، الله رحمت ڪرين، ته انهن ٻن نمازن جي قضا فرض آهي، ان قول کي فتح القدير واري قوي سڏيو آهي.

  • انهن فرضن مان ٻيو فرض آهي ته نماز جمعي جي الله وٽان فرض آهي، انهن مڙني مؤمنن تي جيڪي عاقل بالغ آهن. جيڪڏهن اهي شرط موجود هوندا جيڪي جمعي جي نماز جا آهن، جن جو يارهين فصل ۾ بيان ٿيندو.
  • انهن فرضن مان ٽيون فرض اهو آهي ته بلغار وارن مٿان چار نمازون فرض آهن. اهڙين راتين ۾ جن جو بيان گذريو. انهن تي نه سمهڻي آهي نه وتر. پر نماز جا هيءُ فرض ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا فرض خارجي جيڪي نماز کان ٻاهر آهن، ٻيا فرض داخلي آهن، جيڪي نماز ۾ داخل آهن. انهن ٻنهي نوعن مان هر هڪ نوع جو ذڪر الڳ الڳ بيان ڪريان ٿو.