ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638167 ڀيرا پڙهيو ويو |
حج جا فرض
سڀ ڪنهن کي گهڻي يقين سان ڄاڻڻ گهرجي ته حج پنهنجي ذات جي ڪري فرض آهي. حج جو فرض قيامت تائين قائم آهي. زالن ۽ مردن تي فرض آهي. جن ۾ وجوب جا شرط موجود ٿين، جيئن سفر خرچ ۽ سواري ۽ ان جهڙا ٻيا شرط جيڪي فقهه جي ڪتابن ۾ وڏي تفصيل سان ذڪر ٿيل آهن. جي پڻ هن ڪتاب ۾ ايندا پر اجمال جي طور تي انهن جو بيان ڪندس. پر ڪڏهن حج ڪنهن عارض جي سببان اهڙي ماڻهوءَ تي به فرض ٿي پوندو آهي، جنهن کي حج جي ماڳهين قدرت ئي ڪانهي. ان عارض جو هڪ مثال آهي. باس ۽ قضا، جيڪا حج وڃڻ کان پوءِ ڪري ٿو. يا حج ڀڃڻ کان پوءِ قضا ڪري ٿو. يا اختصار جي جهت کان حج قضا ڪري ٿو. تنهن کان پوءِ شروع کان بندُ ٿيو. ۽ پڻ حج فرض ٿيندو آهي فقير (جنهن تي حج فرض ناهي، تنهن) جي حج جي مهينن ۾ مڪي ۾ داخل ٿيڻ سان يا اهو ان مقام تي اچي داخل ٿيو، جيڪو مواقيت ۾ داخل آهي. مواقيت چئبو آهي احرام جي جڳهين کي. توڙي ان مقام تي احرام کان پوءِ داخل ٿيو توڙي احرام کان اڳ داخل ٿيو. ان طرح شيخ علي قاريءَ شرح مشڪوات متوسط ۾ گهڻي وضاحت سان لکيو آهي. ان جي ٻن جڳهين تي ان جو بيان ڪيو اٿس. پڻ حج ۾ هڪ سؤ ٽي فرض آهن. ٻه فرض عمري ۾ آهن علماءَ لکن ٿا، ۽ حج جو ٻئي جي پاران پڙهڻ جا پورا چوويهه فرض آهن. ڇهه فرض نفلي حج ۾ لکن ٿا. ۽ ٻئي شخص جي پاران جيڪڏهن عمرو ڪجي، ته ان ۾ پڻ پورا ڇهه فرض آهن. سڀني جو هن کان پوءِ بيان ايندو. هيءُ جيڪي فرض موچارا بيان ڪيم، سي ليکي شماري ۾ اٺٽيهه آهن. جي اهي انهن فرضن سان گڏائينداسين جيڪي حج جا هڪ سؤ ٽي فرض آهن، ته حج ۽ عمري جا مڙئي هڪ سؤ ايڪيتاليهه فرض ٿيندا. پر حج جا مڙئي فرض ٻن قسمن جا چون ٿا. پهريون قسم انهن مان اهي فرض آهن، جيڪي حج جا رڪن آهن. اهي ٻه فرض آهن، علماءُ لکن ٿا.
1. فرض آهي، عرفات ۾ وڃڻ توڙي ڪا هڪ ساعت ئي وڃي.
2. طواف فرض منجهان ڪعبي جا چئن کان مٿي چڪر ڪڍڻ (طواف ڪرڻ) فرض آهي.
ٻيو قسم حج جي انهن فرضن جو آهي، جيڪي حج جا رڪن ناهن. اهي مڙئي پورا ٽي قسم آهن. پهريان انهن مان اهي آهن جيڪي حج جي فرضيت لاءِ شرط آهن، ٻيا ادا جي فرضيت جا شرط چون ٿا، ٽيان حج جي ادا جي درستيءَ جا شرط چون ٿا.
پهريون قسم انهن منجهان اهي آهن، جيڪي فرضيت حج جا ڪتابن شرط لکيا آهن. اهي ليکي شماري ۾ اٺ فرض آهن.
1. فرض انهن مان آهي اسلام، ان ڪري ڪافر تي حج فرض نه چئبو.
2. فرض انهن مان بلوغت چون ٿا. تنهن ڪري ٻار تي حج فرض ناهي.
3. فرض ڪتاب لکن ٿا، ته عقل آهي. تنهن ڪري چرئي تي حج فرض ناهي. جنهن جو عقل چريائي سببان هليو ويو. پڻ حج معتوهه تي فرض نه چئبو، جنهن جا گهڻا احوال اڪثر مختلف آهن.
4. فرض حج جو اُن شخص جو آزاد هئڻ آهي. ان ڪري حج غلام تي فرض ناهي.
5. ماڻهو پنهنجي ثمر ۽ عيال جي گذر سفر جو ملڪيت جي طور تي مالڪ هجي. وڃڻ جو ثمر توڙي موٽڻ جو ثمر ٻئي هجڻ گهرجن. پڻ اهو ڪنهن وهٽ/ جانور جو مالڪ هجي، توڙي عين جانور جو مالڪ هجي يا نفعي جي ملڪيت جو مالڪ آهي. توڙي اهو شخص اهڙيءَ صفت وارو هجي جو هوند پيرن سان بنا مشقت جي هلي سگهي. يا بنا سواريءَ جي بنهه هلي نه سگهي. توڙي اٺ، ڍڳو يا گڏهه ميسر ٿئيس يا ان کان سواءِ ڪو ٻيو جانور سواريءَ لاءِ ميسر ٿئيس پر هيءُ سڄو حڪم علماءَ ان جو ٿا لکن، جيڪو ميقات کان ٻاهر ٿو رهي. ميقات انهن جاين کي چون ٿا، جيڪي احرام ٻڌڻ لاءِ مقرر آهن. پر جيڪي ميقاتن کان اندر يا خود ميقاتن ۾ رهن ٿا انهن جي حق ۾ سواريءَ جو هئڻ شرط ناهي. جيڪڏهن اهو پنڌ ڪرڻ تي قدرت رکي ٿو، پر جي پنڌ جي قدرت نه اٿس، ته پوءِ ان جي حق ۾ به وهٽ شرط آهي. حج فقير جي مٿان فرض ناهي، جنهن کي انهن شين تي قدرت ناهي، جن جو گهڻو چٽو بيان ڪيم.
6. فرض اهو آهي، ته اها قدرت حج جي وقت هئڻ گهرجي. حج جو وقت پورا ٻه قسم لکن ٿا. پهريون قسم وقت جو اهو آهي، جنهن ۾ ان جي شهر جا ماڻهو حج جي مهينن کان اڳي حج لاءِ نڪرن ٿا. حج جا مهينا آهن، شوال، ذوالقعد ۽ ڏهه تاريخون ذوالحج جون، ۽ ٻيو قسم حج جا مهينا آهن جن ۾ ان جي شهر جا ماڻهو حج جي ارادي سان نڪرن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو ايتري مال جو مالڪ آهي، جنهن سان حج جو پورائو ٿي ٿو وڃي، ان وقت کان اڳ جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وطن جي شهر کان ڀلي حج لاءِ نڪرن ٿا. پر جڏهن اهو وقت آيو، جنهن ۾ ماڻهو حج لاءِ نڪرن ٿا ۽ ان کان اڳ ان جو مال خرچ ٿي ويو، ته ان طرح پهرين صورت ۾ حج فرض ٿيندو يا حج جي مهينن کان اڳ ٻي صورت ۾ اهو مال پنهنجي ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيائين حج جي مهينن جي وقت کان اڳ ان کي حج ۾ بنهه نه خرچ ڪيائين، ته ان صورت ۾ حج فرض نه چئبو. پر جي ڪو شخص انهن ٻن وقتن مان ڪنهن هڪ وقت ۾ ايتري مال جو مالڪ ٿيو. جنهن مال سان هوند ڀلو حج ٿي وڃي. پر ان وقت ۾ حج کان سواءِ اهو مال خرچ ڪري ڇڏيائين، ته ان صورت ۾ حج فرض ٿي ويندو؛ ان شخص تي جنهن جي اها صفت آهي. پر عالمن جو ان ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته حج جو وقت فرضيت جو شرط آهي يا ان کي ادا جي وجوب جو شرط چئبو. پر پهريون قول مذهب مشهور آهي، ته وقت حج جو فرضيت جو شرط آهي. ان طرح شيخ علي قاري شرح مناسڪ متوسط ۾ بيان ڪيو آهي. هن اختلاف جو ثمر سگهو بيان ٿيندو. هن کان پوءِ ان کي واضح ڪندس.
7. فرض لکن ٿا بدن جي سلامتي انهن مرضن کان جيڪي حج کان جهلين ٿا. اهو فرضيت جو شرط لکن ٿا. علماءَ چون ٿا ته هيءُ مذهب صحيح آهي. ان طرح بحرالرائق ۾ واقع آهي. پڻ ان جو ڪتاب نهايه جزم ڪيو آهي. پر قاضي خان الله رحمت ڪريس شرح جامع صغير ۾ گهڻي چٽائيءَ سان فرمايو آهي، ته مڙني مرضن کان جسم جي سلامتي حج جي ادا ڪرڻ جي فرضيت جو شرط آهي. ان قول کي گهڻن عالمن پسند ڪيو آهي. پڻ انهيءَ قول کي ابن الهمام ترجيح ڏني آهي. پهرئين قول تي هيءُ ڳالهيون متفرع ٿين ٿيون، ته حج ڪنهن مريض تي ماڳهين فرض نه ٿيندو، نه ئي ٻئي کان حج ڪرائڻ فرض ٿيندو. جو جيئري ڪنهن ٻئي کان پڙهائي يا ان فرض جي وصيت ڪري، ته مرڻ کان پوءِ منهنجي مال منجهان منهنجي پاران حج پڙهجو. توڙي اهو مريض معذور نابين هجي توڙي ان کي اٿڻ جي سگهه نه هجي توڙي فالج لڳل هجي، جنهن سان جسم مان طاقت هلي ويندي آهي توڙي پيرن سان نه هلي سگهي هٿن سان هلي. توڙي ان شخص جا ٻئي پير وڍجي ويا هجن يا ان جو ٻن پيرن مان هڪڙو پير وڍجي ويو هجي. توڙي ان شخص جا ٻئي هٿ وڍيل هجن، پڻ حج ڪنهن مريض تي مرض لاحق ٿيڻ وقت فرض نه ٿيندو. ۽ پڻ ان شخص تي حج فرض نه ٿيندو، جيڪو هوند ڪنهن جانور تي ثابت نه ويهي سگهي، توڙي تنهن وٽ گهڻو ئي مال ڇو نه هجي، جنهن سان هوند بنا مشقت جي حج پڙهي سگهي. پر ان مرض جي سببان اهو حڪم ٿيس ته ان تي حج بنهه فرض ناهي؛ نه ئي ٻئي شخص هٿان پڙهائڻ فرض آهي؛ نه ڪنهن فرض جي وصيت ڪرڻ ان تي فرض آهي. پوئين قول تي ٽن امرن مان ڪو هڪ امر متفرع ٿيندو. يا هيءُ مريض شخص جڏهن حج تي قدرت ماڻي، مرض وڃڻ جي سببان يا ڪنهن عذر جي وڃڻ جي سببان، ته پاڻ حج پڙهي؛ جي پاڻ پڙهڻ جي قدرت ناهي، ته ان تي ٻن امرن مان هڪ فرض ٿيندو؛ يا وصيت ڪري ته مرڻ کان پوءِ منهنجي مال منجهان، منهنجي پاران ڪنهن ٻئي جي هٿان حج پڙهائجو؛ پر هيءُ اختلاف ان صورت ۾ آهي جڏهن حج جو مال موجود هجيس؛ پر پاڻ ڪنهن مرض جي ڪري موليٰ جي تقدير سان هنن مرضن ۾ گرفتار ٿيو آهي يا مذڪور مال صحت جي ڏينهن ۽ حج جي وقت ۾ موجود ٿيو اٿس؛ پر ان کان پوءِ ان کي انهن عذرن مان ڪو هڪ عذر اچي رسيو، جن جو مٿي بيان ڪيم، ته ان صورت ۾ ان شخص تي اهو فرض ٿيندو، ته پنهنجي مال منجهان ڪنهن ٻئي کان حج پڙهائي يا وصيت ڪري، ته منهنجي مال منجهان منهنجي مرڻ کان پوءِ حج پڙهائجو. ان طرح علي قاريءَ متن شرح منسڪ متوسط ۾ بيان ڪيو آهي.
8. شخص جي جسم، جان ۽ سندس مال لاءِ واٽ جو امن فرض آهي. ميداني واٽ هجي توڙي دريائي. پر امن ۽ خوف ۾ اهو طريقو معتبر ٿا چون، ته ٻنهي صورتن ۾ غالب کي حڪم آهي. عالمن جي انهيءَ قول تي فتويٰ آهي. پڻ ان قول تي عالم اعتماد لکن ٿا. اهو مسئلو بحر عميق ۾ آهي؛ پر عالمن جو هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي، ته واٽ جو امن فرضيت جو شرط آهي يا اهو به وجوب ادا جو شرط آهي. پهريون قول ڪتاب هدايه، بدائع، مجمع، ڪرمانيءَ ۽ ٻين ڪتابن ۾ آهي. پر ابن شجاع امام اعظم کان روايت ڪئي آهي، ته واٽ جو امن وجوب ادا جو شرط آهي. ان تفصيل کي شيخ علي قاريءَ شرح منسڪ متوسط ۾ گهڻي بيان سان آندو آهي، پڻ علامه حنيف مرشد شرح منسڪ متوسط فرمايو آهي، ته پهريون قول اصح روايت آهي، واٽ جو امن فرضيت جو شرط آهي. اتي شرح حنيف جي عبارت پوري ٿي.
ٻيو صنف انهن شرطن جي بيان ۾ ٿو لکان جيڪي حج جي ادا جي فرضيت جا شرط آهن. پر شرط فرضيت ۽ شرط ادا جي وچ ۾ فرق چئبو. جنهن شخص ۾ اهي ٻئي فرض لڀندا ان تي حج پڙهڻ فرض چئبو. ۽ اهو پنهنجي سر حج پڙهندو. پر جنهن ۾ فرضيت جا شرط موجود هجن، پر فرضيت ادا جا شرط موجود نه هجن، ته ان تي پاڻ حج پڙهڻ فرض نه چئبو؛ بلڪه ان تي جيئري هيءُ فرض آهي، ته في الحال اهو ٻئي جي هٿان حج پڙهائي يا وصيت ڪري، ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي پاران حج پڙهائجو فرضيت ادا جا شرط پورا ٽي آهن.
1. ته ان کي ڪو ظالم بند نه ڪري. ڪو امير يا ڪو ظالم شخص ان کي حج پڙهڻ کان منع نه ڪري. ۽ نه ان کي حج پڙهڻ کان ڪو خوف هجي. جيڪڏهن حج تي وڃڻ کان کيس بند ڪن ٿا، منع ڪن ٿا يا انهن کان ڊڄي ٿو ته ان تي حج جو ادا ڪرڻ فرض نه چئبو. هيءَ فرضيت ادا جي شرطن منجهان آهي. ٻين قولن کان اهو قول وڌيڪ صحيح آهي. ڪتاب فتح القدير ۾ ان جو بيان آهي.
2. محرم جو هئڻ، جيڪو امين هجي يا مڙس جو ساڻ هئڻ شرط آهي؛ پر اهو شرط عورت لاءِ آهي. جيڪڏهن عورت ۽ مڪي مبارڪ وچ ۾ سفر جيتري پنڌ جي سافت آهي مڙس جي حق ۾ هيءَ شرط بنهه ناهي. پر جي مڪي مبارڪ ۽ ان زال وچ ۾ سفر جيترو پنڌ ناهي ته پوءِ ڀل عورت حج پڙهڻ لاءِ نڪري، ان صورت ۾ محرم ۽ مڙس جو ان کي احتياج ڪونهي، پر جي اها زال عدت واري هجي، ته ان جو حڪم ٻيءَ طرح آهي. ان جو تفصيل هن کان پوءِ ايندو. پر عالمن جو هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته اهو فرضيت جو شرط چئبو يا فرضيت ادا جو شرط چئبو. قاضي خان ۽ ٻين عالمن فرمايو آهي، ته شرط فرضيت جو قول صحيح آهي. بدائع واري ۽ امام سروجي چيو آهي ته اها شيءِ فرضيت حج جو شرط چئبي. اهو قول صحيح ۽ پسنديده آهي. ان اختلاف جو ثمر هن کان اڳ گهڻي تفصيل سان بيان ڪيو اٿم.
3. عورت جي حق ۾ هيءُ شرط آهي، ته عورت عدت واري هرگز نه هجي. اها عدت نه طلائق بائن جي هجي نه رجعيءَ جي، نه مڙس جي موت جي، نه نڪاح ٽٽڻ جي. ان ڪري جنهن وقت حاجي حج لاءِ ان شهر مان نڪرن ٿا، جنهن ۾ مٿين صفت واري عورت رهي ٿي، ته ان عورت تي حج فرض نه چئبو. ان زال تي اهو آهي، ته عدت گذرڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان حج ادا ڪري. پر اهو ادا جي فرضيت جو شرط آهي ان قول مطابق جيڪو ٻين کان غالب آهي. اهو ٻين کان وڌيڪ قوي آهي.
صنف ٽيون انهن شرطن جي بيان ۾، جيڪي درستيءَ جا شرط آهن. جن جي ڪري حج صحيح ۽ درست ٿئي ٿو. هن ٽئين صنف ۾ ڏهه نوع آهن. انهن ڏهن نوعن جا ليکي مطابق مڙئي نوي فرض ڪتاب لکن ٿا.
نوع پهريون حج جي مطلق فرضن جو بيان
اهو حج فرض هجي واجب هجي يا نفل هجي، اهي مڙئي پنجويهه فرض علماءَ لکن ٿا.
1. فرض انهن مان آهي اسلام ان ڪري ڪافر جو حج صحيح نه چئبو. هيءُ شرط پڻ عمري جي صحت لاءِ آهي ان ڪري ڪافر جو عمرو صحيح نه چئبو.
2. فرض آهي، حج جي وقت اسلام جو باقي رهڻ؛ مرڻ وقت تائين باقي هجيس، ان ڪري جي ڪو مسلمان شخص حج ٿو پڙهي پر ان کان پوءِ اهو نعوذ بالله منها مرتد ٿيو، ته ان جو حج باطل ٿي ويندو. توڙي اهو حج فرض هجي، نفل هجي يا واجب. توڙي ارتداد کان پوءِ اهو مسلمان ٿيو توڙي ردت تي باقي رهيو.
3. فرض آهي، عمري ۽ حج لاءِ احرام چون ٿا. ان ڪري جي ڪو حج ۽ عمرو بنا احرام جي ڪري، ته اهو صحيح نه ٿيندو.
4. حج جي نيت ڪرڻ پڻ فرض آهي، فرض هجي نفل هجي توڙي واجب هجي. ۽ عمري ۾ پڻ نيت فرض آهي، توڙي اهو واجب هجي توڙي نفل.
5. فرض آهي خاص دل سان نيت ڪرڻ. زبان سان نيت ڪرڻ مستحب آهي.
6. فرض آهي، لبيڪ چوڻ يا اهي ڪم ڪرڻ جيڪي لبيڪ جي قائم مقام هجن. جيئن: حج ڏانهن هلندي اٺ کي قلادو وجهي، جنهن کي پاڻ سان ڪاهي هليو آهي يا ڍڳي ۾ قلادو وجهي. ان ۾ ڪاهڻ لبيڪ جو قائم مقام آهي. احرام نيت ۽ لبيڪ جي لفظن کي چئجي ٿو. نيت ٻي شيءِ آهي، جيڪا لبيڪ جي قائم مقام آهي، ٻئي احرام جا فرض آهن. ان ڪري جيڪڏهن ان جو ڌار ذڪر نه ڪجي، هن صنف ۾ احرام جي ذڪر کان پوءِ، ته احرام جو ذڪر ان لاءِ ڪافي آهي، ان جو ذڪر جو احتياج ڪونهي.
7. پنهنجي زبان سان لبيڪ چوڻ، جيڪڏهن زبان کان سواءِ دل ۾ نيت ڪندو، ته ان جي اهڙو احرام صحيح نه ٿيندو.
8. لبيڪ جو اهڙي صفت ۾ هئڻ، جو لبيڪ پنهنجي ڪنن سان ٻڌي. جيڪڏهن ڪنهن شخص اهڙي طريقي سان لبيڪ چئي، جو پنهنجي لبيڪ پنهنجي ڪنن سان نه ٻڌي ته ان شخص جو احرام صحيح نه ٿيندو.
9. حج جو وقت هئڻ فرض آهي. حج جا مهينا حج جو وقت آهن. ان ڪري اهو درست نه ٿيندو ته اڳئين مهيني ۾ حج لاءِ حج وارا ڪم ڪري. ائين ڪرڻ سان اهو حج صحيح نه ٿيندو، جنهن جا ڪم وقت کان اڳي ڪيائين؛ پر احرام وقت کان اڳ صحيح آهي، پر تڏهن به مڪروهه آهي.
10. زوال کان پوءِ عرفات ۾ بيهڻ ذوالحج جي نائين تاريخ واري ڏينهن فرض آهي. ويندي عيد الاضحيٰ جي پرهه تائين وقوف صحيح آهي. هڪ گهڙي بيهي يا وڌيڪ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو عرفات ۾ نائينءَ جي ڏينهن کان اڳ بيهي يا حج جي ڏينهن زوال کان اڳ بيهي يا عيد جي رات پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ بيهي، ته اهو وقوف صحيح ۽ معتبر نه چئبو.
11. طواف فرض حج کان پوءِ عيدالاضحيٰ جي ڏينهن کان اڳي نه ڪري، ان ورهيه ۾ جنهن ۾ ان شخص خاص الله ڪارڻ عرفات ۾ وقوف ڪيو آهي. جيڪڏهن طواف فرض عيد کان اڳ ڪندو، هن سال جو طواف جنهن ۾ عرفات ۾ بيٺو آهي، ته اهو طواف شريعت ۾ صحيح نه چئبو، پر طواف فرض عيد جي ڏينهن ڪرڻ، يا يارهين تاريخ عيد جي ڏينهن کان پوءِ ڪرڻ يا ٻارهين تاريخ ڪرڻ واجب چئبو فرض نه چئبو. هيءُ ٽئي ڏينهن نحر جا ڪتاب لکن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن طواف فرض ڄاڻي واڻي نحر جي ڏينهن کان پوئتي ڪيو، ڪنهن عذر کان سواءِ، ته ان صورت ۾ شريعت جو حڪم اهڙو آهي ته ان شخص مٿان واجب جي وڃڻ ڪري هڪڙو دم ڪهڻ واجب ٿيندو ۽ ان صورت ۾ اهو طواف درست چئبو.
12. حج جو فرض حج جو مقام چون ٿا. جهڙوڪ: وقوف لاءِ عرفات جو مقام آهي ۽ پڻ ٻن نمازن جي جمع لاءِ اهو فرض آهي، ۽ جهڙوڪ: وقوف لاءِ مزدلفي جو مقام آهي. مزدلفي جي مقام ۾ بيهڻ شريعت ۾ واجب آهي، ۽ جيئن مزدلفو نمازن جي جمع لاءِ فرض آهي. سانجهيءَ ۽ سومهڻيءَ جي نماز اتي جمع ڪبيون آهن ۽ عيد جي رات رهڻ جي جڳهه پڻ مزدلفو آهي ۽ جهڙوڪ مسجد حرام ۽ ان جي ڇت طواف جو ماڳ آهي. ۽ جهڙوڪ صفا ۽ مرويٰ جو مقام ’سعي‘ لاءِ. ۽ جهڙوڪ منيٰ جو ماڳ خيمن هڻڻ لاءِ آهي ۽ جهڙوڪ: مڪي جو حرم هديي ڪهڻ لاءِ. مذڪوره شين مان ڪابه هڪ شيءِ پنهنجي پنهنجي ماڳ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڳ تي ڪرڻ صحيح نه ٿيندي. هيءُ نوَ فرض انهن فرضن مان آهن، جيڪي مڙئي حج جي مقام سان تعلق رکن ٿا. هيءُ نوَ فرض يارهن فرضن سان، جيڪي بيان ڪيم، گڏ ڪبا، ته مڙئي فرض ليکي ۾ ويهه فرض ٿي ويندا.
21. فرض حج جو لکن ٿا ته عقل آهي. ان ڪري جنهن شخص کي عقل ناهي، ان جو حج صحيح نه چئبو. نه ئي ان ٻار جو حج صحيح ٿيندو، جنهن کي عقل ۽ تميز ڪانهي. جي پنهنجي پاران پڙهن فرض پڙهن توڙي نفل. پر جي حج ان جي طرفان پڙهن. نيابت جي طور تي اهي ڪم ڪن جيڪي سڀ ڪنهن حج ۾ ضروري آهن، ته ان حج کي نفلي حج چئبو. چريي ۽ ٻار جو حج نفلي ئي ٿيندو. سگهو ان جو بيان ايندو.
22. فرض آهي، حج جا ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ. احرام ٻڌڻ کان پوءِ (سڀ ڪجهه) پنهنجي سر ڪرڻ. جي ان تي قدرت اٿس، ته اهي ڪم پنهنجي جسم سان ادا ڪري. پر جنهن کي ان تي قدرت ناهي، ته ان صورت ۾ ان مسئلي ۾ گهڻو تفصيل آهي، مؤمن! اهو ٻڌي ياد ڪر. جي اهو شخص اهڙو آهي جنهن تي ڀلارو حج فرض آهي پر ان تي في الحال ان کي قدرت ڪانهي. نه ئي ان تي ان کي قدرت ٿيڻ ئي آهي جيئن اهو شخص جهور پوڙهو هجي، جنهن کي حج پڙهڻ جي اميد ڪانهي، ته ڪو پاڻ پڙهي سگهندو يا جيئن ڪو اهڙو بيمار جنهن کي بيماريءَ وڃڻ جي اميد ڪانهي، ته ان شخص تي فرض اهو آهي، ته ٻئي هٿان پنهنجو حج پڙهائي. پر جي اهو شخص، جنهن تي حج فرض آهي، سو مري ويو، ان هن طرح وصيت ڪئي، ته منهنجي پاران منهنجي مال منجهان مون تي فرض حج پڙهائجو، ته ان جي وارث تي موت کان پوءِ اهو فرض آهي، ته ميت پاران ان جي مال مان ٻئي هٿان حج پڙهائي، ته ان صورت ۾ نائب جو حج ميت طرفان صحيح ٿيندو. پر جي ان شخص جو مرض اهڙي قسم جو آهي، جو ان جي لهڻ جي کيس اميد آهي، ۽ ان صورت ۾ حج لاءِ ان نائب مقرر ڪيو، ته اهو سندس پاران حج پڙهي. ان کان پوءِ ان مرض ۾ اهو شخص مري ويو، ان بيماريءَ مان چڱو نه ٿي سگهيو، ته ان صورت ۾ پڻ نائب جو حج ميت پاران صحيح ٿيندو ۽ چئبو ته ان پنهنجي مٿان فرض لاهي ڇڏيو، پر جي مريض مرض ۾ نائب رکيو، ته سندس پاران حج پڙهي اچي، ان کان پوءِ پاڻ چڱو ڀلو ٿي ويو، ته ان صورت ۾ نائب جو ان شخص پاران حج فرض نه نفل ٿيندو. جي ڪنهن شخص مٿان حج فرض هو، احرام کان اڳ ڪو مٿي کي چڪر اچي ويس، ان صورت ۾ ان شخص طرفان ڪنهن ٻئي احرام ٻڌو، ته ان احرام کي ان شخص پاران صحيح ۽ جائز چئبو، جيڪو ڍڪريو آهي. پر اهو جي احرام کان پوءِ خبردار ٿي ويو، ته ان تي فرض آهي ته حج جا ٻيا ڪم پنهنجي سر ڪري، پر جي ان کي ڍڪر باقي رهيو، حج جي ڪمن وقت کانئس اهو نه ويو، ته ان جو نائب ان جي پاران حج جا ڪم ادا ڪري. ۽ حج پورو ڪري، ته انهن ٻنهي صورتن ۾ حڪم اهو آهي، ته ان شخص تان حج جو فرض لهي ويو. پر جي ان شخص تي حج فرض آهي ان ۾ فرضيت جا شرط موجود نه آهن نه ڪي ادا جا شرط ان ۾ لڀن ٿا جيئن اهو شخص چريو يا ٻار آهي، جنهن ۾ پوري تميز بنهه ڪانهي، ته ان جي پاران ٻئي جو نائب ٿيڻ حج جي ادا لاءِ درست آهي، پر ان جا شرط تمام گهڻا آهن. ان جو تفصيل تمام وڏو آهي، جيڪي فقهه جي ڪتابن ۾ مذڪور آهن. پر ان نائب جو حج نفل چون ٿا. ٻار جي طرفان پڙهي يا چرئي جي طرفان پڙهي. پر جي ان ۾ فرضيت جا شرط لڌا پر ادا جا شرط ان ۾ موجود نه ٿيا، جيئن اهو شخص جنهن کي بادشاهه حج پڙهڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي آهي يا جيڪي ٻيا ان جهڙا آهن. ان صورت ۾ جي ان شخص ڪي حيلا ڪري پاڻ وڃي سونهارو حج پڙهيو، ته ان صورت ۾ حج جو فرض چئبو ته ادا ٿي ويس. پر جي ان ڪنهن ٻئي شخص کان پنهنجي پاران حج پڙهايو، ته ان جي پاران سندس نائب حج پڙهندو. جي ان وقت تائين اها عاجزي باقي رهيس، موت جي وقت تائين اها غالب موجود رهي. جنهن ڪري پاڻ حج نه پڙهي سگهيو.
23. فرض آهي، انهن شين کان پاسو ڪرڻ، جيڪي حج جون ڀڃندڙ آهن ۽ عمري جي ڀڃندڙن کان پڻ پاسو ڪرڻ فرض آهي. حج جي ڀڃندڙ هڪ شيءِ آهي. اها آهي احرام کان پوءِ حج ۾ جماع ڪرڻ. عرفات ۾ بيهڻ کان اڳ جماع ڪرڻ ڀڃندڙ آهي ۽ عمري جو ڀڃندڙ پڻ هڪڙو آهي. اهو آهي، عمري جي ستن ڀيرن (طواف) مان چئن ڀيرن کان اڳ جماع ڪرڻ. ان شخص جو حج صحيح نه چئبو، جنهن احرام کان پوءِ جماع ڪيو يا وقوف کان اڳ ڪيائين. جنهن شخص حج ڀڳو آهي، تنهن تي آهي، ته فاسد حج کي توڙ تائين پورو ڪري. ان ۾ حج جا مڙئي ڪم ڪري. اهي ڪم ڪري جيڪي حج ۾ صحيح هجن. پڻ ان تي ڀڃڻ سببان فرض آهي، ته ايندڙ ورهيه ۾ حج جي قضا ڪري ۽ پڻ حج جي ڀڃڻ ڪري بدنو ڍڳن يا اٺن منجهان ذبح ڪري.
24. فرض آهي، احرام جي ورهيه ۾ حج ادا ڪرڻ، جنهن ورهيه ۾ احرام ٻڌي ان ۾ ئي حج به پڙهي. جيڪڏهن ڪنهن احرام هڪڙي سال ٻڌو ۽ حج جي ان کان تاخير ڪيائين، اهو حج ٻئي ڪنهن ورهيه ۾ ادا ڪيائين، ته اهو حج ان صورت ۾ درست نه چئبو. جيڪڏهن ڪنهن حج پڙهڻ لاءِ احرام ٻڌو، پر عرفات ۾ بيهڻ ميسر نه ٿي سگهيس، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته عمري جا ڪم ڪري، هن احرام کان آجو ٿئي، جيڪو ان ٻڌو آهي. مٿو ڪوڙائي ان کان آزاد ٿئي. يا مٿي جي وارن مان چوٿون حصو ڪترائي، ان کان پوءِ ايندڙ ورهيه ۾ احرام ٻڌي. تازو احرام ٻڌي. وري حج پڙهي، ان کي فوت ٿيل حج پاران قضا ڪري اتي عمرو واجب ڪونهي؛ پر ان تي دم به بنهه واجب ڪونهي. هيءُ مسئلو امام اعظم جي مذهب ۾ آهي.
25. فرض آهي، حج جي فرضن ۾ ترتيب جي رعايت رکڻ. احرام وقوف عرفات کان اڳ ڪري. عرفات جو وقوف احرام کان پوءِ ڪري. ان کان پوءِ طواف زيارت جو ڪري.
نوع ٻيو
انهن شرطن جو بيان، جن سان فرض حج صحيح ٿئي ٿو. انهيءَ نوع ۾ ٻه وجهه آهن.
پهريون وجهه: ڪتابن اهي شرط لکيا آهن، جيڪي جهڙا حج فرض ۾ تهڙا نفل ۾. انهن جو پهرئين نوع ۾ بيان ڪيم. جيڪي پهرئين نوع ۾ فرض بيان ٿيا، سي مڙئي وجهه پهرئين ۾ داخل چون ٿا.
ٻيو وجهه: انهن شرطن ۾ آهي، جيڪي حج فرض سان خاص آهن. جن جي نفل حج ۾ رعايت ناهي، ڪتاب لکن ٿا ته اهي مڙئي چار شرط آهن.
1. پهريون شرط انهن مان لکن ٿا، ته بلوغت آهي. تنهن ڪري ٻار جيتوڻيڪ عقل وارو هجي، شريعت ۾ ان جو حج فرض بنهه ناهي. بلڪه ٻارن جو حج نفلي حج آهي.
2. شرط، علماءَ چون ٿا، ته آزاد هجڻ آهي. تنهن ڪري ٻانهي جو حج ماڳهين فرض ڪونهي. سڄو غلام هجي يا ڪجهه غلام هجي. توڙي مالڪ جي موڪل سان پڙهندو هجي توڙي بنا موڪل جي پڙهندو هجي. ٻانهي جو حج نفلي چئبو.
3. شرط آهي احرام وقت نفل جي نيت نه ڪرڻ. تنهن ڪري جي احرام وقت نفل جي نيت ڪري ۽ ان کان پوءِ فرض ڀانئي حج پڙهي، ته ان شخص جو حج فرض نه ٿيندو. توڙي اهو حج مسڪين فقير پڙهي توڙي ان جي قدرت رکندڙ شاهوڪار پڙهي. اهو حج نفلي حج آهي. پر حج فرض ۾ اهو شرط ناهي، ته حج جي نيت کي فرض سان معين ڪري. تنهن ڪري احرام جي وقت جيڪڏهن ڪو شخص مطلق حج جي نيت ڪري فرض يا نفل جي نه ڪري ۽ ان کان پوءِ حج پڙهي، ته ان تان حج جو فرض لهي ويو.
4. شرط آهي، پنهنجي پاران حج جي نيت ڪرڻ، اهو ڀانئي ته پنهنجي طرفان حج پڙهان ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن حج جي ٻئي شخص پاران نيت ڪري ۽ ڀانئي، ته پنهنجي پاران ٿو پڙهان، حج جو فرض پنهنجي ذمي مان ٿو لاهيان، ته ان شخص تان حج جو فرض نه لهندو. پر ان صورت ۾ اهو چئبو، ته ان ٻئي تان فرض لٿو. پر اهو ان صورت ۾ جڏهن ٻيا ان جا شرط موجود ٿيا هوندا، جيڪي ٻئي هٿان حج پڙهائڻ ۾ گهربل ٿيندا آهن، جن جو هن پويان بيان ڪندس.
هن نوع جو تڪملو
تڪملي ۾ پڻ سڄا چار فرض آهن.
پهريون فرض انهن مان هن کان اڳ لکيو اٿم. هن فرض جي اول ۾ گهڻي چٽائي سان بيان ڪيو اٿم، ان کي اڳئين عدد ۾ داخل ڪيو اٿم. ان ڪري هتي هن جاءِ تي ان کي ليکي ۾ نه ڳڻبو، تڪملي ۾ پورا ٽي فرض ليکبا.
1. فرض انهن مان ان شخص جي مٿان آهي، جنهن ۾ فرضيت حج جا مڙئي شرط ۽ فرضيت ادا جا مڙئي شرط لڀن ٿا، ته اهو حج پاڻ پنهنجي سر پڙهي؛ جي ان ۾ اهي سڀئي شرط موجود ٿيا هجن، جيڪي پهرئين فصل ۾ واضح بيان ڪيا اٿم. پر عالمن جو هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي، ته حج في الفور، (فوري طور تي) فرض ٿئي ٿو يا ان جي فرضيت فرصت سان آهي، پر غالب انهن ٻن قولن مان پهريون قول لکن ٿا. گهڻن متنن ۾ اهو مذڪور آهي.
2. انهن فرضن مان، ان شخص جي مٿان فرض آهي، جنهن ۾ فرضيت جا شرط ته موجود آهن، پر ان جي فرضيت جا شرط موجود ناهن ته اهو پنهنجي طرفان ٻئي کان حج پڙهائي. ان ۾ انهن هڙني شرطن جي رعايت ڪري، جيڪي ارڙهين فصل ۾ ذڪر ٿيا آهن. پر ان تي حج پنهنجي حياتيءَ ۾ پڙهائڻ، ان صورت ۾ فرض آهي، جڏهن اهو ماڻهو کيس پنهنجي حياتيءَ ۾ ملي وڃي، جيڪو هوند سندس پاران حج وڃي پڙهي اچي.
3. فرض انهن مان ڪتاب اهو ٿا لکن، ته پنهنجي وارثن کي وصيت ڪري، ته منهنجي طرفان منهنجي مال مان ڪنهن ٻئي کان حج پڙهائجو.
4. فرض انهن مان وارثن جي مٿان آهي، ته ميت جي وصيت کان پوءِ وارث اهو چون، ته ميت جي طرفان حج پڙهندا يا ڪنهن ٻئي شخص هٿان ان لاءِ حج پڙهائيندا. پر، هو تڏهن جڏهن ان ميت جو مال موجود هجي، ان مال جي ٽين پتي حج جي خرچ لاءِ بنا تڪلف جي ڪافي ٿي وڃي. پر جنهن ۾ ادا جا شرط موجود ٿين. فرضيت جا شرط موجود نه ٿين، ته ان تي ڪجهه به فرض نه چئبو، نه پاڻ حج پڙهن، نه ٻئي هٿان پڙهائن، نه ئي حج جي وصيت ڪرڻ انهن تي فرض آهي.
نوع ٽيون: طواف جا فرض
طواف فرض هجي واجب هجي نفل هجي توڙي سنت، مطلق طواف جا ليکي مطابق ڇهه فرض آهن.
1. شرط آهي، اسلام ڪافر جو طواف صحيح نه چئبو. طواف فرض هجي توڙي واجب.
2. شروع وقت طواف جي نيت ڪرڻ. بحر عميق ۾ ان طرح مذڪور آهي، ته نيت اصل طواف جي، طواف جو شرط آهي. تعين ڪرڻ طواف جو شرط ناهي، ته طواف زيارت جي نيت ڪيان ٿو. بحر عميق جي عبارت هتي پوري ٿي. پڻ شيخ علي قاريءَ شرح منسڪ متوسط ۾ فرمايو آهي، ته نيت اصل طواف جي شرطن مان هڪ آهي. ان ۾ تعين شرط ناهي. طواف زيارت جو تعين يا طواف صدر جو، طواف عمري جو يا طواف قدوم جو. پڻ اهو تعين شرط نه چئبو ته طواف فرض يا واجب يا نفل جي نيت ڪري. علي قاريءَ جي عبارت پوري ٿي. طواف زيارت ان طواف کي چئبو، جيڪو حج جي رڪنن مان هڪ رڪن. آهي طواف صدر علماءَ ان جو نالو ٿا چون، جنهن کي مڪي کان هلندي حاجي پڙهن؛ حج کان پوءِ جڏهن مڪي کان نڪرن. طواف قدوم جو، ان طواف جو نالو آهي، جنهن کي احرام ٻڌندڙ مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ۽ عرفات جي بيهڻ کان اڳ ڪندو آهي. طواف قدوم جو بيشڪ سنت آهي. اهو طواف نفل جي قسم مان چئبو. اصل طواف جي نيت طواف جو فرض آهي. جمهور علماءَ جي قول مطابق محققن جو مذهب اهوئي آهي. جيئن صاحب هدايه ۽ ان جا شارح. جيئن ڪافيءَ وارو مجمع جو شارح، ڪنز وارو ۽ ٻيا مصنف. پر ڪن عالمن، الله رحمت ڪرين، چيو آهي، ته نيت اصل طواف جي طواف جو فرض ناهي. ان لاءِ پهرين نيت ڪافي آهي، جيڪا احرام ۾ حج جي نيت ڪندي ڪيائين.
3. طواف ان جاءِ ۾ ڪرڻ، جيڪا ڪعبي جي چوڌاري موجود آهي. جيڪڏهن ڪعبي کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو طواف ڪري، ته اهڙو طواف بنهه صحيح نه چئبو.
4. اهو طواف ڪعبي ٻاهران ڪرڻ، جيڪڏهن ڪعبي جي اندران طواف ڪندو، ڪعبي جي ديوارن جي وچ تان ڪري، ته اهو طواف درست نه چئبو.
5. فرض آهي، اهو طواف مسجد حرام ۾ ڪرڻ. توڙي زمين تي ڪري يا ان جي ڇت تي ڪري. جي اهڙي طريقي سان طواف ڪري، جو مسجد حرام کي ٻاهران ڦري، ته اهو طواف شرع ۾ درست نه چئبو.
6. فرض آهي، اڪثر طواف جو ادا ڪرڻ. چار ڀيرا پنهنجي مٿان طواف لاهڻ، جيڪڏهن ڪنهن شخص طواف جا ٽي ڦيرا ڏنا، ته ان جو طواف صحيح نه چئبو. ان ڪري طواف ۾ چار ڦيرا ڏيڻ فرض ٿيا. ٽي ڦيرا باقي جيڪي بچن ٿا، سي واجب آهن.
تنبيهه موچاري: هيءُ ڇهه فرض جيڪي ذڪر ڪيم، سي مڙئي طواف قدوم ۾ پڻ فرض چئبا. جيتوڻيڪ طواف قدوم جو سنت آهي. ان کان سواءِ طواف قدوم ۾ ڪوبه فرض ڪونهي.
نوع چوٿون: صفا ۽ مرويٰ ۾ سعي جا فرض
جيڪي ٻئي مڪي مبارڪ ۾ مشهور جبل آهن، صفا ۽ مرويٰ وچ ۾ سعي واجب چون ٿا. حنفي مذهب ۾ انهن کي فرض نه ٿا چون. پر ان ۾ سڄا ست شرط فرض لکن ٿا. جن کان سواءِ سعي ماڳهين صحيح نه ٿو ٿئي.
1. اهو سعي صفا ۽ مرويٰ ۾ ڪرڻ فرض آهي. جيڪڏهن ڪو حاجي حج کان پوءِ ڪنهن جڳهه تي سعي ٿو ڪري، جيڪو صفاءِ مرويٰ وچ ۾ ناهي، ته اهو سعي شريعت موجب صحيح نه ٿيندو.
2. احرام، جيڪو حج يا عمري لاءِ ٻڌجي. تنهن کان پوءِ سعي ڪجي. جيڪڏهن ڪو احرام کان اڳ سعي ڪندو، ته اهو سعي ان صورت ۾ صحيح نه ٿيندو.
3. سعي وقت ان احرام جو باقي رهڻ. جيڪڏهن سعي حج جو طواف قدوم کان پوءِ، طواف زيارت کان اڳ ٿو ڪري، ته فرض آهي؛ البته جيڪو عمري لاءِ سعي ٿو ڪري، ان لاءِ احرام جو باقي رهڻ فرض ناهي. عمري جو سعي احرام کان سواءِ بلڪل صحيح آهي پر احرام جو باقي رهڻ البته چون ٿا، ته ان سعي ۾ واجب آهي. پر جي حج جو سعي طواف زيارت کان پوءِ ٿو ڪري، ته ان سعي ۾ احرام جو باقي رهڻ فرض ناهي. ان ۾ احرام جو باقي رهڻ نه واجب آهي، نه سنت. طواف زيارت جو تڏهن ڪجي ٿو جڏهن حاجي احرام مان فارغ ٿي وڃي ۽ احرام جا مڙئي ممنوع جائز ٿي وڃن. پر عورت کي ويجهو وڃڻ اڃا ممنوع آهي.
4. طواف کان پوءِ سعي ڪرڻ يا اڪثر طواف کان پوءِ سعي ڪرڻ فرض آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو طواف کان اڳ سعي ڪندو يا اڪثر طواف کان اڳي ڪندو. مطلب ته سعي کي پهريائين ۽ طواف کي پوءِ ٿو رکي، ته اهو سعي بنهه صحيح نه چئبو.
5. صفا کان سعي شروع ڪجي. اهو سعي جو شرط آهي. مشهور روايت ڪتابن ۾ اها آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو مروي، کان سعي شروع ڪندو، ته ان ڀيري کي ڪوبه اعتبار ڪونهي. ان ڪري (اهو ڀيرو ڳڻبو ئي ڪونه) ان تي فرض آهي، ته ان کي ورائي صفا کان شروع ڪري. جي اهو ڦيرو نه موٽائيندو، ته ٻيا ڀيرا جيڪي ان پهرئين ڀيري مٿان ڪيا آهن، سي پڻ صحيح ۽ معتبر نه ٿيندا. ان صورت ۾ اهو سعي صحيح نه چئبو، ائين ان جو اهو سعي ادا نه ٿيندو ۽ اسلام جو هڪ واجب هٿان هليو ويندس. ان سببان ان تي دم واجب ٿيندو. ڪن عالمن جيڪي دين جا باني آهن، چيو آهي ته سعي ۾ جبل صفا کان شروع ڪرڻ اسلام جو واجب آهي، فرض ناهي. ان ڪري مروي، کان شروع ڪرڻ واجب جو ترڪ آهي؛ جنهن ڪري صدقو واجب ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهو ڦيرو ورائي ٻيهر نه ٿو ڪري، ته صدقي فطر جيترو پنهنجي طرفان صدقو ڏئي. پر جي ورائي صفا وٽان ڦيرو ڏنائين، ته اهو صدقو پڻ مٿس واجب ڪونه ٿيندو. پڻ ڪن عالمن، خدا رحمت ڪرين، چيو آهي، ته صفا کان شروع ڪرڻ سنت آهي. ان ڪري جيڪڏهن اهو ڦيرو ورائي نه ٿو ڪري، ته ان تي صدقو دم جو بنهه واجب ناهي.
6. سعي جا ڦيرا يا انهن جو اڪثر ڪرڻ فرض آهي. حج جي مهينن ۾ يا ان کان پوءِ. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن ستئي ڦيرا طواف ڪيو يا چار ڦيرا طواف ڪيو حج جي مهينن کان اڳي شوال مهيني کان اڳ فارغ ٿيو، ته اهو سعي شريعت موجب صحيح نه ٿيو. پر هيءُ فرض ڇهون ان وقت شرط آهي، جڏهن پاڻ مٿان حج جو سعي ادا ٿو ڪري. هي عمري جي سعي ۾ فرض نه چئبو. ان ڪري عمري جو سعي حج جي مهينن ۾ ڪري يا حج جي مهينن کان پوءِ ڪري صحيح ٿيندو. پر جي عمري وارو قارن يا متمتع آهي، ته ان کان اهو سعي بنهه درست نه ٿيندو. نه سڀ ڦيرا، نه اڪثر، جيڪي حج جي مهينن کان اڳ ڪيا اٿس. پر جي ڪو شخص سعي ۾ تاخير ڪري طواف زيارت کان پوءِ ڦيرا ڏنائين توڙي نحر جي ڏينهن ۾ توڙي انهن کان پوءِ، ته انهن مڙني صورتن ۾ علماءَ چون ٿا، ته اهو سعي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي صحيح چئبو.
7. سعي جا اڪثر ڦيرا ڏيڻ فرض آهي، اڪثر سعي جا چار ڦيرا آهن. جيڪڏهن اڪثر ڦيرن کان گهٽ ڪيائين، ته شرع شريف ۾ اهو سعي صحيح نه چئبو. اهو سندس سعي ادا هرگز نه ٿيو، ان صورت ۾ کانئس واجب قضا ٿي ويو.
نوع پنجون: وقوف جا فرض
جن کان سواءِ وقوف عرفات درست نه ٿيندو. اهي فرض مڙئي پنج آهن.
1. شرط انهن مان اسلام آهي. ان ڪري ڪافر جو وقوف عرفات صحيح ناهي.
2. شرط آهي عرفات ۾ بيهڻ واري جو اهڙي صفت وارو هئڻ، ته ان حج صحيح لاءِ احرام ٻڌو هجي. نه ويل حج لاءِ ٻڌو هجي، نه فاسد حج لاءِ. جيڪڏهن وقوف جي وقت احرام ۾ نه هو يا عمري لاءِ احرام ٻڌو هئائين يا فوت ٿيل حج لاءِ احرام ٻڌو هئائين، جنهن حج ۾ کانئس عرفات ۾ وقوف رهجي ويو، احرام کان پوءِ وقوف ميسر نه ٿيس يا ان شخص حج لاءِ احرام ٻڌو، پر ان جو حج فاسد ٿي پيو، جماع ڪري حج ڀڃي وڌائين. وقوف عرفات کان اڳ ۾ ئي ڀڃي وڌائين، ته ان وقوف کي صحيح بنهه نه چئبو.
3. وقوف جو مڪان پڻ فرض آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو عرفات بجاءِ ڪنهن ٻئي هند بيٺو، ته ان جو اهڙو وقوف درست نه چئبو. توڙي ڄاڻي واڻي ائين ڪيائين يا خطا ۾ ائين ڪيائين يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري، جيڪي ان جهڙا آهن ائين ڪيائين، هر حالت ۾ اهو وقوف درست نه چئبو.
4. وقوف جو زمانو پڻ فرض آهي، ان جو شروعات عرفات جي ڏينهن جي زوال کان، عيد جي ڏينهن صبح صادق تائين آهي، جيڪو پهريون نحر جو ڏينهن آهي.
5. حاجين جو عرفات جي ماڳ تي وقوف جي وقت موجود هئڻ فرض آهي، توڙي ساعت ئي ڇو نه هجي. وقوف جي نيت ڪري، توڙي حج جي نيت ڪري، توڙي ان وقت ان جي بنهه نيت ئي نه ڪئي هجي. توڙي جاڳندي عرفات ۾ داخل ٿيو، توڙي ننڊ ۾ داخل ٿيو. توڙي وقوف واري وقت ۾ مجنون هو، توڙي غافل هو، توڙي خبردار، توڙي بيهوش، توڙي ڪنهن شيءِ جي پيئڻ ڪري مست ٿيل هو، توڙي اهو وقوف خوشيءَ سان ڪيو هجيس، توڙي ڪنهن جي زور تي ڪيو هجيس، توڙي ان وقت پاڪ هجي، توڙي جنابت وارو هجي، توڙي بي وضو هجي، توڙي حيض يا نفاس واري ڪا عورت هجي. پر انهن مڙني صورتن ۾ شرط اهو آهي، ته اهو وقوف کان اڳ احرام ٻڌل هجي.
نوع ڇهون: جمع جا فرض
جيڪو عرفات ۾ ظهر جي وقت ۾، ظهر ۽ عصر جي وچ ۾، جمع ٿيندو آهي. هن جڳهه تي هر مؤمن اهو ڄاڻي، ته اهو جمع عرفات جي سنت آهي، ڪن عالمن چيو آهي، ته اهو جمع مستحب آهي، پر ان ۾ پورا ڇهه فرض مقرر آهن.
1. فرض انهن مان اهو ٿا لکن، ته ان جمع کان اڳ صبح جو احرام ٻڌي. ان ڪري جيڪڏهن جمع وقت احرام سان نه هو يا اڳين نماز جي وقت عمري لاءِ احرام ٻڌو هئائين، پوءِ ان شخص وچينءَ جي نماز وقت حج جو احرام ٻڌو يا ٻنهي وقتن ۾ عمري جي احرام ۾ هو، ته انهن ٽن صورتن ۾ ان لاءِ اهو صحيح نه چئبو ته عرفات ۾ ظهر ۽ وچينءَ نماز ۾ جمع ڪري، پر ان جي وقت ۾ اهو ادا ڪري ان طريقي کان سواءِ وچين نماز نه لهندي.
2. فرض آهي، نماز ظهر جي. وچينءَ نماز کان تقديم. جيڪڏهن ان وچين نماز اڳ پڙهي، پوءِ اڳين نماز جمع ڪيائين، ٻئي وقت ظهر ۾ ان شخص پڙهيا، ته اتي وچين نماز ادا نه ٿي؛ توڙي وچين ويسر ۾ اڳي پڙهي وڃي. يا ڀل ۾ پڙهي وڃي. ڀل جو مثال هيءُ آهي، ته پهريائين اڳين نماز پڙهيائين پر اها جهڙالي جي سببان زوال کان اڳ پڙهيائين، ته اهي ٻئي پنهنجي وقت ۾ ورائي پڙهندو. يا ورائي انهن کي وقت ادا کان اڳ (ظهر جي وقت ۾) ترتيب سان پڙهي.
3. ان جو فرض لکن ٿا، ته زمانو آهي، جمع جي زماني جي شروعات عرفات جي ڏينهن جي زوال کان، آخر وقت ظهر تائين آهي.
4. جمع جو فرض آهي مڪان يعني هنڌ. جمع جو هنڌ عرفات جي زمين آهي ۽ پڻ اها زمين جيڪا عرفات کي ويجهي آهي. جيڪڏهن ڪو عرفات کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي انهن نمازن ۾ جمع ڪندو، ته وچين نماز وقت کان ٻاهر صحيح نه ٿيندي. ان کي ان جي وقت ۾ ورائي پڙهڻو پوندو.
5. فرض جمع جو آهي، ٻنهي نمازن جي جماعت ڪرڻ. ان ڪري جي ڪنهن اڳين نماز اڪيلي پڙهي ۽ وچين جماعت سان پڙهيائين يا اڳين جماعت سان پڙهيائين وچين اڪيلي پڙهيائين يا ٻئي عرفات جي ڏينهن اڪيلي طور پڙهيائين، ته اهڙو جمع بنهه درست نه ٿيندو. ان صورت ۾ ان تي فرض اهو آهي، ته وچين نماز ورائي ان جي وقت ۾ پڙهي. امام اعظم جو قول اهو آهي؛ پر صاحبين جو قول اهو آهي، ته جمع لاءِ جماعت فرض نه چئبي.
6. فرض آهي، ته بادشاهه امام ٿئي يا ان جو نائب امام ٿئي. جيئن مڪي جو قاضي ۽ عرفات جو خطيب، جيڪي بادشاهه طرفان مقرر آهن. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن اڳين اهڙي امام جي پٺيان پڙهي، جيڪو بادشاهه جو نائب ناهي يا وچين نماز ٻئي امام جي پٺيان پڙهيائين، ته اهو جمع اهڙيءَ صورت ۾ درست نه ٿيندو. ان ڪري وچين نماز پنهنجي وقت ۾ ورائي پڙهي.
نوع ستون: سانجهيءَ ۽ سومهڻيءَ جي جمع جا فرض
سانجهي ۽ سومهڻي، جن کي مزدلفي ۾ سومهڻيءَ جي وقت ۾ جمع ڪبو آهي. اهو جمع شريعت ۾ واجب آهي. ان جمع کي فرض نه ٿا چون. ان نوع ۾ پڻ پورا ڇهه فرض آهن.
1. حج لاءِ احرام اڳ ۾ ٻڌڻ. جيڪڏهن ڪو احرام کان بنا انهن ۾ جمع ڪندو يا عمري جي احرام ۾ جمع ڪندو، ته ان صورت ۾ اهو جمع درست نه چئبو.
2. عرفات ۾ وقوف اڳ ۾ ڪرڻ. ان ڪري جيڪڏهن وقوف کان اڳ مزدلفي ۾ انهن ٻن نمازن ۾ جمع ڪري پوءِ وڃي عرفات ۾ وقوف ڪيو، ته ان صورت ۾ پڻ جمع صحيح نه ٿيندو.
3. جمع جو زمانو پڻ فرض لکن ٿا. ان جمع جو زمانو اضحيٰ جي عيد جي رات چون ٿا. ان رات کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ رات ۾ اهو جمع درست نه ٿيندو.
4. فرض آهي، ته جمع جو ماڳ مزدلفو آهي. ان ڪري هيءُ جمع مزدلفي کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي صحيح نه چئبو.
5. فرض آهي، هيءَ جمع سومهڻيءَ وقت ڪرڻ. ان ڪري جيڪڏهن مغرب جي وقت جمع ڪيائين، ته اهو جمع ان طرح صحيح ٿيندو.
6. فرض آهي، سانجهي نماز عشاء کان اڳ پڙهڻ. جيڪڏهن ڪنهن سومهڻي جي نماز اڳي پڙهي. ان کان پوءِ سانجهيءَ جي نماز پڙهيائين، ته ان صورت ۾ ان تي فرض آهي، ته سومهڻي ورائي ٻيهر پڙهي، جيستائين پرهه ڦٽي. پر جي پرهه ڦٽيءَ تائين ان شخص ان جي قضا نه ڪئي، ته ڦري سومهڻي نماز درست ٿيس، ان ڪري پرهه ڦٽڻ کان پوءِ اهو شخص سومهڻي ادا نه ڪري.
نوع اٺون: طواف زيارت جا فرض
طواف زيارت ۾ ڇهه فرض چون ٿا. ٽئين نوع ۾، جتي طواف جا فرض بيان ڪيا اٿم، اتي انهن جو بيان ڪيو اٿم.
نوع نائون: جمرن کي چٽڻ جي فرضن جو بيان
جمرن جو چٽڻ شريعت موجب واجب چون ٿا. عالم ڀلارا ان کي فرض نه ٿا چون. ان ۾ عدد جي لحاظ کان اٺ فرض لکن ٿا.
1. جمرن جي ماڳ تي پٿرن جو واقع ٿيڻ يا جمرن جي ويجهو واقع ٿيڻ فرض آهي ويجهڙائيءَ جو مقدار ٽي گز پورا آهي ان ڪري جيڪڏهن پٿريون ٽن گزن کان پري ڪِرن ته اهو هڻڻ بنهه معتبر نه چئبو.
2. فرض پٿرن جو ڇٽڻ چون ٿا. جيڪڏهن پٿريون صرف رکي ڇڏي، ته ان سان واجب ادا نه ٿيندو. پٿريون رمي جي جڳهه تي رکڻيون بنهه ناهن. پر جيڪڏهن رمي جي وقت ائين ڪري ٿو، ته واجب رمي جو ادا نه ٿيندو. پر اهو فعل علماءَ لکن ٿا، ته مڪروهه چئبو.
3. فرض پٿرين جو جمرن جي هنڌ يا ان جي ويجهو بنا ڪنهن واسطي جي پنهنجي فعل سان پهچائڻ آهي. پر جيڪڏهن انهن کي جمرن ڏانهن چٽيائين؛ پر وڃي ڪنهن ماڻهوءَ جي پٺ تي پيون ان کان پوءِ ان تان وڃي جمرن تي ڪريون، ته اهو پٿرن جو هڻڻ درست نه چئبو.
4. فرض آهي ته جدا جدا پٿريون هڻي. جيڪڏهن ستئي پٿريون هڪ ئي دفعي سان هنيائين، ته هڪ کان سواءِ ٻيون درست نه ٿينديون. يعني اهو هڪ ڀيرو شمار ٿيندو.
5. فرض آهي، ته پٿريون پاڻ اڇلي، جيڪڏهن پاڻ قدرت رکي ٿو. پر جي قدرت جي هوندي ان نائب رکيو، جنهن سندس پاران پٿريون هنيون، ته اهو هڻڻ شريعت ۾ درست نه چئبو.
6. پٿرين جو زمين جي جنس مان هئڻ فرض آهي، ننڍيون هجن يا وڏيون. مٽيءَ جا ڀتر هجن يا سرن جا ڪچا پڪا ٽڪرا هجن يا ڪن ٻين زمين جي جنسن جي شين جا ٽڪرا، جن تي تيمم صحيح ۽ جائز آهي، جڏهن ته سون، چاندي، موتيءَ، ڪاٺيءَ ۽ لوهه وغيره جا ٽڪر هڻڻ جائز ناهي.
7. فرض عالم اهو ٿا لکن، ته رمي جو وقت به رمي جي فرضن مان آهي، ته عيد جي ڏينهن پرهه کان پوءِ، يارهين، ٻارهين ۽ تيرهينءَ جي پڻ پرهه ڦٽڻ کان پوءِ هڻن. پرهه ان ڏينهن جي معتبر ٿا چون. تنهن ڪري جيڪو ان ڏينهن ۾ پرهه ڦٽڻ کان اڳ هڻندو يا چئني ڏينهن مان ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ هڻندو ته اهو رمي درست نه چئبو. البته انهن سڀني ڏينهن جي پرهه ڦٽڻ کان پوءِ ايندڙ نحر تائين، جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ پرهه ڦٽڻ سان ڦٽندي. اهو چٽڻ درست آهي. اهو امر ڪتابن لکيو آهي، ته واجب آهي. ان ڪري پهرئين ڏينهن جو پٿريون جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن جي پرهه تائين مؤخر ڪري ڇڏيائين، ته ان واجب جي ڇڏڻ جي ڪري ان شخص تي دم واجب لکن ٿا.
8. فرض آهي ست پٿريون يا ستن مان اڪثر يعني چار هڻڻ. جيڪڏهن ڪو پوريون ٽي عدد پٿريون يا انهن کان گهٽ هڻندو ته اهو رمي جائز نه چئبو.
نوع ڏهون: طواف صدر جا فرض
ڄاڻڻ گهرجي ته طواف صدر واجب آهي فرض ناهي. ان ۾ پورا ست فرض آهن. ڇهه فرض انهن مان اهي آهن، جيڪي طواف مطلق جي فرضن ۾ ٽئين نوع ۾ بيان ڪيم.
7- فرض انهن مان اهو ٿا چون ته طواف صدر جو طواف زيارت کان پوءِ ڪرڻ گهرجي. جيڪو طواف صدر جو طواف زيارت کان اڳ ڪندو، ته اهو طواف، جنهن جو طواف صدر نالو آهي، سو صحيح نه ٿيندو. طواف صدر علماءَ ان کي ٿا چون، جيڪو موڪل وقت ڪجي، جڏهن ماڻهو مڪي کان حج پورو ڪري نڪري.