ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5929) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638112 ڀيرا پڙهيو ويو |
تيمم جا فرض
تيمم نماز جو فرض آهي ۽ اهڙن ٻين امرن جو پڻ فرض آهي جن لاءِ وضو يا غسل فرض آهي، تيمم جا شرط جڏهن لڀندا، جن جي ڪري تيمم درست ٿئي ٿو، جيئن: پاڻي يا ان جهڙي ڪا ٻي شيءِ جن جو بيان گهڻي تفصيل سان ايندو، ته تيمم فرض ٿيندو.
تنهن کان پوءِ اي مؤمن موچارا ٻڌ! ته تيمم جا مڙئي ستيتاليهه فرض آهن.
(1) اسلام ڪافر، لاءِ تيمم درست نه چئبو.
(2) سوچ سمجهه سان ٿيڻ آهي، ان ڪري تيمم صغير تي فرض نه ٿيندو، جيڪو سوچ سمجهه وارو ڪونهي.
(3) شروع ڪرڻ مهل نيت ڪرڻ.
(4) تيمم ڪندڙ طرفان اها نيت هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي پاران تيمم ٿو ڪري.
جيڪڏهن تيمم ٻئي کي ٿو ڪرائي ته ان جا ٻه قسم آهن. پهريون قسم اهو آهي ته ٻيو ميت هجي. ٻيو قسم اهو آهي ته اهو ٻيو جيئرو هجي. پهرئين قسم ۾ عالم اهو حڪم ٿا چون ته ان شخص جي نيت معتبر چئبي، جيڪو مؤمن ميت کي تيمم ٿو ڪرائي. ٻئي قسم جو حڪم اهو ٿا چون ته ان جي نيت بنهه معتبر نه ٿيندي. اها نيت احڪامن لاءِ بنهه ڪم نه ايندي.
(5) تيمم جو نيت ڪرڻ آهي ان شخص لاءِ جيڪو تيمم سان نماز پڙهڻ گهري.
جيئن پنهنجي بدن جي پاڪائي جي نيت غسل وقت يا وضوءَ وقت ڪندو آهي. جيڪا نيت مؤمن ان وقت ڪندو آهي جڏهن حدث اصغر لاءِ وضوءَ وقت ڪندو آهي يا جيڪا نيت حدث اڪبر لاءِ ڪندو آهي. جيئن تيمم ڪندڙ جو مقصد آهي پليتي ختم ڪرڻ يا نماز جو درست ٿيڻ. تيمم وضوءَ لاءِ ڪري يا غسل لاءِ يا جيڪا به نيتڻ وقت نيت ڪري، جنهن به عبات لاءِ ڪري جيڪا سندس مقصود هجي. جيڪا طهارت کان سواءِ درست نه ٿيندي هجي. جيئن هر نماز، تلاوت جا سجدا، جنازي جي نماز. ان ڪري جيڪڏهن تيمم جي نيت: مصحف کي ڇهڻ، مسجد ۾ داخل ٿيڻ يا ٻانگ ۽ اقامت لاءِ يا ٻئي کي سيکارڻ لاءِ ۽ قبر جي زيارت لاءِ ڪري ٿو ته اهڙي تيمم سان ڪابه نماز ماڳهين جائز ڪانه ٿيندي. هيءَ سڀ شيون وسيلو آهن، انهن منجهان ڪابه شيءِ مقصود عبادت ناهي. اهڙين شين جي نيت سان ڪيل تيمم سان ڪابه نماز جائز نه ٿيندي، اهڙيءَ طرح تڙ وارو يا بي وضو جيڪڏهن تلاوت قرآن لاءِ تيمم ڪري ته ان تيمم سان نماز جائز نه ٿيندي ڇاڪاڻ قرآن جي قرائت طهارت صغريٰ کان بنا يعني وضوءَ ۽ تيمم کان بنا جائز آهي، پر انهن صورتن ۾ انهن ڪمن جو ڪرڻ جائز ٿيندو جن لاءِ تيمم جي الله جي حڪم سان نيت ڪئي اٿس. جيڪڏهن ڪافر اسلام لاءِ تيمم ڪري يا ماڳهين مؤمن تيمم ڪري سلام يا ان جي جواب لاءِ ته ان سان پڻ نماز درست نه ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اسلام، سلام ۽ سلام جو جواب ٽئي اهڙا عمل آهن، جيڪي طهارت کان سواءِ ئي ڪرڻ صحيح آهن. اهڙي تيمم سان ڪابه نماز جائز ڪانهي. پر اهڙي تيمم سان اهي مڙئي ڪم ڪرڻ درست چئبا جيڪي متميم نيت ڪيا آهن. حدث اصغر ان کي چئبو آهي، جيڪو وضوءَ جو موجب هجي ۽ حدث اڪبر ان کي چئبو آهي جيڪو غسل جو موجب هجي. جنبي ان کي چئبو آهي جنهن تي غسل فرض هجي. ذڪر جي داخل ٿيڻ سببان يا منيءَ جي ڪرڻ سببان هجي. جاڳ ۾ هجي يا ننڊ ۾. محدث ان کي چئبو جيڪو وضوءَ جو محتاج هجي. دين جا هيءُ مسئلا ٻڌي ياد ڪجان.
(6) ”صعيد“ هئڻ. ”صعيد“ چئبو آهي زمين جي منهن (مٽيءَ) کي يا ان جي جنس جي ڪنهن شيءِ جو هئڻ فرض آهي. جيڪا سڙڻ سان ڇار نه ٿئي ۽ نه باهه سان پگهرجي سگهي.
(7) زمين يا ان جي جنس جي شيءِ پاڪ هجي.
(8) اها مطهر هجي جيڪا پليتيءَ کي پاڪ ڪري. ان ڪري جيڪڏهن زمين کي پليتي رسي. ان کان پوءِ اها هوا يا ان جهڙي شيءِ سان سڪي وئي، ۽ ان سببان ان مان پليتيءَ جو اثر نڪري ويو، ته اهڙي زمين سڪڻ سبب پاڪ ٿي ويندي. ان تي نماز پڙهڻ درست آهي. پر اهڙيءَ زمين کي پاڪ ڪندڙ نه چئبو. ان ڪري ان مٿان تيمم بنهه نه ڪبو.
(9) جنهن شيءِ تي تيمم ڪري سا زمين جي جنس جي هجي. جنهن جي معنيٰ گذري. ان مٿان غبار هجي يا نه هجي.
(10) جنهن شيءِ تي تيمم ڪري سا زمين جي قسم جي هجي ته هيءُ فرض آهي ته، اهڙي شيءِ مٿان غبار هجي جنهن جا هٿن تي اثر ظاهر ٿين، جڏهن هٿ ان شيءِ تي هڻجن. ان ڪري جيڪڏهن ان جو اثر هٿن تي ظاهر نه ٿئي ته ان تي الله جي حڪم سان تيمم جائز نه ٿيندو. ان طرح ڪتابن ۾ مذڪور آهي.
(11) اها شيءِ زمين جي جنس جي هئڻ سان گڏ غير جنس جي ملاوٽ کان پاڪ هجي. يا غير جنس سان ملاوٽ هجي ته زمين جي جنس غير جنس تي غالب هئڻ گهرجي. غير جنس جيئن ڇارُ يا ان جهڙي شيءِ، مٽيءَ سان ملي آهي، پر مٽي ان تي غالب آهي ان ڪري جنهن صورت ۾ خاڪ جي مٿان ڇارُ وغيره غالب هجي يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ غالب هجي ته اهڙيءَ خاڪ تي تيمم درست نه چئبو.
(12) منهن کي هٿن سان مکڻ فرض آهي.
(13) ٻانهن کي ٺونٺين تائين مکڻ فرض آهي.
(14) ٻئي عضوا سنڀالي مکڻ جيئن انهن مان ڪجهه رهجي نه وڃي. ان قول تي عالمن جي فتويٰ آهي.
(15) ٺونٺين جو مکڻ فرض چون ٿا.
(16) ٻن اکين جون ڪنڊون پڻ مکڻ فرض آهن.
(17) اکين جي مٿان ۽ ڀرن ۽ اکين جي وچ واري جاءِ به مکڻ فرض آهي.
(18) نڪ جي نرميءَ جو مکڻ پڻ فرض آهي، جيڪو چپن جي مٿان آهي جنهن جو عربيءَ زبان ۾ وَتَرُ نالو چون ٿا.
(19) ٻن چپن جو اهو هنڌ مکڻ پڻ فرض آهي جيڪو چپن بند ڪرڻ کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو.
(20) ڀروئن جي مٿاڇري جو مکڻ پڻ فرض آهي.
(21) مڇن جي مٿاڇري تي مکڻ پڻ فرض آهي.
(22) عنفقيءَ تي پڻ مَکَ ڪرڻ فرض آهي. عنفقي نالو آهي هيٺئين چپ تي آيل وارن جو.
(23) پوريءَ ڏاڙهيءَ تي مکڻ به فرض آهي ڇڊي هجي يا گهاٽي.
(24) نڪ جا پاسا مکڻ پڻ فرض آهن. اکين تائين.
(25) هٿن سان وچ آڱرين جو مکڻ پڻ فرض آهي جيڪڏهن هڻڻ سببان ان کي غبار نه رسيو هجي.
(26) آڱرين جي مٿن کي دز رسائڻ پڻ فرض آهي جيڪڏهن هٿن هڻڻ مهل انهن کي دز نه پهتي هجي.
(27) اهڙي عضوي تائين مٽي رسائڻ جيڪو چوڙيءَ يا ڪنهن ٻي اهڙي شيءِ هيٺان آيل هجي.
(28) مٽيءَ جو اهڙي عضوي کي رسائڻ فرض آهي جيڪو منڊيءَ جي هيٺان هجي. جيڪڏهن منڊي ۽ چوڙيءَ جي چورڻ سان مٽي رسي ٿي ته ٺيڪ نه ٿي رسي ته مٽي رسائڻ لاءِ انهن کي لاهجي نه.
(29) اهڙي چپڙين تي مسح ڪرڻ پڻ فرض آهي جيڪي ڦٽ مٿان ٻڌل آهن.
(30) مٽيءَ جو ان اڇاڻ کي رسائڻ پڻ فرض آهي جيڪا ڏاڙهي ۽ ڪنن جي وچ تي آهي.
(31) تيمم جي فرضن مان اهو به فرض آهي ته جنس زمين تي ٻه ڀيرا هٿ هڻجن. ۽ اهو ڪم ڪرڻ جيڪو تيمم وقت قائم مقام ٿا چون. جيئن دز جو منهن ۽ ٻانهن کي رسائڻ. انهن عضون تان هواءِ جي لڳڻ ڪري انهن تي هٿ ڦيري تيمم جي نيت ڪري پر هيءُ حڪم تڏهن آهي. جڏهن پنهنجي پاڪائيءَ لاءِ تيمم ڪري.
(32) ٻئي کي جيڪڏهن تيمم ڪرائي ته ٽي دفعا زمين تي هٿ هڻڻ فرض چون ٿا. هڪ منهن لاءِ ٻيو ساڄي ٻانهن لاءِ ٽيو کاٻي ٻانهه لاءِ مشهور آهي. ان طرح درمختيار ۾ بيان آهي.
(33) مسح جا عضوا ٽن آڱرين سان مکڻ فرض آهي. يا ان کان وڌيڪ سان.
ان ڪري جيڪڏهن تيمم وقت مؤمن مسح جا عضوا ٻن آڱرين سان مسح ٿو ڪري، ته اهو تيمم شرع ۾ درست نه چئبو؛ توڙي هڪ آڱر کي يا ٻن کي جنس زمين تي گهڻا ڀيرا هڻي ۽ ڀيري ڀيري سان نئين مسح ٿو ڪري، ان طرح مسلسل ڪري، جيتري مسح فرض آهي، اوتري ڪري ٿو وٺي، تڏهن به تيمم درست نه ٿيندو، حڪيم جي حڪم سان. پر مٿي ۽ موزن جي مسح، جيڪڏهن هڪ آڱر سان ڪري يا ٻن سان ڪري، پر هر ڀيري نئون پاڻي وٺي، ته ان وقت مسح جائز ٿيندي. ان طرح بحرالرائق ۾ مذڪور آهي ۽ شرح منية ۾ پڻ اهڙو بيان آهي.
(34) غلوي جيستائين پاڻي طلب ڪرڻ فرض آهي، جنهن ۾ ٽي سؤ گز شرعي پون ٿا.
گز ۾ چوويهه آڱريون علماءَ لکن ٿا. جيڪڏهن ان مؤمن جي غالب گمان ۾ اهو هجي ته ايتري فاصلي تي پاڻي ملندو. جيئن ڪا ساوڪ ڏٺائين يا ڪي پکي لمندي ڏٺائين. يا ڪنهن مؤمن عادل ان جي خبر ڏنس جيڪو عاقل بالغ آزاد هجي. خبر ڏيندڙ هڪڙو ڇو نه هجي. يا اهو هنڌ آباديءَ وارو هجي ته انهن صورتن ۾ ’غلوي‘ جيترو پنڌ پاڻيءَ جي طلب ڪندو. ان مقرر طرف ويندو جنهن طرف کيس غالب گمان آهي. اهو هڪ طرف هجي ٻه هجن يا ٽي هجن. جيڪڏهن چئني پاسي برابر گمان اٿس پاڻيءَ هئڻ جو ته چئني پاسي غلوي جيتري پنڌ تائين پاڻيءَ جي طلب ڪندو، پر شرط آهي ته اهو طرف ڪنهن نقصان يا خوف کان آجو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اهڙين صورتن ۾ غالب گمان واري پاسي پاڻي طلب ڪرڻ کان بنا تيمم ڪري ٿو، ۽ اهو پاسو امن کان آجو پڻ آهي، ۽ ان کان پوءِ نماز ٿو پڙهي ۽ ان کان پوءِ وڃي پاڻيءَ جي تلاش ٿو ڪري ته انهن جڳهين تان پاڻي نه به ملي تڏهن به اها نماز موٽائيندو، پر جي پاڻي لڌائين، ته پوءِ ته ضرور ڦيرائيندو. اهڙي نماز موٽائڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي؛ پر جيڪڏهن اهو هنڌ خوف وارو آهي، ته اهڙيءَ صورت ۾ ان تان پاڻيءَ جي طلب ڪرڻ جي فرضيت لهي ويندي؛ ڇو نه اتي پاڻي هئڻ جو گمان غالب به هجي.
(35) پنهنجي رفيق جنهن وٽ پاڻي آهي، کان پاڻي طلب ڪرڻ پڻ فرض آهي ۽ اهو گمان غالب هجيس ته گهرڻ پويان اهو رفيق کيس پاڻي ڏيندو.
(36) پاڻي خريد ڪرڻ فرض آهي؛ جيڪڏهن اهو وقت جي قيمت مطابق هٿ اچي ٿو. يا ٻيڻي قيمت کان گهٽ هٿ اچي ٿو. ۽ پڻ ان کي پاڻي جي قيمت جي قدرت هجي، ۽ اها قيمت وٽس خرچ ۽ بار کڻائڻ جي اجوري کان وڌيڪ هجي. مؤمن لاءِ تيمم تڏهن درست ٿيندو، جڏهن ان کي ماڳهين پاڻي ميسر نه ٿي سگهي.
(37) حدث پويان تيمم ڪرڻ فرض آهي حدث اصغر هجي، جنهن سان مٿس وضو فرض ٿئي ٿو يا حدث اڪبر هجي، جنهن سان غسل فرض ٿيندو آهي، ٻنهي ۾ تيمم فرض آهي. ان ڪري جنهن کي بليتي حقيقي لڳل آهي، ان لاءِ تيمم درست ناهي؛ پر دين جي باني عالمن فرمايو آهي، ته حقيقي پليتيءَ ۾ هن طرح مستحب آهي، ته ان کي مٽيءَ يا مٽيءَ جي قسم جي ڪنهن شيءِ سان مهٽي صاف ڪجي.
(38) اها شيءِ لاهڻ فرض آهي، جيڪا منهن ۽ ٻانهن جي کل تي مٽيءَ جي پهچائڻ ۾ مانع هجي. جيئن مڇيءَ جو ڇلر، وهه يا ميڻ جهڙي شيءِ.
(39) تيمم جي درست ٿيڻ لاءِ فرض آهي، اهڙي پاڻيءَ جو نه لهڻ، جيڪو غسل لاءِ ڪافي ٿئي يا جيڪو وضوءَ لاءِ ڪافي ٿئي يا اهڙو پاڻي لهي، پر ان پاڻيءَ واپرائڻ تي ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري وس نه هجي.
جيئن مرض وڌڻ جو خوف هجي يا اهڙي ٿڌ جو خوف آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ماري وجهي يا بيمار ڪري وجهي يا قافلي نڪري وڃڻ جو خوف آهي يا (پاڻي هيٺاهينءَ ۾ آهي) لهڻ جي طاقت ڪانه اٿس. يا (لهي وري) چڙهڻ جي طاقت ڪونه اٿس يا دشمن کان ڊڄي ٿو، جنهن وٽ پاڻي آهي يا ڦاڙيندڙ جانور يا نانگ وغيره کان ڊڄي ٿو، جيڪي پاڻيءَ وٽ موجود آهن يا ڏول ڪونه اٿس جنهن سان کوهه مان پاڻي ڪڍي سگهي يا ڏول آهي پر پليت آهي ان جي پاڻي ۾ وجهڻ سان پاڻي پليت ٿي ٿو پوي يا پاڻي ڪوهه جيترو پري آهي يا ڪوهه کان وڌيڪ پري آهي يا پنهنجي يا پنهنجي رفيق جي اُڃ جو ڊپ اٿس يا قافلي وارن جي اُڃ جو خطرو اٿس. جي اهو مؤمن پاڻي خرچ ٿو ڪري جنهن کي پنهنجي جانور يا ڪتي ۽ ٻليءَ جي اُڃ جو ڊپ آهي يا اٽي ڳوهڻ لاءِ پاڻيءَ جو احتياج آهي يا حقيقي پليتيءَ لاهڻ لاءِ پاڻيءَ جي گهرج آهي. جنهن کي جسم يا ڪپڙي تان لاهي ٿو (ته انهن سڀني صورتن ۾ تيمم ڪري سگهجي ٿو) پر تيمم جي جواز لاءِ (ٻوڙ ۾) رهي جهڙي شيءِ لاءِ پاڻي جو احتياج معتبر نه ٿيندو. اهڙي صورت ۾ وضو ڪرڻ فرض ٿيندو. يا جنازي نماز وڃڻ جو ڊپ آهي جو وضو ٿو ساري ته هٿان نڪريو ٿي وڃيس ته اهڙي موقعي تي پڻ تيمم درست چئبو. يا ڪنهن جي امانت ضايع ٿيڻ جو ڊپ اٿس. جيئن پاڻيءَ جي طلب ۾ وڃي ٿو، ته پويان امانت هٿان نڪتي ٿي وڃيس يا عورت جو ڪنهن فاسق کان ڊپ اٿس. جي پاڻيءَ ڏانهن ٿو وڃي ته ان کي نقصان ٿو پهچي يا ڪنهن عورت کي تيمم جو احتياج آهي، پر پاڻيءَ ڏانهن وڃڻ جي صورت ۾ کيس ڪنهن فاسق طرفان نقصان جو ڊپ آهي ته به تيمم جائز آهي.
(40) اول نماز کان نماز جي فارغ ٿيڻ تائين پاڻي ناپيد هئڻ يا پاڻيءَ جي استعمال جي قدرت ناپيد هئڻ.
(41) تيمم جي فرضن مان هڪ فرض آهي، پاڻ کي اهڙين شين کان جهلڻ، جيڪي تيمم جون ڀڃندڙ آهن.
جيڪي وضوءَ جا ڀڃندڙ آهن، سي ئي تيمم جا ڀڃندڙ به آهن. (انهن سان گڏ) ايترو پاڻي لڀي پوڻ به تيمم جو ڀڃندڙ آهي جيڪو پاڪائيءَ لاءِ ڪافي هجي. ۽ ان پاڻيءَ کان اضافي هجي، جيڪو ضرورتن ۾ گهربل آهي. جي اهڙو پاڻي نماز مان فارغ ٿيڻ کان اڳ ملي پوي ۽ ان جي استعمال جي قدرت به هجيس ته نماز ۽ تيمم ٻئي حڪيم جي حڪم سان ڀڃي. جيڪڏهن اهو پاڻي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٿو ملي ته تيمم ان جو ڀڄي پوندو نماز نه ڀڄندي. ۽ پڻ تيمم ان مهل به ڀڄي پوندو جڏهن اهو سبب ختم ٿي وڃي جنهن جي ڪري مؤمن تي تيمم جائز ٿيو هو. جيئن بيماري يا ٿڌ، جن جي ڪري مؤمن تيمم ڪيو هو. اهي ان شخص مؤمن وٽان ويا ته سندس تيمم به ڀڄي پوندو.
(42) جنهن شخص جون ٻانهون ٺونٺين کان وڍجي ويون ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون ته انهن ٺونٺين منجهان جيترو حصو بچي ان کي ڌوئي.
(43) جنهن شخص جون ماڳهين ٻاهون ٺونٺين کان مٿان وڍيل آهن تنهن جي حق ۾ فرض صرف منهن جو مکڻ آهي ٻيو ڪجهه به ناهي.
(44) جنهن شخص جي هڪڙي ٻانهه ٺونٺ مٿان ڀڳي آهي. اهڙي شخص لاءِ فرض آهي ته هٿ ۽ منهن کي زمين تي هڻڻ کان پوءِ مکي. ۽ پڻ هڪڙي ٻانهن مکي جا وڍجڻ کان بچي وئي آهي.
(45) جيڪو شخص وضوءَ توڙي تيمم ٻنهي تي قدرت نه ٿو رکي تنهن جي حق ۾ فرض اهو آهي ته اهو بنا طهارت جي نماز پڙهي.
اهڙي نماز جو موٽائڻ به ڪونهي. اهوئي صحيح قول آهي، جنهن تي فتويٰ آهي. امام اعظم جو پويون قول ان طرح آهي. جيئن اهو شخص جنهن جون ٻانهون وڍيل آهن، سندس منهن تي گهڻا ڌڪ آهن، هٿن سان انهن تي مکڻ نقصان ٿو ڏئي يا اهو شخص ماڳهين انهيءَ جاءِ کان بند ڪيل آهي. اهو شخص پليت هجي، کيس ڪوبه پاڪ ڪندڙ هٿ نه ٿو اچي، جيئن وضوءَ لاءِ پاڻي يا تيمم لا مٽي. پر اهو مؤمن شخص جنهن کي حقيقي پليتي لڳل آهي. ڪنهن عضوي کي يا ڪنهن جڳهه تي، جنهن کي لاهڻ جي کيس قدرت ڪانهي. ان جو اٺن خارجي فرضن مان فرض ٽئين ۾ بيان ايندو. اتاهون اهي مسئلا ٻڌي ياد ڪجان.
(46) هٿڙا مکڻ، ٻانهن ۽ منهه جي جاءِ تي جيڪو ڦٽ هجي، ان جي مٿان پڻ فرض آهي. جيڪڏهن ان عضوي تي مکڻ نقصان نه ڏئي.
(47) جيڪڏهن عضوي مٿان مکڻ سان نقصان ٿو ٿئي، ته ڦٽ جي چپڙين يا پٽيءَ جي مٿان مکڻ فرض آهي.
انهيءَ طرح محيط برهانيءَ ۾ بيان آهي. خلاصي ۽ عالمگيري ۾ پڻ ان طرح لکيل آهي. دين جا مسئلا ٻڌي يار ياد ڪجانءِ. ان ڪري بحرالرائق ۾ جيڪو منقول آهي، جنهن کي سراج وهاج کان نقل ڪيو اٿائين ته ڪاٺين تي مسح ڪرڻ فرض ڪانهي، سو سڀ ضعيف روايت جي بنياد تي چيو ويو آهي، جنهن روايت ۾ استيعاب شرط ناهي. بحر جي اها روايت ماڳهين شرط ڪانهي.