فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5931) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638175   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪتاب پهريون (اعتقادي فرض)


(ڪل) فرض ٽي سئو ٻٽيهه ٿيا، جن کي ٻن قسمن ۾ ورهايم ته آسان ٿين. تن مان پهريون قسم ايمان جون ست صفتون آهن، ۽ ٻيو قسم انهن جو آهي جيڪي نه ستن مان آهن نه انهن سان تعلق ٿيون رکن.

پهريون قسم:

1- الله تي ايمان آڻڻ 2- ملائڪن تي ايمان آڻڻ 3- ڪتابن تي ايمان آڻڻ 4- مڙني رسولن تي ايمان آڻڻ 5- قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻڻ 6- خير ۽ شر جي تقدير تي ايمان آڻڻ 7- مڙني حيوانن جهڙوڪ: مرون، پکي، توڙي انسان، جيڪي به روح وارا هجن يا جنن ۽ ملائڪن منجهان هجن، سڀني جي مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ تي ايمان آڻڻ. ان جو نالو ايمان تفصيلي ڄاڻڻ گهرجي. ان جو ڄاڻڻ ۽ عقيدو رکڻ فرقان (قرآن) جي حڪم سان فرض آهي ۽ ايمان ۾ اجمالي ايمان ڪافي آهي. تنهن جي تفصيل جي صحت لاءِ ضرورت ڪانهي. ان جو تفصيل مسلمان مٿان الله تعاليٰ فرض نه ڪيو آهي.

هاڻي ڌار ڌار ستن صفتن جو بيان ٻڌو، ته بهشت ۾ مٿاهان ماڳ ماڻيو ۽ مڙني ڏکيائن کان الله جي امان ۾ رهو.

صفت ايمان بالله:

الله تي ايمان آڻڻ جا چوراسي فرض آهن. دل سان انهن کي ٻڌي ياد رکو. 

(1) الله جي وجود جو ويساهه ڪرڻ.

(2) واجب الوجود ڪري مڃڻ.

(3) اهو مڃڻ ته هاڻي به موجود آهي.

(4) ڌڻي سائين هن کان به آڳاٽو موجود هو. عليم جو علم هئڻ هميشه آهي.

(5) رب ڌڻي ايندڙ وقت ۾ به موجود هوندو.

(6) سندس هئڻ جي نه ابتدا آهي نه انتها آهي.

(7) سڄي عالم کان آڳاٽو آهي.

(8) ان تي حدوث جائز ناهي. حدوث پيدا ٿيڻ کي چوندا آهن. فنا (ختم ٿي) وڃڻ کي چوندا آهن.

(9) هڪ آهي شريڪَ کان پاڪ آهي.

(10) هميشه جيئرو آهي، مرڻ کان پاڪ آهي.

(11) سندس جيئڻ روح جو محتاج ناهي.

(12) سڀ ڪنهن شيءِ جو ڄاڻو آهي. ڳجهيون هجن يا پڌريون. دل جا راز به ڄاڻندڙ آهي.

(13) رب سائين جي علم کان ڪابه شيءِ ٻاهر ڪانهي.

(14) علم موليٰ سائينءَ جي صفت ذاتي آهي، پاڻ اهو حاصل نه ڪندو آهي.

(15) علم رب جو مڙني شين کي شامل آهي، اهي شيون اڳ جون هجن، هاڻي جون يا اڳتي جيڪي پيدا ٿيڻيون آهن، سي هجن، سڀني کي سندس علم شامل آهي. 

(16) مڙني مخلوقات جو علم الله جي علم جي بنسبت ائين آهي جيئن سمنڊ ۽ قطري جي نسبت آهي. بلڪه مخلوق جو علم ان کان به گهٽ آهي. ڇو ته مخلوق مان نبين جو علم هجي يا ولين، عالمن، ملائڪن، جنن ۽ پرين جو علم هجي (ته به اهو الله جي علم سان، اها نسبت ٿو رکي جيڪا قطري جي سمنڊ سان هوندي آهي.

(17) ڌڻي سائين ڳالهائڻ لاءِ زبان جو محتاج ناهي.

(18) ٻڌڻ لاءِ ڪنن جو محتاج ناهي.

(19) منهنجو ڌڻي ڏسڻ ۾ اکين جو محتاج ناهي.

(20) ڏسڻ جي ڪابه شيءِ الله جي نظر کان ٻاهر نه چئبي ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. ۽ جيڪا جهان ۾ ٻڌڻ جي شيءِ آهي سا سندس ٻڌڻ کان ٻاهر ڪانهي.

(21) ٻڌڻ ۽ ڏسڻ موجود شين جو خاصو آهي. جا شيءِ موجود ڪانهي سا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل ناهي. ڪنهن به سبب کان انهن ٻن صفتن ۾ ڪوبه نقصان ڪونهي. 

(22) منهنجو ڌڻي آواز ٻڌندڙ آهي. اهي مٿاهان هجن يا ڳجها. هر ماڳ ۽ مڪان جي سرڻ جو آواز ٻڌي ٿو. ڇو نه ماڪوڙيون جبل هيٺان سرنديون هجن.

(23) منهنجو ڌڻي حيوانن، جهڙوڪ: مرن، پکين ۽ هر چرندڙ شيءِ جا آواز ٻڌندڙ آهي، يا جيڪي ٽپا ٺينگ ڏيندڙ آهن، انهن جا آواز به ٻڌي ٿو.

(24) منهنجو ڌڻي جبلن جي پيٽ ۾ موجود ڪيڙن جا آواز به ٻڌندڙ آهي، جيڪي پاڻ پيدا ڪيا اٿس. ۽ مَڇيُن جا آواز پڻ ٻڌندڙ آهي، جيڪي درياهه منجهه آهن.

(25) مولا سائين جڏهن گهڻن جا آواز ٻڌي ٿو، تڏهن گهڻا آواز گڏجي پوڻ سان گوڙ ٿئي، ائين بنهه ناهي.

(26) جي سموريون مخلوقات گڏجي هڪ وقت ۽ هڪ ساعت ۾ مولا کان گهرن ۽ فرياد ڪن، ته به مالڪ هر ڪنهن جي الڳ الڳ دانهن ٻڌي ٿو. خالق کي ان ۾ نه ڀل ٿئي نه ڪو ان سان مٿس گوڙ ٿئي.

 

پکڻ = پکي. وَهٽَر = وهٽ = چوپايا. اَهُکَنِ = ڏکيائن. آگي = الله. پنرهون = پندرهون. ٽول = شئي. ٽولڙا = شيون. ڪه = يا. پؤَا = پويان. ڳالائيندو = ڳالهائيندو. ريه = ريءَ /بنا سڻيندڙ = ٻڌندڙ. اوڻيہ = اڻويهون. پسندڙ = ڏسندڙ. ويها = ويهون. هَڏهِه، بنهه. منجهارا = منجهان، مان. سڻڻ ڪان = ٻڌڻ کان. ايڪيہ = ايڪيهون. ٻايهون = ٻاويهون. سرڻ = چرڻ. ڏونگر = جبل. ٽييهُو = ٽيويهون. سرجڻن = چرندڙن. ٽپندڙ = ٽپا ڏيندڙ. ڪين = ڪيڙن. پنجيهون = پنجويهون.

 

 

(27) مڙني مخلوقات جو الله هڪ آهي. عرش هجي، ڪرسي هجي، بهشت هجي، دوزخ هجي يا لوح قلم هجي. مڙني جو الله هڪ آهي.
(28) منهنجو ڌڻي انهن کي جياريندڙ آهي، جن کي پنهنجي تقدير سان جيارڻ گهري.
(29) منهنجو ڌڻي انهن کي ماريندڙ آهي، جن کي پنهنجي قدرت سان مارڻ گهري.
(30) منهنجو ڌڻي ڪنهن به شيءِ جي مشابهه بنهه ناهي.
(31) ان سان ڪابه شيءِ مشابهه ڪانهي.
(32) رب جنس زالن کان پاڪ آهي.
(33) پٽ ۽ ڌيءَ کان پاڪ آهي. ماءُ ۽ پيءُ کان پاڪ آهي.
(34) هر شيءِ مٿان قادر آهي.
(35) ڪابه شيءِ سندس قدرت کان ٻاهر نڪري نه ٿي سگهي.
(36) منهنجو ڌڻي پنهنجي مرضيءَ سان گهرندڙ آهي. جيڪو گهرندو آهي سو حڪم هلائيندو آهي.
(37) جيڪو گهريائين سوئي پيدا ٿيو. جيڪو نه گهريائين سو بنهه پيدا نه ٿيو.
(38) جنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي، سا ٿي پوندي آهي. سندس امر کان ٻاهر نه نڪرندي آهي.
(39) مولا جيڪو پيدا ڪيو آهي، جنهن کي پيدا ڪندو، سو سڀ سندس تقدير هيٺ پيدا ٿيندو. ۽ الله جي امر سان وجود ۾ ايندو.
(40) ڪا به شيءِ رب جي امر ۽ تقدير بنا ڪڏهن به پيدا نه ٿيندي.
(41) الله سائين جوهر ناهي. جوهر اهڙين ممڪن شين کي چئبو آهي، جيڪي پنهنجي وجود ۾ ڪنهن جاءِ جون محتاج نه هجن.
(42) منهنجو رب جسم کان پاڪ آهي، ڊيگهه ويڪر ۽ اوڻائيءَ کان پاڪ آهي.
(43) منهنجو ڌڻي اهڙي صفت کان پاڪ آهي جنهن کي’عرض‘ چئجي. عرض اهڙي ممڪن کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجي وجود ۾ هنڌ ۽ ماڳ جو محتاج آهي.
(44) جبار مختلف جزن مان جڙيل ناهي. منهنجو ڌڻي ڪنهن به طرح جي ترڪيب کان پاڪ آهي.
(45) اهو رب پاڪ آهي اهڙي امر کان جنهن سان سندس جزا ۽ ڀاڱا ٿين.
(46) موليٰ موصوف جي پڄاڻي ناهي.
(47) ڊيگهه ويڪر کان پڻ پاڪ آهي.
(48) اندازي ۽ اٽڪل کان پاڪ آهي. (سندس اندازو ۽ تخمينو نه ٿو ڪري سگهجي). وهم ۾ اچڻ کان پڻ پاڪ آهي. قياس ۽ خيال ۾ اچڻ کان پڻ پاڪ آهي.
(49) کيس وهم ۽ عقل به ڏسي نه ٿا سگهن. جيڪا به شيءِ عقل ۾ اچي پوءِ اها صورت هجي يا وهم، پاڻ خالق تنهن کان به پاڪ آهي، ٻڌي ڇڏجان! ته جنهن شيءِ کي ٻڌڻ، ڏسڻ، سنگهڻ، چکڻ، ڇهڻ جي قسم جا حواس پروڙين تنهن کي صورت چئبو، جنهن کي ظاهر حواس نه ڄاڻن تنهن کي معنيٰ چئبو. هن کان مٿي جنهن جو بيان گذريو جيئن اهو پروڙڻ ته بکيا آهن، يا اڃيا آهن. صورت توڙي معنيٰ ٻئي مخلوق آهن.
(50) موليٰ خلق کي خلقڻ کان اڳ توڙي هاڻي توڙي پوءِ جڳهه ۽ مڪان کان پاڪ آهي. ائين نه چئبو ته عرش عظيم يا ڪرسي يا آسمان يا ڪعبو يا بيت المعمور موليٰ جو ماڳ ۽ مڪان آهي.
(51) منهنجو ڌڻي زماني کان پاڪ آهي. مخلوق کي پيدا ڪرڻ کان اڳ توڙي پوءِ.
(52) زمان ۽ مڪان ٻئي خالق خلقيا آهن.
(53) منهنجو ڌڻي هر جهت: اڳ، پٺ، هيٺ، مٿي کان پاڪ آهي، ساڄي ۽ کاٻي کان پاڪ آهي.
(54) مولا مڙني ڪمالن سان موصوف آهي جيڪي سندس ذات جي لائق آهن.
(55) نقص وارين مڙني صفتن کان پاڪ آهي.
(56) پاڪ ڌڻي جهل، عاجزيءَ، ضعف، غفلت، شڪ، ويسر، ڀل، غلطي، گونگائيءَ، ٻوڙائيءَ جي صفتن کان پاڪ آهي. ڪوڙ، بهتان برائيءَ ۽ ٻئي ڏانهن احتياج کان پاڪ آهي. ان طرح هر اهڙي صفت جنهن ۾ ڪنهن به طرح ڪو نقص هجي ان کان پاڪ آهي.
(57) منهنجو ڌڻي اٿڻ ويهڻ کان پاڪ آهي، ۽ پاڻ جهڙي کان پاڪ آهي.
(58) منهنجو ڌڻي کائڻ، پيئڻ ۽ ننڊ کان پاڪ آهي.
(59) منهنجو ڌڻي کلڻ، روئڻ ۽ اهڙين ٻين وصفن کان پاڪ آهي.
(60) الله نه زياده ٿئي ۽ نه گهٽ ٿئي.
(61) حاڪمن جو حاڪم ۽ قدرت وارن کان وڏي قدرت وارو آهي.
(62) ٻانهن جا ڪم پورا ڪندڙ آهي.
(63) پنهنجي فضل سان ٻانهي کان جيڪي گناهه ۽ خطائون ٿين ٿيون، تن کي معاف فرمائي ٿو. البته شرڪ ۽ هڙئي قسم ڪفر جا بنهه معاف نه ڪندو.
(64) ڪريم جي مڙني ڪمن ۾ حڪمت آهي. ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ناهي.
(65) جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻ گهرندو آهي ته اهو پيوڪندو آهي. جڏهن ڪو ڪم ڪرڻ گهرندو آهي ته ان لاءِ امر جاري ڪندو آهي ۽ سندس امر ڪاف ۽ نون وچ ۾ آهي. (ڪن)
(66) خلقڻ وقت رب ڪن فرمائيندو آهي نه ته مولا کي ان جي به ضرورت ڪانهي.

 

هيڪ = هڪ. ستايهون = ستاويهون. اٺايهون = اٺاويهون. اوڻٽريہ = اڻٽيهون. ٽريهون = ٽيهون. ايڪٽريهون = ايڪٽيهون. ڌي = ڌيءَ. پوءَ = پيءَ، ماڳه = جاءِ. ڊيگهه، ويلَ = ڊيگهه ويڪر. ٻهرؤ = ٻاهر.

 

(67) مولا جنهن کي پنهنجي فضل سان هدايت ڪرڻ گهرندو آهي، تنهن کي هدايت ڪندو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهرندو آهي، تنهن کي گمراهه ڪندو آهي.
(68) منهنجو ڌڻي وڏو حلم وارو آهي، ٻانهن جي گناهن کي درگذر ڪندڙ آهي.
(69) ٻانهن جو نفعو ۽ نقصان، خير ۽ شر، نيڪي ۽ بدي، بدبختي، صحت ۽ بيماري، ثواب ۽ عقاب قادر جي قدرت ۾ آهي.
(70) مولا مڙني مؤمنن کي عملن موجب ثواب ڏيندو آهي، چڱي عمل جي اندازي جيترو بلڪه ان کان به وڌيڪ ڏيندو آهي. عمل جي اندازي کان ثواب گهٽ نه ڏيندو آهي.
(71) گنهگارن کي سزا، گناهه جي اندازي موجب ڏيندو آهي، ان کان وڌيڪ عالي عدل واري سزا نه ڏيندو آهي، البته پنهنجي فضل سان ڪن ٻانهن کي معاف ڪندو آهي.
(72) منهنجو ڌڻي سڀ ڪنهن مخلوق کي رزق ڏيندڙ آهي.
(73) جن لاءِ گهڻو رزق گهري تن کي پنهنجي پاران گهڻو رزق ڏئي. جن لاءِ تنگي گهري ته انهن جو رزق تنگ ڪري ڇڏي.
(74) رحمان ٻانهي لاءِ پنهنجي رحمت سان جيڪو رزق مقدر ڪيو آهي سو تنهن کي ملندو، ان ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي يا واڌارو ڪنهن جي به وس ۾ ڪونهي ۽ جيڪا مالڪ ٻانهي جي عمر لکي آهي، تنهن ۾ گهٽ وڌ جي ڪابه ڦير گهير نه ٿي سگهندي.
(75) منهنجو ڌڻي مطلق بي پرواهه آهي. کيس ڪنهن مخلوق ڏانهن احتياج ڪونهي.
(76) رب جون مڙئي مخلوقات سندس محتاج آهن.
(77) بزرگي ذات پاڪ جي وڏائيءَ جي صفت آهي خالق جون اهڙيون کوڙ صفتون آهن جن ۾ سندس ڪوبه شريڪ ناهي.

(78) عقل جي لحاظ کان منهنجي مولا کي ڏسڻ دنيا ۽ آخرت ۾ بنا شڪ شبهي جي ماڻهن کان اکين سان جاڳندي ٿي سگهي ٿو، پر واقعي طور دنيا جي جهان ۾ هنن اکين سان ڪنهن ماڻهوءَ جو ڏسڻ هرگز ناهي ٿيو، سواءِ حضرت حبيب ﷺ جن جي جو ڀلن کان ڀلو آهي دنيا جي جهان ۾ حضرت احمد ﷺ جن کان سواءِ ٻيو جيڪو به اهڙي دعويٰ ڪري سو گمراهه چئبو ۽ آخرت ۾ موليٰ جي فضل سان مؤمن سندس ملاقات جو رتبو ماڻيندا.
(79) حضرت احمد ﷺ جن پنهنجي رب کي دنيا جي جهان ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو. معراج جي رات ۾ جهت، مثال، ڪيفيت، ڪنهه، مڪان ۽ زمان کانسواءِ ان جو مشاهدو ڪيائين. مؤمن مولا کي قيامت جي ڏينهن اهڙي طريقي سان ڏسندا. ڇاڪاڻ ته منهنجو ڌڻي مثال، جهت ۽ اهڙين ٻين صفتن کان پاڪ آهي.
(80) الله جون صفتون الله جي ذات سان قائم آهن. قديم آهن ۽ فنا ۽ حدوث کان پاڪ آهن. ازلي ۽ ابدي آهن. سندن ڪابه منتها ڪانهي. حيات، علم، قدرت، ارادو، ٻڌڻ، ڳالهائڻ، ڏسڻ ۽ خلقڻ انهن صفتن مان چون ٿا.
(81) الله جون هيءُ صفتون سندس عين آهن. غير نه آهن. غير ان کي چئجي جيڪا ........... ذات جون مٿيون اٺئي صفتون ازلي ابدي آهن. عين انهن صفتن کي چئجي جيڪي ....... کي چئجي جيڪي ٻه هڪ ٿين. ذات ۽ صفتون پاڻ ۾ هڪ ڪڏهن نه چئبيون.
(82) رب تي ڪابه شيءَ واجب هرگز ناهي.
(83) عليم جو علم سڀ ڪنهن موجود کي شامل آهي اهو موجود واجب هجي يا ممڪن ۽ مڙني اڻ هوندن کي پڻ سندس علم شامل آهي پوءِ، اڻهوند ممڪن مان هجن يا ممتنع مان.
(84) منهنجو ڌڻي، جيڪي به شيون موجود آهن تن سڀني کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي معدومه، يعني ناپيد آهن تن کي به ڄاڻي ٿو. جيڪي اڳتي هلي ٿيڻيون آهن تن کي به ڄاڻي ٿو. رب جي علم کي سوچ ويچار ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سعيي ڪرڻ جي احتياجي نه هوندي آهي. هيستائين چوراسي فرض پورا ٿيا.

 

گولي = ٻانهي. ورسائي واٽ کان = گمراهه ڪري. ويتر = وڌيڪ.

نوٽ: (81) نقطي ۾ اصل لفظ سمجهه ۾ نٿا اچن. (ادارو)

 


ملائڪن تي ايمان جي صفت جا اڻويهه فرض آهن.
(1) اهي سڀ موجود مخلوق آهن.
(2) انهن سچن سونهارن کي خالق خلقيو آهي. اهڙي پچار حديث ۾ آيل آهي، فرشتا موليٰ نور مان پيدا ڪيا.
(3) الله جا سڳورا ٻانها آهن.
(4) الله جي حڪمت جي اطاعت ۾ سچا آهن، امر کان بنهه نه ٿا ڦرن، امر موجب هلن ٿا. سندن اهڙي صفت حديثن ۾ آهي. نه کائن ٿا، نه پين ٿا، نه ننڊ ڪن، نه جماع. زالن کان پاڪ آهن. کين اولاد به ڪونهي؛ نه پيءُ نه ماءَ نه ڀيڻ ڀاءُ، کين اهڙين شين جو احتياج ڪونهي. زالون مڙس نه چئبا، ان کان پاڪ آهن. نه منجهن نڪاح ٿئي نه تڙ پوي. کين شهوت به نه آهي، نه اڳ ۾ نه پٺ ۾. ملائڪن جو عالم ٻين عالمن کان اڳرو آهي، جنن انسانن توڙي ٻين مخلوقن جي عالم کان.
(5) ڪي ملائڪ عرش کڻي بيٺل آهن. جيڪو مڙني مخلوقات کان گهڻو وڏو آهي.
(6) ڪي ملائڪ، ماڻهن کان جيڪي چڱايون مٺايون ٿين ٿيون، سي لکن ٿا. حديثن ۾ پڻ اهڙو بيان آهي ته ڪاتب ملائڪ چڱو يا مٺو عمل ڪندڙ ماڻهوءَ جي ڪلهن تي ٿا ويهن. ساڄي ڪلهي تي چڱائي جا ملائڪ ٿا ويهن، کاٻي ڪلهي تي مَٺائي جا.
(7) ملاڪن مان الله سائينءَ ڪي سنڀاليندڙ ڪيا آهن، ته نوع انسان جي نگهباني ڪن.
(8) ڪي ملائڪ بهشت جا خزانچي آهن.
(9) ڪي دوزخ جا سنڀالڻ وارا آهن.
حديث ۾ هن طرح مضمون آيل آهي ته ڪي ملائڪ ڪڪرن مٿان مقرر آهن. ڪي ملائڪ الله مينهن مٿان بيهاري ڇڏيا آهن. ڪي ٻانهن جي موت مٿان، ڪي رزق مٿان ته ڪي ٻين ڪمن لاءِ قائم ڪيل آهن. ڪي مؤمنن جي نمازن ۾ حاضر ٿين ٿا. مؤمن سان گڏ ان جي نماز مطابق نماز پڙهن ٿا. ڪي آسمانن ۾ خالص نماز پڙهن. الله جي امر موجب جماعت سان پڙهن. ڪن جي دائمي عبادت اها مقرر ٿي آهي، ته قيام ڪن. ڪن جي رڪوع عبادت آهي، هميشه اها عبادت ڪندا رهن. ڪي هميشه سجدي ۾ رهن، ڪي قعود ۾.
(1) ڪن جي عبادت اها آهي ته هميشه تسبيح ۾ رهن.
(2) سندن عبادت ۾ فطور ڪونه اچي، عبادت ۾ اڀا بيٺل آهن.
(3) اهي ڀلارا عبادت ۾ ٿڪجن پڻ ڪين.
(4) رب جي حڪم کان تڪڙ نه ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح امر ۾ اهي قائم آهن.
(5) اهي صغيرن ۽ ڪبيرن کان پاڪ آهن.
(6) هر پليتيءَ کان پاڪ آهن. اها سنهي هجي، ٿلهي هجي يا مني هجي، يا ڪي حقيقي پليتيءَ جا ٻيا قسم هجن.
(7) اهي حڪمي پليتيءَ کان پڻ پاڪ آهن. جيئن بي وضو ٿيڻ يا تڙ پوڻ.
(8) سڀ ملائڪ تڙ پوڻ کان پاڪ آهن.

 

هَڏَهِه = ڪڏنهن. ايڪا اسيههَ = ايڪاسي. بيا اسيههَ = ٻياسي. پني = پوري. اُڻِيهَه = اڻويهه. جوين = زالن. پنجوءٌ = پنجون. پيٽِ ۽ فرجا = اڳ ۽ پٺ. جيڻي ۽ ڏائي = ساڄي ۽ کاٻي. ستيءَ = ستون. سانڍا = سنڀاليندڙ. اٺوءٌ = اٺون. اهڙي پچارا = اهڙيءَ طرح. پنرهون = پندرهون. سني ٿلي = سنهي ٿلهي.

 حديث ۾ حضرت رسول ﷺ جن کان آيل آهي ته ملائڪن منجهان ڪي رب، پنهنجي حڪم سان ٻين ملائڪن کان ڀلا ڪيا آهن. ٻين ملائڪن کان ڀلا چار ملائڪ مشهور آهن. انهن مان هڪ: جبرائيل، جنهن وحي آندي. ٻيو: اسرافيل جنهن کي الله ’صور‘ ڏني، جنهن کي قيامت جي ڏيهن ڦوڪيندو. ٽيون: ميڪائيل، جيڪو مالڪ خلق جي رزق واسطي مينهن ۽ هوا لاءِ مقرر ڪيو آهي. اهو وڄن ۽ گوڙ مٿان مقرر آهي ۽ پڻ پاڻيءَ تي به اهو مقرر آهي، گوڙ ان ملائڪ جو آواز آهي، جيڪو مينهن تي موڪل آهي. چوٿون: عزرائيل آهي. اجل (موت) ان جي حوالي آهي، جيئرن کي ماريندڙ آهي، سڀني جو ساهه الله جي امر سان وٺندڙ آهي. پنهنجي دين جي بانيءَ فرمايو ته جبرائيل ۽ اسرافيل ٻئي افضل چئبا. ميڪائيل ۽ عزرائيل کان اهي اڳتي آهن. البته پهرين ٻن منجهان ڪهڙو افضل آهي ان ۾ عالمن جو اختلاف ٿيو آهي. اڪثر جي فتويٰ مطابق جبرائيل اسرافيل کان وڌيڪ آهي هن ۾ بنهه اختلاف ناهي ته ميڪائيل حضرت عزرائيل کان گهڻو ڀلو آهي.
(9) ملائڪن جي اصل رهائش آسمانن ۾ آهي. ڪڏهن زمين تي به اچن ۽ حڪم اچي جاري ڪن، جيئن کين موليٰ جو حڪم ٿئي. ان مطابق جيئن جو تيئن اچي ڪن.
(10) ڪن ملائڪن کي پر عنايت ٿيا آهن. ڪن کي ٻه، ڪن کي ٽي ڪن کي چار ته ڪن کي وڌيڪ به آهن.
حديث ۾ خيرالرسل کان آيو آهي ته حضرت جبرائيل کي ڏاتار ڇهه سؤ پر ڏنا آهن. انهن مان هڪ پر اوڀر اولهه کي ڀري ٿو ڇڏي ۽ جيڪو اولهه ۽ اوڀر جي وچ ۾ آهي تنهن کي به ڀري ٿو ڇڏي. ڏيهه جي ڏاتار، حضرت عزرائيل کي پڻ اهڙا وڏا ڇهه سؤ پَر ڏنا آهن، جو انهن مان هڪ هڪ پر جبرائيل جي ڇهه سؤ پرن جي برابر آهي، ۽ ملائڪن جي خلقت ۾ وڏا اختلاف آهن. ڪي صورت ۾ وڏا ته ڪي بنهه ننڍا. پر انهن جي وڏائي الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ڄاڻي. حضرت اسرافيل جڏهن خوف ۾ ايندو آهي ۽ مٿس خوف جو غلبو ٿيندو آهي ته سُسي جهرڪيءَ جيترو ننڍڙو ٿي پوندو آهي. عليم جي ايڏي وڏي عظمت آهي جو ان جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. قادر انهن ملائڪن کي اها قدرت ڏني آهي ته پنهنجي صورتن کي اصل صورت کان ڦيري سگهن. جيڪا صورت گهرن سا مٽائن. ڪڏهن انسان جي صورت ۾ به ظاهر ٿيندا آهن، پر ڪوبه ان جي بنهه قدرت نه ٿو رکي ته ملائڪن کي سندن اصلي صورت ۾ ڏسي سگهي. نبي هجن، اولياء هجن يا ڪي ٻيا، پر هيءَ قدرت قادر حضرت محمد ﷺ کي عطا ڪئي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ملائڪن کي سندن اصل صورت ۾ ڪا گهڙي به ڏسي ته ان ئي گهڙيءَ مري پوي، جٽاء نه ڪري سگهي. پر حضرت جبرائيل کي خيرالانبياء پورا ٻه ڀيرا مَلڪي صورت ۾ ڏٺو. هڪ اجياد نالي جبل تي جيڪو مڪي کي حرا جيترو ويجهو آهي ٻيو ڀيرو حضرت جبرائيل کي معراج جي رات ”سدرة المنتهيٰ“ تي ڏٺائون. البته ملائڪن کي سندن ملڪي صورت کان سواءِ خالق جا کوڙ خاص ٻانها پسي سگهن ٿا، پوءِ اهي نبي هجن يا صحابي، ولي هجن يا صالح ٻانها. اهڙيءَ طرح انهن جو ڏسڻ جائز آهي.
الاهي ڪتابن تي ايمان جي صفت:
ايمان جي ٽين صفت رب سائينءَ وٽان نبين هٿان آيل ڪتابن تي ايمان آهي. ان جا يارنهن فرض آهن، جيڪي مومن کي سکڻ گهرجن.
(1) جيڪي به ڪتاب ۽ صحيفا آيا آهن، سي نبين تي نازل ٿيا ۽ الله وٽان آيا آهن. انهن ۾ ڪوبه شڪ شهبو ڪونهي.
(2) هڙئي الله جو ڪلام آهن.
(3) دل جي سچائيءَ سان بنا شڪ شبهي جي مڃجي ته اهي حق سچ آهن.

 

رهڪ = رهائش. اُڀا = فرمانبردار. جانڪيتان = جيئن جو تيئن. پکڙانڊيون = پر. پرو نه پاندا = انت نه ڇيهه. ڏونگر = اوڏو = ويجهو.

 (4) نبين سونهارن تي جيڪو به نازل ٿيو آهي، سو سڀ حق آهي.
(5) مڙني ڪتابن کي صدق سان مڃيوسين، انهن جو تعداد مقرر ڪونهي، الله ٿو ڄاڻي ته ڪيترا آهن.
(6) مومن تفصيلي ايمان آڻي ڪتابن کي تفصيلي بيان ڪري، چوي توراة، انجيل، زبور، قرآن.
(7) هي چار ڪتاب چئن رسولن تي نازل ٿيا. توراة حضرت موسيٰ، انجيل حضرت عيسيٰ، زبور حضرت دائود ۽ فرقان فائق ڀلي (حضرت محمد رسول الله ﷺ) تي.
حديث ۾ عالم جي اجهي ﷺ فرمايو ته مڙئي سؤ چار ڪتاب اٺن رسولن تي عنايت ٿيا. ڪن عالمن سؤ چوڏهن چيا. انهن اٺن کان سواءِ ڪنهن تي به ڪو ڪتاب ڪونه لٿو. انهن مان وڏا ڪتاب وري چار آهن، جن جو بيان مٿي گذريو. ٻيا سڀ سونهارا ننڍا صحيفا هئا. جن مان ڏهه صحيفا حضرت آدم تي، پنجاهه حضرت شيث تي، ٽيهه حضرت ادريس تي ۽ ڏهه حضرت خليل تي نازل ٿيا. انهن اختلافن جي ڪري ڪتابن لکيو آهي ته مؤمنن تي اِهو واجب آهي ته ڪتابن مٿان ايمان ۾ عدد مقرر نه ڪري. عالم حديث مان هن طرح ٿو لکي ته توراة چئن ڪتابن مان مڙني کان گهڻو وڏو آهي ۽ فرقان ظاهري صورت ۾ انهن کان گهڻو ننڍو آهي.
(8) فرقان مٿان عمل ڪرڻ فرض آهي. ٻئي ڪنهن اهڙي ڪتاب تي عمل ڪرڻ جائز ناهي، جيڪي مرسلن ڏانهن موڪليل آهن.
پر جي فرقان جو حڪم ٻين ڪتابن سان موافق آهي ته هن امت جو انهن تي ان وقت عمل جائز آهي. جو ان حڪم کي فرقان جائز ڪيو آهي، پڻ حبيب جي حديث ۾ هن طرح آيل آهي ته توراة عبراني زبان ۾ موسيٰ تي نازل ٿيو، انجيل سرياني زبان ۾ حضرت عيسيٰ تي، زبور يوناني زبان ۾ حضرت دائود تي ۽ فرقان عربيءَ ۾ احمد ﷺ تي نازل ٿيو.
(9) فرقان عربي زبان ۾ منهنجي مولا موڪليو.
(10) عربي زبان ۾ فرقان وڏو معجزو آهي.
معجزو ان لحاظ کان ٿا چون ته ان جي مقابلي کان ملڪ، جن، انسان عاجز ٿيا، ڪنهن کي ڪا اهڙي هڪ سورة ٺاهڻ جي طاقت ۽ قدرت ڪانهي. جيڪا فصاحت ۽ بلاغت ۾ ان جي برابر ٿئي. ڇو نه وڏي سورة هجي يا ننڍي ۽ ڇو نه اڳيان پويان سڀ گڏجي پون. جن هجن انسان هجن يا ملائڪ. اڀرندي وارا هجن يا الهندي وارا هجن، ننڍي سورة جي به ڪنهن کي طاقت ڪانهي. رب جي اڳين ڪتابن کي معجزو نه چئجي. معجزو قرآن جي خاص صفت آهي. اڳين ڪتابن کي ڪافرن ڦيري ڇڏيو. قرآن کي ڦيري نه سگهيا. الله کين عاجز ڪري ڇڏيو. پر مڙئي رب جا ڪتاب بنا شڪ شبهي جي حق آهن، انهن جو ڪلام وڏي شان وارو آهي.
(11) مڪي جا ڪافر سڀ گڏجي ان جهڙو ڪلام آڻڻ کان عاجز ٿي ويا ڪا ننڍي سورة به ڪو آڻي ڪونه سگهيو.
انبيائن ۽ رسولن عليهم السلام تي ايمان جي صفت:
ايمان جي چوٿين صفت آهي نبين ۽ رسولن تي ايمان آڻڻ. هن ۾ ڇائيتاليهه فرض آهن.
(1) انهن تي دل جي ويساهه/ يقين سان ايمان آڻجي ته اهي سونهارا خالق جا خاص ٻانها آهن، ڪوبه ٻانهو سَندن مَٽ ڪونهي. الله جي اطاعت لاءِ هو هر وقت تيار آهن. الله کين سڀني کان وڌيڪ عزت وارو ڪيو آهي.
(2) الله جي طرفان اهي رسول آهن.
(3) بيشڪ اهي انهن مڙني ڳالهين ۾ سچا آهن، جيڪي پنهنجي امتين کي ٻڌائن ٿا. الله طرفان جيڪو امر ۽ نهي ٻڌائن ٿا، سو سڀ سچ آهي. رب جا جيڪي به حڪم ٻڌايائون يا جيڪي واعدا ۽ دڙڪا الله طرفان ڏسيائون سي سڀئي سچ ٿيا؛ غلط نه ٿيا. منجهن ايمان جي خوبي هميشه موجود آهي.

 

ٽرئي = ٽين. سڀڪو ورڃاڻي = هر هڪ سمجهي سڃاڻي. تهر = ان وقت.

 (4) انهن نبين مان هر هڪ واحد طرفان ٿيل وحي ۽ امرن جو امين آهي.
(5) کين منهنجي موليٰ امت لاءِ بشير ۽ نذير ڪري موڪليو آهي. مؤمنن ۽ فرمانبردارن کي خوش خبريون ڏين ۽ ڪافرن کي ڊيڄارين.
(6) انهن جي موڪلڻ ۾ سڀني جهانن لاءِ رحمت آهي. انهن تي ايمان آڻيندڙ ۽ فرمانبردار موچاري مقصد کي رسندا. سڀني جهانن لاءِ سڀ کان وڏي رحمت احمد ﷺ آهي.
(7) اهي سڀ ڇٽل ۽ معاف ڪيل انسان آهن.
(8) سڀئي انبياءَ مردن مان آهن. عورتن مان ڪابه نبي ڪانهي، فتويٰ انهيءَ تي آهي.
(9) سڀني انسانن ۾ سڀ کان ڀلا آهن، انهن جهڙو جهان ۾ ٻيو ڪو بنهه ڪونهي.
(10) ڀلائي ۽ فضل ۾ انهن سان ڪوبه برابر ۽ مٽ ڪونهي ڇو نه صالح عالم هجي يا ولي.
(11) منهنجي ڌڻيءَ انهن مان ڪن کي ٻين نبين رسولن تي ڀلارو ۽ فضل وارو بنايو آهي.
(12) اهي مولي جا محبوب آهن.
(13) وڏيءَ محبت منجهان رب کي دوست رکن ٿا.
(14) اهي خلق جا خير خواهه هادي ۽ حق جا رهبر آهن.
(15) خلق کي پاڪ خالق ڏانهن سڏين ٿا. بهشت جي باغن ۽ رب جي رضا ڏانهن سڏين ٿا.
(16) انهن مان ڪي رسول آهن ته ڪي نبي آهن.
حديث شريف ۾ مذڪور آهي ته موليٰ ٽي سؤ تيرهن رسول موڪليا آهن. ٻيا انهن مان سڀ نبي هئا. البته نبين جي ڳاڻاٽي ۾ عالمن، جيڪي دين جا باني آهن، اختلاف ڪيو آهي. ڪن هڪ لک چوويهه هزار ۽ ڪن ٻه لک چوويهه هزار لکيا آهن. ان ڪري عالمن، الله مٿن رحمت ڪري، فرمايو آهي ته مؤمنن مٿان واجب آهي ته هن طريقي تي ويساهه ۽ يقين جو اقرار ڪن: ته سڀني نبين تي ايمان آندوسين“ احتياط خاطر عدد مقرر نه ڪجي. هاڻي وڏي وجد وچان رسول ۽ نبيءَ جي معنيٰ ٻڌو. عرف شرعي ۾ رسول ان کي چئجي جنهن مٿان امت کي پهچائڻ فرض آهي. نبي ان کي چئجي جنهن تي رسائڻ فرض آهي ۽ استحسانُ ٻنهي طريقن تي آهي. نبوت جي صفت رسولن لاءِ ثابت آهي. رسالت ۾ ڪتاب بنهه شرط ناهي. نه ان لاءِ صحيفو شرط آهي. نه ان ۾ نئين شريعت جو شرط آهي.
(17) انهن مان پهريون حضرت آدم آهي ۽ پويون سڀني مان حضرت محمد ﷺ آهي.
(18) مڙئي عقل ۾ ڪامل ۽ نقص کان پاڪ آهن.
(19) اهي عقل جي گهٽتائيءَ ۽ غفلت کان پاڪ آهن.
(20) اهڙين بيمارين کان پاڪ آهن، جن کي ماڻهو عيب سڏين ٿا. جيئن چريائي، جزام جيڪو عضوا ڇاڻي وجهندو آهي. ڪوڙهه، انڌائپ، منڊائپ، کدڙائي ۽ ان جهڙيون ٻيون شيون.
(21) گناهن کان اهي معصوم آهن. بلوغت کان اڳ توڙي پوءِ، نبوت کان اڳ توڙي پوءِ هيٺين گناهن جو ارادو به انهن کان نه ٿيندو آهي. پهريون: ڪفر. ٻيو: ڪوڙ، دغا، ٽيون: امانت ۾ خيانت. چوٿون: واعدي خلافي.
ڪتاب چون ٿا ته عالمن جو ان تي اتفاق آهي. انهن گناهن کان سواءِ ٻين گناهن ۾ عالمن هن طرح اختلاف آندو آهي. ڪن چيو آهي ته نبوت کان پوءِ انهن کان اهي پاڪ آهن. صغيرا هجن يا ڪبيرا ۽ نبوت کان اڳ ڪبيرن کان پاڪ آهن؛ صغيرا ڪڏهن کائن ٿي پوندا آهن. پر عالمن صحيح قول هيءُ چيو آهي ته مڙئي رسول مڙني گناهن کان پاڪ آهن، صغيرا هجن، ڪبيرا هجن، سهو ۾ يا ڄاڻي واڻي، نبوت کان اڳ يا پوءِ، بلوغت کان اڳ يا پوءِ، صحت ۾ يا بيماريءَ ۾، رضا خوشيءَ ۾، يا ڏمر ۾، هر حالت ۾ اهي گناهن کان پاڪ آهن.
(22) ويسر ۽ ڀل کان معصوم آهن. الله جو امر پهچائڻ ۾ غلطي ڪرڻ کان پاڪ آهن. وحي ٻڌڻ مهل، ان کان پوءِ يا امت کي پهچائڻ مهل (هر صورت ۾ غلطيءَ کان پاڪ آهن.)
(23) الله واحد جهڙي قسم جي وحي موڪلي، ملائڪ جي واسطي سان موڪليائين يا الهام جي طريقي تي موڪليائين يا خواب يا ڪنهن ٻئي طريقي سان موڪليائين، اهو سڀ حق ۽ سچ موڪليائين. وحي جا ڇائيتاليهه طريقا آهن، جن ۾ ملائڪ احمد ﷺ جن آڏو آيو.
(24) خواهش جي قسم جي ڪابه ڳالهه نه ڳالهائيندا آهن. يعني جيڪا الله جي وحي کان سواءِ هجي. سندن مڙئي ڪلام الله واحد جي وحي آهي.
(25) کين عظيم معجزا عنايت ٿيا، جيڪي نبوت جي دعويٰ جي سچائيءَ جو دليل هئا.
(26) اهي اهڙي شيءِ جي لڪائڻ کان معصوم آهن، جيڪا کين پهچائڻ جو امر ٿيل هجي. پوءِ اها اعتقادي هجي يا عمل جي قسم جي.
(27) کين حڪم پهچائڻ کان ڪابه شيءِ جهلي نه ٿي سگهي، ڀل ڪنهن ظالم جي طرفان ڪو نقصان يا خوف هجي. نه ئي الله جي امر ۾ ڪنهن جي دڙڪن ۽ ڇينڀ کان ڊڄن ٿا، رب جا سچا نياپا پهچائيندا ٿا رهن.
(28) مڙئي احتلام (تڙ پوڻ) کان پاڪ آهن.
حديث جي حڪم مطابق احتلام شيطان جي طرفان هوندو آهي. مڙئي نبي شيطان جي ڇُهڻ کان محفوظ آهن. انهيءَ دليل هن امر تي به دلالت ڪئي ته مڙئي نبي اوٻاسي جي قسم کان پاڪ آهن. ڇاڪاڻ ته حديثن شريفن ۾ هن طرح آيل آهي ته اوٻاسي به شيطان کان آهي. هيءُ مسئلو ڪنهن ڪتاب ۾ صريح نه لڌو اٿم، پر مواهب لدنيه ۾ صريح لکيل آهي.
(29) نبين جي سهڻائپ پڻ وحي آهي. اها ابدي حق سچ آهي. (شايد مراد اها هجي ته سندن حسن به الهامي آهي).
(30) سندن اکيون ننڊ ڪنديون آهن دل ننڊ نه ڪندي آهي، ننڊ ۾ به سندن دل جاڳيل هوندي آهي تڏهن ته حديث ۾ فرمايو آهي ته سندن وحي بنا شڪ شبهي جي سهڻي آهي، ۽ نبين ۾ سمهڻ سببان وضو نه ڀڄندو آهي.
(31) ان جو موڪلڻ الله جي طرفان احسان ۽ فضل آهي. اهي سهڻا شر ۽ خير جي بيان ڪرڻ لاءِ آيا. ٻانهن مٿان رب جو وڏو فضل آهي. رب تي ڪنهن نبيءَ کي موڪلڻ واجب نه هو.
(32) ڀلن رسولن مان ڪي اهڙا آهن، جن کي عربي ٻوليءَ ۾ ”اولوالعزم“ چون ٿا. جن جو ٻين کان صبر ڪامل هو. انهن جي نالن جو تفصيل ڪتابن لکيو آهي، اختصار سببان بيان نه ٿو ڪريان.
(33) مڙئي نبي ازل کان معصوم آهن انهن جي نبوت بنهه موقوف نه ٿي، سندن حياتيءَ ۾ توڙي پوءِ نبي جيئن جيئري نبي چئبا تيئن مرڻ کان پوءِ به نبي چئبا. حڪمن جي منسوخي معزوليءَ جو سبب ڪانهي.
(34) مڙئي نبي عاقت جي برائيءَ کان محفوظ آهن. پاڪ ۽ پاڪيزا آهن. آخرت جي خوف کان پڻ محفوظ آهن.

 

ڪيري = ڪيرائي. ڀورو = ارادو. ٽول = شيءِ. اُباڪي = اوٻاسي.

 

(35) اهي سڀ سونهارا نبوت جي انهن سڀني بارن کڻڻ جي قدرت رکن ٿا، جيڪي الله تعاليٰ کين ڏنا.
(36) حضرت محمد ﷺسڀني ڀلن نبين توڙي رسولن کان به ڀلو آهي.
(37) حضرت احمد ﷺ سڀني ماڻهن ۽ سڀني جنن جو رسول آهي.
پڻ عالمن اهڙيءَ طرح ذڪر ڪيو آهي، ته پاڻ سڳورا (احمد ﷺ جن) ملائڪن جا به رسول آهن. بهشتين، حورن توڙي غلمانن جا به رسول آهن. جيڪي به اڳيان رسول هئا، انهن سڀني جو پڻ رسول آهي. الله جيڪي به روح خلق ڪيا آهن، انهن جو به رسول آهي. خالق جيڪي حيوان خلقيا آهن، انهن جو به رسول آهي. سڀني آسمانن وارن جو به رسول آهي. قدوسي هجن يا حاملين عرش هجن. جيڪا به شيءِ اهل زمين آهي، ان جو رسول آهي. پٿرن توڙي مڙني وڻن جو رسول آهي، آسمانن ۽ عرش ڪرسيءَ جو رسول آهي، ستن زمينن جو مصطفيٰ رسول آهي، سڀني جبلن ۽ دريائن جو رسول آهي، سڀئي مخلوقات، جيڪي جهان ۾ الله پيدا ڪيون آهن، تن جو رسول آهي، تڏهن ته سندن نبوت ۽ رسالت جي شاهدي ڳوهه، بگهڙن، پکين، پٿرن ۽ وڻن پڌري طور ڏني. اڳيان جيڪي نبي هئا، سي الله مقرر قومن ڏانهن موڪليا، انهن جي نبوت عام بنهه نه چئبي، عام نبوت ۽ عام رسالت خاصن ۾ صرف حضرت حبيب جو خاصو آهي.
(38) احمد ﷺ جن جي شريعت هميشه دائم ۽ قائم آهي ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ تائين باقي رهندي، نه ان ۾ ڪو تغير آهي نه ڪو ڦيرُ گهير. ايستائين جو جڏهن آخري حضرت مهديءَ جي زماني ۾ حضرت عيسيٰ ظاهر ٿيندو، ته اهو پڻ حضرت محمد جي شريعت مطابق هلائيندو. هرگز ڪوبه حڪم پنهنجي شريعت مطابق جاري نه ڪندو.
(39) احمد ﷺ جي شريعت پهرين شريعتن کي موليٰ جي حڪم سان منسوخ ڪري ڇڏيو.
(40) حضرت احمد ﷺ جي شريعت کي نسخ بنهه نه آهي. قيامت تائين اها قائم رهندي.
(41) الله تعاليٰ احسان ڪري حضرت حبيب ﷺ جن کي عالمن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. مڙئي عالم سندن برڪت سان راحت کي رسيا. فائق جي فضل سان مڙني کي فيض پهچندو.
(42) الله تعاليٰ جي دوست ﷺ جيڪو علم، رب تعاليٰ پاران پنهنجي امت کي پهچايو آهي، سو صدق ۾ گهڻو سچو آهي.
(43) احمد ﷺ جا معجزا ٻين نبين جي معجزن کان شمار ۾ گهڻا آهن.
(44) احمد ﷺ جي معجزن مان سڀ کان وڏو معجزو قرآن آهي.
(45) محمد ﷺ جي عهد ۾ ڪوبه ٻيو نبي پيدا نه ٿيو.
پاڻ بنا شريڪ جي الله جا رسول هئا. سندن رسالت ۾ ڪوبه ٻيو شريڪ ناهي. کين خاتم الانبياء سڏين ٿا، جو سندن ڪري نبوت ۽ رسالت مڪمل ٿي. احمد ﷺ جن کان اڳ جيڪي نبي ۽ رسول هئا، تن جي زماني ۾ ٻيا نبي ۽ رسول ٿيندا هئا. انهن جي دور ۾ هڪ وقت ۾ گهڻا نبي هئڻ تي منع نه هئي. جيئن حضرت ابراهيم خليل الله ۽ سندن ٻه فرزند حضرت اسماعيل ۽ اسحاق، ٽئي ۽ چوٿون حضرت لوط ان وقت رسول هو. جيڪو حضرت ابراهيم خليل الله جو ڀائٽيو هو. اهي چار رسول هڪ وقت ۾ هئا ۽ جيئن حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون ٻئي هڪ ئي دور/ عهد ۾ نبي هئا ۽ حضرت آدم ۽ حضرت شيث ٻئي هڪ ئي وقت ۾ الله جا رسول هئا.
(46) حضرت احمد جي رسالت عام آهي. اڳيان نبي ماڻهن لاءِ خاص هئا. يعني اهي صرف انسانن جا نبي هئا. انهن جي نبوت ۾ عموم نه هو.


قيامت جي ڏينهن تي ايمان جي صفت:
ايمان جي پنجين صفت اهو ويساهه ڪرڻ آهي ته قيامت جو ڏينهن قائم ٿيڻو آهي ان ۾ ايڪونجاهه فرض چون ٿا.
(1) قيامت جو ڏينهن بيشڪ ٿيڻو آهي. اهو يقيناً حق ۽ سچ آهي.
(2) ان جون جيڪي نشانيون ۽ دليل يقيني ۽ حجت قطعي سان ثابت آهن. قرآن سان هجن يا حديث سان، سي مڙئي حق سچ ثابت ٿينديون.
(3) آخري زماني ۾ سونهارو حضرت مهدي پيدا ٿيندو، جيڪو زمين کي ائين عدل سان مالا مال ڪندو، جيئن ان کان اڳ اها ظلم سان ڀريل هئي.
حديث ۾ حضرت حبيب ﷺ جن کان آيو آهي ته اهو پيءُ جي طرفان حسني ۽ ماءُ جي طرفان حسيني هوندو. اولاد حضرت بتول ﷦مان هوندو. سندن نالو محمد ۽ پيءَ جو نالو عبدالله هوندو.
(4) آخري زماني ۾ ملعون مردود دجال پيدا ٿيندو، جيڪو پاڻ کي الله چورائيندو.
(5) حضرت عيسيٰ پٽ مريم عليه السلام آسمان مان نازل ٿيندو. حضرت احمد ﷺ جي حڪم تي عمل ڪندڙ هوندو.
(6) حضرت عيسيٰ پنهنجي هٿن سان پليت دجال مردود کي سج لهڻ مهل ڪُهَندو.
(7) ياجوج ماجوج ظاهر ٿيندا. سڄي زمين کي وڪوڙي ويندا، (ياجوج ۽ ماجوج) ٻئي قومون انسانن کان وڏيون آهن. اهي ڪافر ڪار مُنها سڄي زمين ڀري ڇڏيندا.
(8) دابة الارض جو پيدا ٿيڻ سچ آهي.
(9) سج جو اولهه کان اڀرڻ، الله جي امر سان حق آهي.
(10) (ان کان پوءِ) توبهه جا دروازا بند ٿي ويندا. سج اڀرڻ کان پوءِ اها قبول نه ٿيندي.
(11) جيئڻ کان پوءِ موت حق آهي، منهنجو ڌڻي انهن مڙني مخلوقن کي ماريندو، جن کي روح ڏنو اٿس. انسان هجن، ملائڪ هجن، يا جن، زمين تي ٽپا ڏيندڙ هجن يا چوپايا، حيوان هجن يا وحشي، پيرن ڀر هلن يا پکي پکڻ هجن يا ڪي ٻيا هجن. مارڻ کان پوءِ وري انهن کي جيئرو ڪري اٿاريندو. سڀئي الله جي حڪم سان جيئرا ٿيندا. الله انهن تي پنهنجو حڪم جاري ڪندو.
(12) عالم برزخ ۾ قبر اندر منڪر نڪير جا سوال برحق آهن.
(13) خدا تعاليٰ جل جلالہ قبر ۾ اهل اطاعت واسطي نعمتون پيدا ڪيون آهن.
(14) قبر جو عذاب ڪافرن کي ٿيندو، بي شڪ اتي حق ٿيڻو آهي.
(15) ڪِن مؤمنن تي پڻ قبر جو عذاب حق آهي. جيڪي مؤمن گنهگار آهن.
(16) حضرت اسرافيل قيامت جي ڏينهن ٻه ڀيرا ڦوڪ ڏيندو. پهريون ڀيرو ماڻهن کي مارڻ لاءِ، مخلوق جي مڙني قسمن جي مارڻ واسطي. ٻيو ڀيرو جيڪا ڦوڪ ڏيندو، سا جيئرو ڪرڻ لاءِ ڏيندو، جنهن سان سڀني حيوانن ۾ روح پوندو.
(17) موليٰ جي مخلوق جي ڪماين جا ڪاغذ قيامت جي ڏينهن ترندا، ته دنيا ۾ ڪيترا ڪم ڪيائون.
(18) مؤمنن کي ڪاغذ ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا.
(19) ڪافرن کي عملن جا ڪاغذ کاٻي هٿ ۾ پٺئين پاسي کان ڏنا ويندا.
(20) منهنجو موليٰ ٻانَهن سان حساب ڪتاب ڪندو، اهو حق ۽ سچ آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي.
(21) ميزان قيامت جي ڏينهن حق آهي.
(22) ترازيءَ ۾ مخلوقن جا عمل توربا.
(23) جن جا موچارا عمل ڳرا ٿيندا، ترازيءَ ۾ تورڻ مهل ۽ تن جا گناهن وارا عمل هلڪا ٿيندا، جيڪي حڪيم جي حڪم سان ٻئي پلڙي ۾ وڌا ويندا، ته اهي مصيبت کان ڇٽي ويندا، بهشت ماڻيندا.
(24) جن جا موچارا عمل هلڪا تريا، بڇڙن عملن جو وزن ڳرو ٿيو، اهي دوزخ ڀيٽيندا. پر جي رحمان رحمت سان ڪنهن گنهگار کي پنهنجي فضل سان معاف ڪري ته اهو بهشت ۾ ويندو.
(25) جن ٻانهن جون چڱايون مٺايون عمل جي ترازيءَ ۾ برابر ٿيون، سي مولا مختار جي مشيت هيٺ رهندا. جن کي بخشڻ گهرندو تن کي بخشيندو. جن کي وٺڻ گهرندو (پڇاڻو ڪرڻ گهرندو) تن کي وٺندو.
(26) قيامت جي ڏينهن سختيءَ مهل ڪن مؤمنن کي عرش هيٺان جاءِ ڏيندو.
(27) پل صراط حق آهي، جيڪا خالق خلقي آهي، ته ٻانها ان جي پٺ تان گذرن. حديث ۾ هن طرح بيان آيل آهي. ته ”صراط“ دوزخ جي پٺيءَ تي پل آهي. تلوار کان وڌيڪ تکي ۽ وار کان سنهي، ڪاري رات کان وڌيڪ اونداهي، جنهن جي ڪارنهن جو اندازو ئي ڪونهي.
(28) سموري خلق ان مٿان گذرندي. ڪن حديثن ۾ ان جو تفسير آيو آهي، ته ڪي ٻانها ان مٿان هوا وانگر گذري ويندا، ڪي وڄ وانگر گذري ويندا، ڪي تازي گهوڙي جيان هلندا، جيڪي تيزيءَ ۾ تکا ڀلا، ڪي انهن مان دوزخ ۾ ڪري پوندا. انهيءَ ۾ اهي عذاب سهندڙ تمام گهڻو پشيمان ٿيندا.
(29) حوض ڪوثر حق آهي، جنهن جي صفت ۾ اهڙي حديث آهي ته ان جو پاڻي کير کان وڌيڪ اڇو ۽ ماکيءَ کان مٺو آهي، جيڪو ان مان پيئندو سو اڃ کان محفوظ رهندو.
(30) شفاعت حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ۽ شفاعت مڙني نبين، اوليائن، صالحن ۽ عالمن جي الله جي اجازت سان حق آهي. الله جي امر کان سواءِ ڪوبه شفاعت نه ڪندو.
(31) بهشت ثابت ۽ صحيح آهي.
(32) بهشت جون نعمتون پڻ ثابت آهن.
(33) ان ۾ جيڪي حورون آهن سي به حق آهن.
(34) ان ۾ جيڪي ماڙيون آهن سي به حق آهن.
(35) ان ۾ جيڪي وڻن جا قسم آهن، سي حق آهن.
(36) ان ۾ جيڪي کٽن جا قسم آهن، سي مڙئي ثابت چئبا تحقيق مطابق.
(37) ان ۾ جيڪي ميون جا قسم آهن، يا ٻين نعمتن جا سي پڻ حق چئبا.
(38) دوزخ حق آهي، اهو به صحيح آهي.
(39) دوزخ ۾ ڄيري (باهه) سان عذاب ڪندو ۽ زمهرير سان پڻ ڪندو، جيڪو پڻ ثابت چون ٿا. ڄيرو طبقو دوزخ جو، اهو آهي، جيڪو گرم آهي، ۽ زمهرير دوزخ جو تمام گهڻو ٿڌو طبقو آهي.
(40) ان ۾ جيڪي ڳچيءَ جا ڳٽ ۽ طوق خالق خلقيا آهن، سي سڀئي بنا شڪ شبهي جي حق آهن.
(41) ان ۾ زنجيرن جا جيڪي قسم الله پنهنجي قهر سان پيدا ڪيا آهن سي پڻ حق آهن.
(42) ان ۾ جيڪي وڇون ۽ نانگ مختلف قسمن جا خالق خلقيا آهن، سي به حق آهن، ٻڌي ياد ڪجانءِ.
(43) دوزخ ۽ بهشت ۾ ٻيو جيڪو به آهي سو مڙئي ملڪ جي موليٰ خلقئو آهي.
(44) بهشت ۽ دوزخ ٻئي هن وقت موجود آهن، جيڪو به ڪجهه ان ۾ آهي سو پڻ ساڳيءَ طرح موجود آهي.

 

تراڙي = ترازي. عملن جو تورُ = وزن. ڳرو ڳرايا = ڳرو ٿيو. تراڙيا = تريا. ويرا = مهل۔ ڦڙ = پل. تراڙ = تلوار. اڀر گهڻون = تمام گهڻون. ماندا = پشيمان، پريشان. تہ آبا = ان جو پاڻي. اُنڄه = اڃ. ڄيري = گرم. ڳٽيءَ = ڳٽ/ طوق. ڀٽون = وڇون. سپا = نانگ.

 (1) بهشت ۽ دوزخ باقي رهندا، انهن تي فنا جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو. انهن جو جيڪو اهل هوندو سو به فنا نه ٿيندو، حڪيم جو اهو حڪم آهي. پر لحظي جيترو وقت انهيءَ پڄاڻان.
(2) رب کي مڙئي مؤمن بهشت ۾ داخل ٿيڻ وقت اکين سان ڏسندا.
(3) حضرت حبيب آخرت بابت جيڪو ٻڌايو آهي، سو سڀ حق آهي.
(4) مقام محمود حق آهي، جيڪو الله، حضرت رسول الله ﷺ کي عنايت ڪيو. ان ۾ حضرت قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو.
(5) مٿاهين منزل واسطي حضرت احمد ڄام جو وسيلو حق آهي.
(6) جزا حق آهي، قيامت جي ڏينهن. مؤمنن مطيعن کي ڏاتار بهشت ڏيندو. پنهنجي ملاقات ۽ ديدار، نعمتون ۽ رضامندو ڏيندو، ۽ ڪافرن کي باهه جي ڄڀين سان عذاب ڪندو. جنهن عذاب ۾ اهي هميشه رهندڙ هوندا.
(7) گنهگار مؤمن مڙئي الله آڏو هوندا. سندس مشيت ۾ سڌا بيٺل هوندا. گهري ته سندن گناهه معاف ڪري، ۽ کين پنهنجي فضل سان بهشت ۾ داخل ڪري. گهري ته کين دوزخ جي ڄڀيءَ سان عذاب ڪري پنهنجي عدالت سان. پر دوزخ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اهي وري نڪرندا ۽ ڪريم جي ڪرم سان بهشت ۾ داخل ٿيندا.
صفت ايمان بقدر خيره و شره:
ستن صفتن مان ڇهين صفت ايمان جي آهي، الله جي طرفان تقدير تي ايمان آڻڻ. اها تقدير چڱي هجي توڙي مٺي. ان ۾ ٽي فرض آهن. سکي ياد ڪجان.
(1) خير توڙي شر جا معاملا، سڀئي الله جي تقدير هيٺ ٿين ٿا. مولا جي مشيت سان حاصل ٿين ٿا. پر خير ۾ رب جو حڪم، رضا ۽ محبت هوندي آهي، جڏهن ته شر ۾ رب جو حڪم نه چئبو.
(2) جيڪي خير جا عمل اختياري آهن، جن کي ٻانها پنهنجي مرضيءَ تحت ڪن ٿا. سي سڀ رب جي تقدير سان حاصل ٿين ٿا. جڏهن ته ٻانهو انهن کي پنهنجي ارادي سان ڪسب ڪندو آهي. بڇڙين شين جي خلقت ۾ ڪابه قباحت ڪانهي. جيئن قتل ڪرڻ يا زنا ڪرڻ يا ان جهڙا ٻيا عمل قبيح نه چئبا، البته انهن عملن جو ٻانهي طرفان ڪسب ڪرڻ برو چئبو. جنهن ڪري قيامت جي ڏينهن ان جو حساب ڏيندو.
(3) ٻانهو پنهنجي ڪسب ۾ اختيار وارو آهي، ان کي مجبور نه چئبو، ان ئي سببان مالڪ ملڪن کي ثواب ڏيندو آهي ۽ ٻانهي ڪسب ڪندڙ کي عذاب ڪندو آهي.
موت کان پوءِ اٿڻ تي ايمان جي صفت:
ستين ايمان جي صفت اها ٿا لکن ته مرڻ کان پوءِ اٿڻ تي ايمان آڻجي. ڪتابن ۾ ان جا پورا پنج فرض آهن.
(1) ان ڪري ايمان آندو سين ته سڀ مخلوقات انسان توڙي جن توڙي ملائڪ توڙي حيوان سڀ قيامت جي ڏينهن مرڻ کان پوءِ اٿندا. حديث ۾ آيو آهي ته رب تعاليٰ قيامت جي ڏينهن مڙئي چوپايا جيئرا ڪندو، جيڪي اڏامندڙ هجن يا پنڌ ڪندڙ يا جيڪي روحن وارا هجن. سي سڀئي مرڻ کان پوءِ اٿندا. ظالم جو مظلوم جي واسطي قصاص ٿيندو. انصاف واري جي درگاهه ۾ عدل جي طريقي تي.
(2) ڏاتار انسانن ۽ جنن کي محشر جي ڏينهن عملن جي موافق جزا ڏيندو. مطيعن کي جنت جزا ۾ ڏيندو ۽ ان جون نعمتون کين عطا ڪندو. گنهگارن کي باهه جو عذاب ڪندو.
(3) اٿڻ کان پوءِ مالڪ ڪنهن کي به نه ماريندو.

 

هير = هن وقت. ئيُ = اهو. سندي اکي = پنهنجي اکين سان. ڪنا خبرن = خبرن  بابت. خاصي منزلا = سٺي/ مٿاهين منزل. ڄڀيا = ڄڀي، شعلو. مهندا = اڳيان. اُڀيٺا = سڌا بيٺل. اُن = انهن. ڌڻڻا =  طرفان / پاران. تيلانہ = تنهن ڪري.

 


(4) اٿڻ کان پوءِ مالڪ مڙني ٻانهن کي محشر جي ميدان ۾ موڪليندو. ٻانهن سان محشر جي ميدان ۾ حساب ٿيندو.

(5) حساب کان پوءِ منهنجو مولا پنهنجي ٻانهن جا پورا ٻه ٽولا ڪندو. هڪ ٽولو جنت ۽ ٻيو جهنم ۾.
ايمان جون ست مشهور صفتون پوريون ٿيون. مؤمن انهن کي گهڻي ويساهه ۽ يقين سان، وري وري ياد ڪري، جيڪي ڪلمو:
لا الہ الا الله محمد رسول الله چوندا، سي ايمان سان جنت ۾ ويندا.
ٻيو قسم اعتقادي فرضن جو آهي. ٻڌي ياد ڪجانءِ، جي نه ستن صفتن مان آهن نه انهن سان تعلق رکن ٿا. ان ۾ هڪ سؤ تيرهن فرض آهن.
(1) انهن مان پهريون فرض ويساهه ڪرڻ ۽ هر ان شيءِ کي دل سان قبول ڪرڻ آهي، جن جي مٿان ايمان فرض ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ان جو عربيءَ ۾ نالو تصديق آهي. اها تصديق بالاجماع ايمان جو جزو آهي. ان ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي، سمورا ان ۾ متفق آهن.
(2) انهن مڙني شين جو اقرار ڪرڻ فرض آهي. جن جو مٿي مون بيان ڪيو.
پر عالمن جو ان ۾ اختلاف آهي، ته اقرار ايمان جو جزو آهي يا شرط آهي، پر ان ۾ اختلاف ڪونهي ته اهو فرض آهي. شڪ شبهي کانسواءِ اهو اجماع مطابق فرض آهي. سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي ڳالهائي نه ٿا سگهن، جيئن گونگو يا ڪو ٻيو اهڙي صفت وارو. جڏهن تصديق ۽ اعتبار ٻئي ٻانهن جي ايمان ۾ سائينءَ پاران معتبر آهن، تڏهن جيڪڏهن زبان سان ڪو اقرار ڪري دل سان

پَکَڻَان = پرن وارا. سُرُجڻا = سرندڙ. داورُ = انصاف وارو. پنيون = پوريون ٿيون. ور ياد ڪري = وري وري ياد ڪري. ويساهه = يقين.

 

ويساهه نه ڪري ته اهو مؤمن ناهي. بلڪه ان جو نالو ماڳهين منافق آهي، پر جي دل سان وڏي محبت سان ويساهه ڪري، پر زبان سان ان جو اقرار نه ٿو ڪري، اقرار کان منع ڪرڻ وارو (ڪو عذر به) ڪونه اٿس، ته ان کي مؤمن  نه چئبو؛ اهو ڪافر بدڪار آهي، ظاهر شريعت ۾ اهو ڪافر آهي. انهيءَ قول تي عاملن جو اجماع آهي؛ پر عالمن هن طرح اختلاف ڪيو آهي ته اهو شخص الله جي آڏو مؤمن چئبو. ڪن علمائن فرمايو، الله مٿن رحمت ڪري: ته الله جي آڏو به انهن کي مؤمن نه چئبو. ڪن عالمن چيو آهي ته الله جي آڏو اهو مؤمن آهي پر ٻه شرط لڀن ته پوءِ، هڪ ته ان کان ڪڏهن به شريعت موجب ڪفر جي ڪا نشاني ظاهر نه ٿئي. جيئن ڳانا، سڳا، ڌاڳا ٻڌڻ  ۽ مصحف شريف جو پليت جڳهين تي اڇلائڻ، نعوذ بالله منها ۽ اهڙيون ٻيون نشانيون. ٻيو: ته جڏهن ڪو طلب ڪري ايمان بابت پڇيس، تڏهن اقرار ڪري دير ئي نه ڪري جيڪڏهن طلب کان سواءِ ڪڏهن به اقرار نه ڪري، ته ريءَ گمان جي اهو ڪورو ڪافر آهي. ظاهر شريعت ۾ توڙي الله وٽ. انهيءَ تفصيل مٿان اجماع آهي. اهڙن سڀني امرن تي ايمان فرض چون ٿا، جن تي ايمان آڻڻ واسطي شرع مبارڪ ۾ ٻه فرض مقرر ٿيا آهن، اقرار ۽ تصديق؛ پراقرار فرض عملي آهي؛ جيڪو زبان جو ڪم آهي؛ ان کي فرض اعتقادي بنهه نه چئبو. پر هتي ان جو ذڪر ڪيم، جتي اعتقادي فرض ذڪر ڪرڻا آهن؛ تصديق جي مناسبت جي ڪري؛ جيڪو وڏو رڪن آهي. هنن ٻن کان سواءِ جيڪي ايمان ۾ فرض آهن، سي سڀئي اڳين ٻن جي درستيءَ جو شرط آهن. تن ۾ ڪوبه ايمان جو جزو ڪونهي. سياڻا هي سڀئي شرط دل سان لائين.

(1) ٻن فرضن مٿان ٽيون آهي: غيب تي ايمان آڻڻ. جيڪڏهن ڪنهن آخرت جو عذاب ڏسڻ کان پوءِ ايمان آندو. جنهن کي ”ايمان باس“ (خوف وچان ايمان) چون ٿا. ته ان کي هرگز مؤمن نه چئبو.

(2) ايمان جو شرط آهي عقل. چريو ۽ بي عقل مؤمن ناهي، پر اهڙي ماڻهوءَ جو حڪم اهو آهي ته اهو پنهنجي ايمان جي ڪري ايمان وارو ڪونهي، البته جيئن: ماءُ، پيءُ يا انهن مان ڪو هڪ ايمان وارو آهي ته انهن جي سببان ان کي مؤمن چئبو. جيڪڏهن ٻئي سندس ڄمڻ کان اڳ ئي مري ويا ته ان ڳوڀ/ بي عقل کي دارالاسلام ۾ رهڻ ڪري مسلمان چئبو.

(3) مؤمن ايمان ۾ ڪڏهن به شڪ نه ڪري. دل ۽ زبان سان چئي ته آءٌ پڪو مؤمن آهيان. ائين نه چئي ته آءٌ مؤمن آهيان انشاءَ الله تعاليٰ. جيڪڏهن دل سان ڪو اهڙا لفظ چئي ته ان کي ظاهر شريعت ۾ مؤمن نه چئبو. پر جي ان مان ايمان ثابت ڪرڻ جي مراد هجي ۽ ان جي پٺ ۾ شڪ وارا حرف چوي يا ان مان ايمان تي مرڻ جي اميد رکي ته اهو لفظ چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.

(4) ايمان ۾ هميشه جو دل ۾ قصد رکي. جيڪڏهن ايمان جي مقرر مدت تائين نيت ڪيائين جيئن هزار ورهيه يا ان کان گهٽ وڌ ته ان صفت واري جو ايمان معتبر نه چئبو. اهڙي نيت واري کي هاڻي ئي ڪافر چئبو.

(5) انهن امرن جي تعظيم ڪرڻ جيڪي الله موڪليا ۽ پڻ انهن جي تعظيم جيڪي الله فرمايا.

(6) انهن جي تعظيم ڪرڻ جيڪي حڪيم جي حڪم سان دنيا ۾ معظم ٿيا. جيئن رب جون آيتون يا نبي ۽ رسول، معجزا تن جا توڙي فرشتا. انهن مان ڪنهن کي گهٽ ڀانيائين ته اهو گهڙيءَ ۾، بنا فرصت جي ڪافر ٿي ويندو.

(7) انهن کي هيٺاهون ڀانئين جن کي شريعت هيٺانهون ڪيو آهي. جيئن گمراهي، ڪفر ۽ هر بدعت، بڇڙا ڪم ساز جي قسم جا. انهن جي جيڪڏهن تعظيم ٿو ڪري ته اهو ڪافر چئبو.

ٽڳي = ڌاڳا، ڳانا، تعويذ وغيره. ويرم = دير. هاتڪ = سياڻا، سمجهندار، وڏي عقل وارا. هي = دل. ڳڀور = ڳوڀ، بيعقل. ڃاپڻ = ڄمڻ. رهڪ = رهڻ، رهائش. باڪ = حرج. ڀانئي = ڀانئين.

(10) اهو اعتقاد ڪرڻ ته جيڪي شيون حرام آهن، سي الله جي حڪم سان حرام آهن.
(11) رحم ڪرڻ واري رحمان جيڪو حلال ڪيو سو بي شڪ حلال آهي.
(12) مسلمانن تي مهرباني ڪرڻ.
(13) ساراهه وارن جي ساراهه ڪرڻ ۽ غم وارن جو دل سان غمل ڪرڻ.
(14) سندس هٿ ۽ زبان کان مسلمان سلامت رهن.
(15) ڪفر جي موجب ڳالهين کان پاسو ڪرڻ. جيڪي ڳالهائڻ جي قسم جون آهن.
(16) فعل جي قسم جون جيڪي شيون بڇڙيون ۽ ڪفر جي موجب آهن تن کان پاسو ڪرڻ. جيئن ڳچيءَ ۾ اُرهه کان مٿي سڳا ڌاڳا، ڳانا ٻڌڻ. جيئن منهن تي تلڪ لڳائڻ يا ان جهڙيون ٻيون شيون اپنائڻ.
(17) اهو ايمان آڻڻ ته: انهن شين کان پاسو ڪري جي شريعت ۾ حرام آهن. جن جي دليل قطعي سان حرمت ثابت آهي. جن جو ڪرڻ ڪفر جي موجب ناهي، جيئن زنا ڪرڻ، شراب پيئڻ، ريءَ گناهه ماڻهوءَ جو قتل ڪرڻ جيڪو قتل جو موجب ٿئي يا بخشيو وڃي. ماءُ پيءُ جي نافرماني يا استاد جي، جنهن کان دين جا علم ورتائين ۽ ان جهڙا ٻيا ڪم.
(18) اهو ايمان ته عرش عظيم رب جو موجود آهي.
(19) عرش جي تعظيم ڪرڻ ته اهو وڏي عظمت وارو آهي. ان طرح حديث ۾ مذڪور آهي ته عرش مڙني مخلوقن کان گهڻو وڏو آهي. انهن رب جي ملائڪن جو قبلو آهي، جيڪي عرش جا حمل آهن.
(20) ان تي ايمان آڻڻ ته ڪرسي موجود آهي.
(21) اهو ايمان آڻڻ ته مڙني آسمانن ۽ زمينن کي اهو محيط آهي. ان طرح حديثن ۾ آيل آهي، ته ڪرسي ڪروبين جو قبلو آهي جيڪي ملائڪن منجهان آهن.
(22) ان گهر تي ايمان آڻڻ جنهن جو نالو سونهاري فرقان ۾ بيت المعمور آهي. جنهن بابت حديث آهي ته بيت المعمور، آسمان وارن باقي ملائڪن جو قبلو سونهارو آهي.
(23) اهو ايمان آڻڻ ته بيت المقدس وڏي برڪت واري مسجد مبارڪ آهي.
(24) اها مسجد مبارڪ اڪثر نبين ۽ انهن جي امتن جو قبلو آهي. جيڪي احمد ﷺ کان اڳ گذريا.
(25) هيءَ مسجد مقدس اول اسلام ۾ احمد ڄام ﷺ جو پڻ قبلو هئي. ان کان پوءِ ڪعبو قبلو ٿيو، قرآن جي حڪم سان.
(26) ان تي ايمان آڻڻ ته ڪعبو مبارڪ پهريون گهر آهي، جيڪو زمين تي اڏيو ويو. سڀني ماڻهن جومرجع ۽ ماوا آهي، اهو مڪي مبارڪ ۾ ظاهر ظهور آهي. وڏي برڪت وارو ۽ عالم لاءِ هدايت آهي، ان ۾ وڏيون آيتون پڌريون آهن. مقام ابراهيم انهن مان وڏي آيت آهي.
(27) جيڪو ڪعبي ۾ داخل ٿيو، سو امن هيٺ اچي مامون ٿي ويو.
(28) ته ان جي شان ۾ فرقان ۾ آيت آهي. ولِله علي الناس حج البيت.
(29) ڪعبو حضرت محمد ﷺ جن جو قبلو آهي ۽ سندن امت جو پڻ زالين مڙسين قبلو آهي. حديثن ۾ هن طرح بيان آيو آهي، ته ڪعبو انهن مڙني ماڳن کان افضل آهي، جيڪي زمين جي منهن تي ڏسجن ٿا. البت اهو هنڌ جتي سونهاري سيد احمد امام ﷺ جا انگڙا (جسم) لڳا، سو مڪان ڪعبي کان گهڻو ڀلو آهي. اهو گهڻو ڀلو عرش کان ۽ پڻ بهشت کان.

 

واڄٽ = ساز، واڄا. ٽڳي = ڳانا، سڳا، ڌاگا. ماروءَ = ماڻهوءَ. سهڃا = سولو. پَهندو = پهچندو، داخل ٿيندو.

(30) اهو ايمان ته ست آسمان آهن.
(31) ان کي پنهنجي قدرت سان رب اڏيو آهي، بنا ٿنڀي ۽ ٿوڻيءَ جي بنهه محفوظ ڪري.
(32) اهو ايمان آڻڻ پڻ فرض آهي، ته موليٰ ست زمينون پيدا ڪيون آهن.
(33) اهو ايمان آڻڻ فرض آهي ته لوح محفوظ پڻ موجود آهي.
(34) ان ۾ ملڪن جي موليٰ جيڪي سڀ عمل ٿيا آهن يا ٿيندا. چڱا هجن يا مٺا، لکائي ڇڏيا آهن.
(35) قلم تي ايمان آڻڻ جيڪو لوح تي لکي ٿو، الله جي حڪم سان.
(36) سدرة المنتهيٰ تي ايمان آڻڻ، جيڪا جنت ماوي وٽ ظاهر ۽ موجود آهي.
(37) رب رحيم سير ڪرايو، حضرت حبيب احمد ﷺ کي رات جي ويلي ۾. مسجد حرام کان مسجد اقصا تائين. حديث ۾ اهڙو بيان آهي ته مرسل مير جو معراج بيت المقدس کان آسمانن پار، جتي الله گهريو. ان تائين هو.
(38) احمد ﷺ رب کي قرب مان معراج جي رات ڪمان جي گوشن مثل ويجهو ٿيو بلڪه مُحِبَ محبوب کي ان کان به گهڻو ويجهو ٿيو.
(39) موليٰ محمد ﷺ ڏانهن معراج جي رات وڏا انعام وحي ڪيا.
(40) تنهن رات ۾ رب احمد ﷺ کي وڏين آيتن مان وڏا ڀاڱا عطا ڪيا.
(41) تنهن رات حضرت حبيب ﷺ، حضرت جبرئيل کي ملڪي صورت ۾ ڏٺو. پر اهڙيءَ صورت ۾ سندن ٻه ڀيرا ڏسڻ ثابت آهي. پهريون ڀيرو زمين تي پهرين وحيءَ ڀيري. ٻيو ڀيرو معراج جي رات آسمان ۾ سدرة المنتهيٰ جي آڏو، جيڪو ان جو مڪان آهي.

 

سُڃَنِ = اوڏو ٿيو = ويجهو ٿيو. وڏن ڏيجن جان = وڏن انعامن جا. جيڻ = ساڄي.

(42) وعدو حق آهي، جيڪو عالَم جي رب پنهنجي ٻانهن کان حضرت آدم جي خلقڻ پويان ميثاق جي ڏينهن ورتو. فرمايائين: اي منهنجا ٻانهؤ! ڇا مان اوهان جو رب ناهيان! جواب ۾ عرض ڪيائون: ها اسان ان جا شاهد آهيون.
(43) ملائڪن پاران ٻانهن جا عمل لکڻ فرقان جي فرمان موجب حق آهي.
(44) ملائڪ سونهارا اهو لکن ٿا، جيڪو ٻانها ڪن يا چون ٿا.
(45) ٻه ملائڪ انسان تي مقرر آهن. انهن جو نالو الله سائينءَ ڪراماً ڪاتبين رکيو. حديث شريف ۾ خير الوريٰ کان آيل آهي ته انهن مان هڪڙو فرشتو ساڄي ڪلهي تي الله جي حڪم سان مقرر آهي. چڱاين لکڻ جو ان کي حڪم آهي. ٻئي فرشتي جو هنڌ کاٻو ڪلهو آهي، اهو ٻانهن جي مٺاين جو ڪاتب آهي.
(46) ملائڪ ماڻهن جا محافظ مقرر ٿيل آهن. جيڪي ان کي سنڀالين ۽ انهن جي سار لهن ٿا الله جي مهربانيءَ سان.
(47) اهو ايمان فرض آهي ته اهي ڪم موچارا ۽ چڱا چئبا، جيڪي شريعت چيا آهن. يا جيڪي عقل سليم ۾ موچارا آهن.
(48) ان کي بڇڙو چئبو، جنهن جي بڇڙائيءَ جو شريعت ۾ پڌرو حڪم آهي. يا جيڪو صحيح عقل آڏو بڇڙو ٿيو.
(49) اهو ايمان آڻڻ ته دنيا جي جهان ۾ الله هرگز ڪو اهڙو حڪم نه ٿو ڪري جيڪو ٻانهي جي طاقت کان ٻاهر هجي. مهربان جي پاران ان جي تڪليف ڪانهي. پر عاجزيءَ جو حڪم آهي.
(50) اهو ايمان ته جيڪو به روح وارو آهي تنهن جو مرڻ اجل ۾ مقرر آهي، جنهن کي منهنجي ڌڻي معين ۽ مقرر ڪيو آهي.
(51) ڪٺل پڻ مئل آهي. ان جي اجل مقرر تي قضا جاري ٿي.
(52) اجل مقرر ۾ ڪڏهن به تاخير ڪانهي. پساهه جڏهن پورا ٿين ٿا ته ويرم ئي ڪانه ٿئي. گهڙيءَ جيترو وقت يا ان کان به گهٽ جي مهلت ڪانه ملي. اجل کان اڳ به ڪنهن جي فنا ڪانهي.
(53) رزق مڙئي رحمان جي هٿ ۾ آهي. جن لاءِ گهڻو گهري تن کي گهڻو ڏئي، پنهنجي فضل سان رزق جي گهڻائي به ڪري ته پنهنجي ئي امر سان تنگي به ڪري؛ جن لاءِ تنگي گهري.
(54) اهو ايمان آڻڻ به فرض آهي ته ٻانهي لاءِ رب تي بنهه واجب ڪونهي. پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ ئي تقدير چڱي ڪري يا مٺي.
(55) ڪريم جا مڙئي ڪم ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا فضل جي قسم جا ٻيا عدل جي قسم جا، ڪي به ڪم ان جا ظلم جي قسم جا نه چئبا، مڙئي مخلوق سندس ملڪيت آهي، ان ۾ سندس ڪوبه شريڪ ناهي. انهن ۾ جهڙو تصرف ڪرڻ گهري سو ڪري. مالڪ جو اختيار آهي، ٻانهو ان جو محڪوم آهي، رب جي حڪم کي ڪوبه جهليندڙ ۽ روڪيندڙ ڪونهي، جيڪو گهري سو بادشاهه پاڻ ئي ڪري، ان لاءِ فرقان ۾ فرمايائين ”يفعلُ مايشاءُ.“
(56) اهو ايمان آڻڻ به فرض آهي ته الله کان واعدي خلافي به بنهه ڪانه ٿئي، جيڪي فضل ٻانهن سان ڪيا اٿس. پر سندس وعيدن (دڙڪن) جي الله کان خلاف ٿيڻ بابت اختلاف آهي پر حق هيءُ قول آهي ته الله پاڪ کان وعيد جي خلاف پڻ ڪونه ٿئي. واحد جا وعيد سندس مشيت سان ٿين ٿا. جي گهري ته جاري ڪري کيس ڪو روڪيندڙ ڪونهي. جي مڙئي گناهه بخشي يا انهن مان ڪجهه بخشي ڪنهن ٻانهي کي ته ان کان به کيس ڪا منع ڪانهي ۽ جي گناهه مطابق عذاب ڪري پنهنجي عدل سان تڏهن به منهنجي مولا کي ڪا جهل پل ڪانهي. پر اهڙن شخصن لاءِ هرگز معافي ڪانه ٿئي، جيڪي ڪفر تي مئا.

سانڍا = محافظ. سارين = سار لهن، سنڀالين.


(57) ايمان آندو سين سچي يقين سان ته چڱيون ڪمايون، جيڪي ٻانهي ڪيون آهن سي صغيرن گناهن کي ڪريم جي ڪرم سان محو ڪن ٿيون.
(59) ان تي دل سان ايمان آندوسين ته گناهن کي، صغيرا ڇو نه هجن. حلال ڀائڻ بڇڙو ڪفر آهي؛ ان ۾ ڪوبه گمان ڪونهي. پر ڪفر جي ان حڪم ۾ پورا ٻه شرط چيا اٿن. هڪ: ته ان گناهه جو قطعي دليل سان ثبوت ٿيو هجي. ٻيو ته اهو حرام شين مان هجي. پوءِ اهو غير جي ڪري حرام هجي. جيئن کسيل زمين يا چوريءَ جو مال. جنهن جي حرمت عارض جي سببان آهي. ان کي حلال ڀائڻ ڪفر ناهي. رب جو حرام آهي ان کي حلال ڀائڻ.

(60) گناهه کي هلڪو ڀائڻ پڻ ڪفر آهي. پوءِ اهو صغيرو هجي يا ڪبيرو.
(61) اهو ايمان آڻڻ گهڻي ويساهه سان ته ڪفر جي الله جي طرفان بخشش ڪانهي. جيڪي شخص ڪفر تي مئا انهن جي بخشش ڪانهي. ان کان سواءِ جيڪي به هجن سي بخشيندو ۽ بخشائيندو. صغيرا هجن يا ڪبيرا. جن کي بخشيندو سي مؤمن مغفور چئبا.
(62) ٻانهن کان جيڪي گناهه ٿين ٿا تن مان ڪي صغيرا آهن ڪي ڪبيرا آهن.
(63) ايمان ڊپ ۽ اميد وچ ۾ قائم آهي.
(64) رب کان بي خوف ٿيڻ ڪفر جو قسم آهي.
(65) رب کان نااميد ٿيڻ پڻ ڪفر جو قسم آهي.
(66) اهو ايمان رکڻ ته ڪوڙن ڪاهنن ۾ ويساهه ڪرڻ ته کين غيب جي خبر آهي. وڏو ڪفر آهي.
(67) ڪفر جو ارادو ڪرڻ به ڪفر آهي. جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڪفر جو ارادو ڪري ته آءٌ ڏهن ورهين کان پوءِ ڪافر ٿيندس. پورن هزار ورهين کان پوءِ ڪفر سان دغا ڪندس ته اهو حال ۾ ئي ڪافر ٿي ويندو.
(68) ڪفر جو ڪلمو مرتد ٿيڻ لاءِ سيکارڻ پڻ بڇڙو ڪفر آهي.
(69) ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪفر جو حڪم ڪرڻ به ڪفر آهي.
(70) ڪفر تي ٻيلپو ڪرڻ به ڪفر آهي.
(71) اهو ايمان آڻڻ ته ڪفر تي راضي رهڻ به ڪفر جي قسمن مان آهي.
(72) سهڻو اسلام ٻانهن کان جيڪي مَٺايون ٿيون سي سڀ محو ڪري ٿو ڇڏي. صغيرن گناهن مان هجن يا ڪبيرن مان. نئون مسلمان جيڪڏهن اصل حربي آهي ته ان تان مڙئي حق لهي ٿا وڃن، الله جا هجن يا ٻانهن جا. جيڪڏهن نئون مسلمان ذمي آهي، ته ان تان رب جا حق لهي ٿا وڃن، ٻانهن جا حق نه لهندا.
(73) اهو ويساهه ڪرڻ ته ڪفر جي ڪري سڀ چڱا عمل، جيڪي انسان ڪري ٿو، سي چٽ ٿي ٿا وڃن.
(74) عمل ۾ رياءُ ان جو ثواب وڃائي ٿو ڇڏي، سٺن عملن جو پڻ اهڙو حڪم آهي.
(75) صدقي ڪرڻ وقت صدقي وٺڻ مٿان ٿورو ڪرڻ صدقي وٺندڙ مٿان ٿورو ڪرڻ صدقي جو ثواب وڃائي ٿو ڇڏي، اهڙي ڏيندڙ کي ڪوبه ثواب ڪونه ٿيندو. لک ڇو نه ڏئي! پاڻ گناهه ٿيندس نقصان ۾ پوندو ۽ پڻ صدقي وقت فقير کي ايذائڻ سان ثواب ختم ٿي ويندو. پاڻ نقصان ٿيندو.
(76) نيڪ ان کي چئبو جنهن کي ماءُ جي پيٽ ۾ مولا سعيد لکايو ۽ شقي (بدبخت) ان کي چئبو جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ مولا جي قهر سان بدبخت لکايو ويو.
(77) اهو ايمان آڻڻ ته انسان ۾ سندس پڄاڻيءَ جي اهميت آهي. سعادت ۽ سخاوت خاتمي وقت ظاهر ٿيندي.
(78) معجزا نبين جا مڙئي حق آهن. عقائد جي ڪتابن ۾ اهڙو ذڪر ٿيو آهي، ڪن ڏئي ٻڌو ته ولين جون ڪرامتون پڻ حق آهن.
(79) اهو ايمان ته مڙئي صحابه، سونهاري سرور ﷺ جا، نبين کان پوءِ سڀني انسانن ۾ وڌيڪ ڀلا آهن.
(80) ملڪن جي موليٰ هڪڙن صحابن کي ٻين کان ڀلو ڪيو آهي.
(81) انهن مان چار خليفا پاڪ ٻين مڙني صحابن کان ڀلا آهن.
(82) چئني خليفن مان سڀني مان وڌيڪ ڀلو حضرت صديق اڪبر آهي جيڪو امت جو عالم آهي. ان کان پوءِ گهڻو ڀلو حضرت عمر فاروق آهي. حضرت عمر عدالت ۾ اڳرو ۽ وصف ۾ بهادر، تنهن کان پوءِ گهڻو ڀلو حضرت عثمان، جنهن جو پڌرو نالو حضرت ذوالنورين آهي ان کان پوءِ گهڻو ڀلو حضرت علي شاهه رضي الله عنه، حيدرُ ڪرارُ جنهن جو سونهارو لقب آهي. ان کان پوءِ ٻيا صحابه افضل ۽ اعليٰ آهن.
(83) اهو ايمان آڻڻ ته اها جيڪا فضل جي ترتيب آهي سا دليل قطعي سان ثابت آهي. اها ترتيب اجماع جي طريقي تي ثابت آهي، ۽ پڻ متواتر حديثن ۾ ان جو ثبوت آهي. جيڪي حضرت خير الوريٰ فرمايون آهن. جن عالمن اها دعويٰ ڪئي آهي، ته اها ترتيب ظني دليلن سان ثابت آهي، تن کان ڀل ٿي آهي؛ الله شل کين بخشي. ڪتابن ۾ هن طرح لکيل آهي ته جيڪو حضرت علي کي حضرت صديق کان ڀلو ٿو ڀانئي سو اهل سنت وٽ بدعتي چئبو ۽ حضرت مرتضيٰ پنهنجي خلافت ۾ ممبر تي چڙهي ڪوفي جي شهر ۾ اعلان ڪيو ته جيڪو مون کي مؤمنن مان حضرت صديق ۽ حضرت عمر فاروق کان ڀلو چوندو، ان کي آءٌ، اسي ڪوڙا هڻائيندس. اهو ڪوڙو ڪذاب ۽ غير معتبر آهي. ڪن ڪتابن ۾ اهو بيان آهي، ته اهو اعتقاد ڪرڻ، ته امير علي حضرت صديق کان ڀلو آهي، ڪبيرو گناهه آهي. عقائدن جي ڪتابن ۾ اهڙو تفصيل آهي، ته چار خليفا حضرت زهرا ﷦ کان گهڻو ڀلا آهن. ۽ پڻ ڀلا آهن اهي بيبي خديجه رضـي الله تعاليٰ عنها کان ۽ بيبي عائشه رضـي الله عنها کان ۽ حسنين کان پڻ گهڻو ڀلا آهن.
چئن خليفن کان پوءِ وڌيڪ ڀلا، نبيءَ نور جو اولاد آهن. اهو ٻڌي ياد ڪجان. اهو اولاد نبيءَ جي پٺ مان بنا واسطي ظاهر ٿيو هجي، يا بي بي فاطمه ﷦ جو اولاد هجي. البته نبيءَ جي پٺ مان جو سندس اولاد آهي، سي مڙئي ست سونهارا آهن. ٽي پٽ، چار نياڻيون کين عنايت ٿيون ۽ بي بي زهرا جو اولاد عالم چون ٿا ته ٽي پٽ پنج نياڻيون. پنج پاڪ ٿيا.
حضرت نور نبيءَ جي اولاد کان پوءِ گهڻو ڀلا ڇهه باقي عشره مبشره آهن. هڪ: حضرت طلحه پٽ عبدالله. ٻيو: حضرت زبير پٽ عوام. ٽيون: سعد پٽ ابي وقاص. چوٿون: حضرت سعيد پٽ زيد. پنجون: حضرت عبدالرحمٰن پٽ عوف. ڇهون: ابو عبيده پٽ جراح.
انهن ڇهن اصحابن کان پوءِ سڀ کان ڀلا سهڻي سرور جا بدري اصحاب چئبا. انهن کان پوءِ گهڻا ڀلا ٽن عقبن وارا اصحاب آهن جن جو تفصيل کوڙ وڏن ڪتابن ۾ بيان ٿيو آهي. انهن کان پوءِ گهڻو ڀلا اهي آهن، جن حديبيه جي موقعي تي ڪنڊي جي وڻ هيٺان محبوبن جي وهڻ وقت بيعت ڪئي. انهن کان پوءِ گهڻو ڀلا باقي صحابي آهن. جيڪي نبيءَ جا بنهه موچارا صحبتي آهن ۽ اصحابياڻين ۾ گهڻي ڀلي حضرت فاطمه زهرا بتول آهي، ان کان پوءِ گهڻي ڀلي سندس ماء،ُ ڪمال ۾ سڀني کان اڳري، حضرت خديجهَ ڪبريٰ، ان کان پوءِ گهڻو ڀلي بي بي عائشه رضـي الله تعاليٰ عنها آهي. هن قول تي عالمن جي فتويٰ آهي. ان کان پوءِ گهڻو ڀلا ٻيا حرم پاڪ آهن، جيڪي حضرت رسول جا حرم حرمت ۾ اڳرا آهن. انهن کان پوءِ ٻيون صحابياڻيون ڀليو آهن. پر اڳئين ڪلام منجهان اهو اشارو پروڙ جانءِ، ته حضرت زهراء، جن بيبين جو ذڪر ٿيو، تن کان ڀلي آهي، تيئن بيبيءَ جا ڀائر پڻ گهڻو ڀلا چئبا. جن جو گذريل ڪلام ۾ تفصيل گذريو. خديجهَ ڪبريٰ کانئس پويان جيڪي بيبيون ٿيون انهن کان ڀلي آهي ۽ انهن کان به گهڻو ڀليون حضرت فاطمه جون ڀينر آهن. ۽ پڻ انهن کان گهڻا ڀلا بي بي فاطمه جا ٻار، ڌيئرون ۽ پٽڙا آهن. جيڪي نور، بنا واسطي بي بيءَ کان ظاهر ٿيا. ۽ صحابن کان پوءِ گهڻو ڀلا تابعي آهن. جيئن حضرت رسول حديث مبارڪ ۾ فرمايو. تابعين کان پوءِ گهڻو ڀلا سونهارا تبع تابعي چئبا، جيڪي خوبين وارا آهن. جن جا ڪم اهل احسان وٽ موچارا آهن.
(84) چئن ڀلن خليفن جي خلافت اهل سنت ۾ پڌري ترتيب موجب ثابت ۽ حق آهي.
(85) شيخين جي خلافت، برڪت واري صفت آهي. ۽ کين تعظيم ۽ تڪريم ڏين ۽ پڻ حضرت صديق جي صحبت مڃڻ فرض آهي. جيڪو ڪامل مقتدا ۽ اڳواڻ آهي.
۽ تعظيم حضرت زهرا بي بي فاطمه جي ۽ تعظيم بي بي عائشه رضـي الله عنها جي پڻ حق آهي. ۽ فرض منجهان آهي. جيڪو حضرت شيخن جي خلافت جو، يا ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي خلافت جو انڪار ڪندو. سو بڇڙو بدڪار آهي. يا انهن ڏانهن بي ادب ٿئي، ته به پنهنجو نقصان ڪندو، انهن جي بي ادبي ڪري يا انهن لاءِ اهڙا لفظ چئي، جيڪي سندن لائق نه هجن، ته اهو بدبخت پڻ بڇڙو بدڪار چئبو. يا دشمنيءَ ۽ دغا مان حضرت صديق جي صحبت نه مڃي. يا اهو بدبخت بغض مان ڪو گٿو لفظ چئي حضرت فاطمه بابت يا ڪو بدبخت شيطان بي بي عائشه بابت ڪو گهٽ وڌ ڳالهائي ته اهو ڪافر ۽ ايمان کان ٻاهر چئبو. انهيءَ قول تي عالمن جي فتويٰ آهي.
(86) ته مڙني نبين لاءِ دل سان بهشت جي شاهدي ڏيڻ جيڪي ڌڻيءَ جا پيارا آهن، ته اهي جنت ۾ پهريائين داخل ٿيندا. اهي دوزخ ڏانهن هرگز نه ويندا.
پر حديث ۾ هيءُ بيان آيل آهي ته بهشت جي ڏهن خوشخبري مليلن لاءِ شاهدي پڻ ثابت آهي، ۽ جنت حضرت زهرا لاءِ پڻ ثابت آهي ۽ پڻ حضرت حسين لاءِ خير الوريٰ بهشت جي شاهدي ڏني. رسول ﷺ جن عبدالله بن سعود، جيڪو ڀلن مان سڀني کان ڀلو آهي، تنهن لاءِ ۽ حضور جي ٻانگي حضرت بلال لاءِ ۽ عبدالله لاءِ جيڪو سلام جو پٽ آهي ۽ ثابت پٽ قيس لاءِ جيڪو صحابن منجهان آهي ۽ ڪلثوم پٽ هدم جي لاءِ، جو سچو صحابي آهي، انهن لاءِ بهشت جي شاهدي ڏني آهي، ۽ ٻين صحابن لاءِ پڻ ساڳيءَ طرح ثابت آهي ته انهن کان رب پنهنجي فضل سان راضي ٿيو.
(87) بهشت جي شاهدي ڪنهن مقرر انسان لاءِ نه ڏبي.
اهو ڪتابن موجب دين جو فرض آهي. پر اها شاهدي انهن ڀلن لاءِ ڏبي جن جي حق ۾ حضرت حبيب پنهنجي ڪلام ۾ جنت جي شاهدي ڏني. شافع ﷺ جن جو تعين ڪري شاهدي ڏني آهي. عقائدن جي ڪتابن ۾ آهي، ته نبيءَ جا مڙئي اصحابي عدل وارا ۽ انصاف ۾ اڳرا هئا توڻي زاهد هئا يا دنيا وارا هئا. جيتوڻيڪ حضرت نبيءَ جي عهد کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ به ڪيائون، ۽ جيتوڻيڪ اهڙا ٻيا ڪم به ڪيائون.
(88) مؤمنن تي فرض آهي ته اصحابن جو ذڪر ڪنهن به ڪارڻ خير جي امرن ۽ ڪمن کان سواءِ هرگز نه ڪجي.
صحابن پاڻ ۾ جيڪي جنگيون ڪيون، انهن جو سبب اجتهاد کان سواءِ ٻيو نه چئبو. ٻئي پاسا پاڪ پاڪيزه مومن مجتهد هئا. سڀئي حق جا طالب هئا، نفس جي خواهش ڪنهن جي به نيت ۾ ڪانه هئي. هر هڪ پنهنجي اجتهاد پٽاندڙ عمل ڪيا. موليٰ جي آڏو حق هڪڙو آهي. سندس حضور ۾ حق ۾ تعدد ڪونهي. حق سندس آڏو صرف هڪ آهي، جنهن مجتهد جو اجتهاد حق جي موافق ٿيو، تنهن کي مون ڌڻي ٻه پورا اجر ڏيندو، ۽ ڪريم جي ڪرم سان گناهه کان آجو ٿيو. جنهن مجتهد جي اجتهاد ۾ خطا ٿي وئي. الله وٽ جيڪو حق آهي سو کيس ماڳهين هٿ نه آيو ته اهڙي مجتهد جو هڪ اجر آهي. گناهه کان اهو به الله جي احسان سان آجو ٿي ويندو. حديث شريف ۾ اهو تفصيل آيو آهي ته صحابن جو چڱيءَ طرح سان ادب ڪريو ته الله، سندس رسول، نبيءَ جا اهلبيت ۽ سندس اصحاب راضي ٿين.
(89) اهو به وڏن فرضن مان آهي ته نبيءَ جا اهل بيت سونهارا خير الوريٰ جي برڪت سان ڀلارا هئا.
حديثن ۾ هن طرح مذڪور آهي ته منهنجو اهل بيت امت لاءِ امان آهي. انهن نورن جو حديث ۾ مثال آيو آهي ته: اهل بيت جو مثال حضرت نوح جي ٻيڙيءَ مثل آهي، ان ۾ جيڪي چڙهيا سي ٻڏڻ کان بچيا، ٻڏڻ کان نجات پاتائون ۽ طوفان جي قهر کان بچيا. جيڪو ان ٻيڙيءَ کان پاسي رهيو، سو ٻڏي مرندو، بنهه ڪونه ڇٽندو. عقائد جي ڪتابن ۾ آهي ته اهل بيت منجهان جيڪي صحابه آهن، جيئن حضرت علي، حسنين ۽ بيبي فاطمه سي اهل بيت ۾ انهن سڀني کان گهڻو ڀلا چئبا ۽ اهل بيت مان جيڪي تابعي آهن، سو انهن اهل بيتن کان گهڻو ڀلا چئبا، جيڪي تبع تابعي آهن ۽ اهل بيت مان جيڪي تبع تابعي آهن، سي انهن اهل بيت کان گهڻو ڀلا آهن، جيڪي انهن کان پوءِ ڪريم جي ڪرم سان اهل بيت رسول ۾ شامل ٿيا.
(90) مؤمنن تي هيءُ عقيدو رکڻ فرض آهي، ته حضرت محمد خير الانبياء جي امت اڳوڻين مڙني امتن کان گهڻو ڀلي آهي.
(91) ڀلاري امت حضرت احمد ﷺ جن جي گمراهيءَ تي ڪڏهن به گڏ نه ٿيندي. حڪمن ۾ انهن کان ڪڏهن به خطا نه ٿيندي (اجتماعي طور انهن کان خطا نه ٿيندي).
(92) 92- اهو امر به فرض آهي ته حضرت احمد ﷺ جي امت جو اجماع بنا گمان جي حجت قطعي آهي.
(93) اهو اعتقاد ڪرڻ ته انبياء ڀلارا قبرن ۾ جيئرا آهن.
انهن ۾ نماز به پڙهن ٿا ته روزا به رکن ٿا. ڪعبة الله جو حج به پڙهن ٿا ۽ لبيڪ به چون ٿا. انهن جي قبرن ۾ به اهڙي ئي حياتي آهي، جهڙي دنيا ۾ سندن حياتي هئي. پر اهي اسان جي ڏسڻ کان پري آهن. جيئن ملائڪ ۽ جن ۽ جيئن ڪراماً ڪاتبين اسان جي ڏسڻ کان پري آهن. يا جيئن مڙئي روح آهن، جيڪي ڪڏهن به ڪنهن نه ڏٺا آهن. البته شهيدن جي حياتي معنوي آهي. انهن جي حياتي نبين جي حياتيءَ جهڙي ناهي ۽ ولين توڙي ڪن عالمن جي حياتي پڻ معنوي حياتي آهي، دنيا جي حياتيءَ جهڙي ناهي. حديثن شريفن ۾ بيان آهي، ته ڀلارا نبي جيڪو ڏسن سو سهڻو سونهارو نسورو حق آهي ۽ الله جي طرفان وحي آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن امتيءَ جو سهڻي طريقي سان ڪنهن ڀلاري نبيءَ کي ننڊ ۾ ڏسڻ آهي، ننڊ جي حالت ۾ جيڪو ڏسي سو حق آهي. شيطان کي هرگز ڪڏهن به اها طاقت ڪانهي، ته پنهنجي صورت انبيائن جهڙي، ملائڪن جهڙي، ڪتابن جهڙي، جيڪي نبين تي لٿا يا ڪعبي جهڙي، جيڪو الله جو ڀلو گهر آهي، بنائي سگهي. شيطان کي اهڙين صورتن ٺاهڻ جي طاقت ڪانهي. مٿي اڳ ۾ ايمان جي صفتن ۾ لکيو هئم ته ايمان جي پهرين صفت آهي ته پنهنجي اکين سان ذات پاڪ کي دنيا ۾ جاڳندي ڏسڻ عقلي لحاظ کان جائز آهي. پر اهو امر ڪنهن مخلوق لاءِ واقع ڪونه ٿيو آهي. جو الله کي ان طرح دنيا جي جهان ۾ ڏسي سگهي. نبي هجن، ولي هجن يا ڪي ٻيا هجن. پر اهو دنيا جي جهان ۾ ڏسڻ حضرت احمد ڄام کي حاصل ٿيو، جيڪو عالم جو امام آهي. پر رب پاڪ جو ننڊ جي حالت ۾ دنيا جي جهان ۾ بنا صورت، بنا ڪيفيت، بنا جهت، بنا مڪان ۽ بنا مثال جي ڪن وڏن درجن وارن ولين لاءِ ڏسڻ به ثابت سمجهجانءِ. نه ته اهڙي دعويٰ ماڳهين صحيح ناهي، ته مؤمن آخرت ۾ رب کي ڏسندا. اهو حق آهي قرآن مان ثابت آهي. پر مؤمن رب کي بنا صورت، بنا مثال، مڪان ۽ جهت جي مٿي جي اکين سان، بنا ڪيفيت جي ڏسندا. مؤمن! دين جا مسئلا ٻڌي ياد ڪجانءِ.
(94) مؤمنن مٿان فرض آهي ته شيخين کي مڙني صحابن کان ڀلو چون. حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر رضـي الله عنهما کي شيخين چون ٿا.
(95) هيءُ عقيدو رکڻ فرض آهي ته ’ختنين‘ کي دل سان دوست رکؤن. امير عثمان ۽ امير علي رضـي الله عنهما ٻئي ختنين آهن.
(96) اهو اعتقاد رکڻ فرض آهي ته موزن تي مسح ڪرڻ حق ثابت آهي.
(97) ايمان وارن تي رب جو فرض آهي ته اهل بيت سان محبت رکن جيڪي ڌڻيءَ جا پيارا آهن.
(98) صحابن جي محبت پڻ فرض آهي، مڙني صحابن ڏانهن محبت ۽ دل صاف رکڻ گهرجي.
(99) جمعي جي نماز فرض آهي الله وٽان.
قرآن تنهنجي فرضيت لاءِ لٿو آهي، عقائد جي ڪتابن لکيو آهي ته فرض نمازن ۾ جماعت پڻ حق آهي. حديثن سان انهن جي حقيقت ثابت آهي، عالم سڳورا ڪي سنت موڪده چون، ته ڪي واجب چون. پر وجوب جي قول تي فتوا لکي اٿن ۽ رمضان ۾ تراويحون پڻ حق ڄاڻجانءِ. اهي زالن توڙي مڙسن لاءِ سنت مؤڪده آهن.
(100) هيءُ اعتقاد فرض آهي دل سان ٻڌو! ته نبيءَ جو درجو مڙني ولين کان مٿي آهي. ڪوبه ولي هرگز ڪنهن نبيءَ جي رتبي کي پهچي نه ٿو سگهي. بلڪه هر هڪ نبيءَ جي اها صفت آهي ته اهو مڙني ولين کان ڀلو چئبو، ولي ڇو نه حضرت محمد جي امت جا هجن يا اڳين امتن جا هجن. جيڪڏهن ڪو ان جي ابتڙ چوي ۽ وليءَ جو رتبو ڪنهن نبيءَ کان مٿاهون سمجهي ته اهو ڪافر آهي، اهو ملحد ۽ بدڪار آهي.
(101) هيءُ به فرض ٿا چون: ته قرآن ۽ حديث جي نصن جو ظاهر مطلب وٺبو. نصن جي معنيٰ، غير ظاهر ڏانهن، بنا ڪنهن اهڙي دليل جي نه ڦيرائبي، جيڪو غير ظاهر هجي. ظاهر معنيٰ ڪڏهن به ڇڏڻ جائز ناهي، ها جڏهن غير ظاهر معنيٰ لاءِ دليل قائم ٿي وڃي تڏهن ان نص منجهان غير ظاهر معنيٰ وٺڻ جائز آهي،

ڌئا = پيارا، لاڏلا. وَڌا نويهون = نوانويهون.

  • جيڪو بنا دليل جي نصن جا ظاهر مطلب ڦيرائي سو مردود، ملحد ۽ بدڪار آهي. عقائد جي ڪتابن ۾ بيان آهيِ: ته مئلن ڪاڻ خيرن جو صدقو ڏيڻ، تن جي حقن ۾ دعا ڪرڻ، چڱن عملن جو ثواب بخشڻ، جيئن: قرآن پڙهڻ، صلوات پڙهڻ. ان ۾ مري ويل مؤمنن لاءِ گهڻو فائدو آهي. اهي امر حديثن مان ثابت آهن. انهن نصن کي ظاهر معنيٰ کان نه ڦيربو.
  • اهو فرض آهي ته هيءُ عقيدو آهي ته دنيا جي جهان ۾ جيڪو ايمان سان مرندو، سو دوزخ ۾ هميشه نه رهندو. ننڍا گناهه ڪري يا وڏا، پر جي ڪفر تي مئو، بدين تي خاتمو ٿيس ته هميشه دوزخ ۾ رهندو.
  • عالم چون ٿا ته اهو اعتقاد ڪجي ته ڪافرن جو دوزخ مان هميشه نڪرڻ هرگز درست ناهي. بهشت ۾ اهي داخل نه ٿيندا، دوزخ انهن جي جاءِ آهي.
  • منهنجو ڌڻي ڪنهن جو به عمل ضايع نه ڪندو. عمل کي لڪائجي، اظهار نه ڪجي.

ٻانهي جا ڪيل عمل جيڪڏهن چڱا آهن ته انهن جو ان کي فضل جي عنايت سان ثواب ٿيندو. جيڪڏهن ٻانهي ڪي بڇڙا عمل ڪيا ته ان کي موليٰ مختار عذاب ڪندو. گناهه جي مطابق ان کي سزا ڏيندو؛ جيڪڏهن ان جي حق ۾ عدل ڪندو، پر جي ساڻس فضل ڪندو ته جيئن گهرندو تيئن کيس معاف ڪري ڇڏيندو. رب جي مٿان ڪوبه جبر ڪونهي، جيڪو گهري سو ڪري. عقائد جي ڪتابن ۾ اهڙو بيان آهي، ته مؤمنن تي اهڙو اعتقاد ڪرڻ حق آهي، ته چئن مذهبن جا امام، شريعت جا رهبر، رهنما ۽ هادي آهن. اهي سڀ سونهارا حق جا طالب آهن. الله کين ڪامل اجتهاد عطا ڪيو آهي. تن جي اجتهاد جو تڪليفون ضايع نه ٿينديون.

  • مجتهدن مٿان فرض آهي ته قرآن ۽ حديث جي نصن منجهان ائين احڪام ڪڍن جيئن علم اصول ۾ ان جو ذڪر آهي. ان علم اصول جو نالو آهي ”اصول فقهه“.
  • اهو اعتقاد ڪرڻ ته هر ڪنهن جي مٿان شريعت جي حڪمن ۾ پنهنجي مجتهد امام کان سواءِ ٻئي مجتهد جي تقليد ڪرڻ حرام آهي. اهو ئي مشهور قول آهي، عالم لکن ٿا.
  • مقلد تي پنهنجي مجتهد جي پيروي ڪرڻ فرض آهي، اهو مقلد عامي هجي يا عالم غير مجتهد هجي، يا مجتهد مطلق نه هجي.
  • اهو اعتقاد فرض آهي ته مقلدن مان ڪنهن کي به چئن مذهبن کان ٻاهر وڃڻ درست ناهي. ان تي اجماع ثابت آهي.
  • هن امت مان جيڪو هڪڙي چڱائي ڪندو، تنهن کي ڏهه اجر ملندا. ان کان مٿي جيڪو کيس ملندو سو رب جي عطا آهي. البته ڏهن اجرن کان گهٽ ڪنهن کي به نه ملندو. هيءُ ايڏو وڏو شرف شفيع ﷺ جن جي ڪري دنيا ۾ ٿيو، نه ته اڳوڻين امتن ۾ هيءُ حڪم هو ته هڪڙي چڱائيءَ ۽ هڪڙي برائيءَ جي هڪڙي جزا ۽ سزا آهي، هن امت توڙي اڳين امتن ۾. اهو حڪيم جو حڪم هاڻي تائين جاري آهي.
  • اهو اعتقاد ڪرڻ فرض آهي ته هڪڙيءَ مَٺائيءَ يعني برائيءَ جي هڪڙي سزا آهي، هن امت توڙي اڳين امتن ۾. اهو حڪيم جو حڪم هاڻي تائين جاري آهي.
  • اهو اعتقاد فرض آهي ته سچي توبهه گناهن کي ڇاڻي ٿي. گناهه صغيرا هجن يا ڪبيرا، ڪفر جي قسم جا هجن يا ٻيا.
  • خوف وقت ايمان قابل ناهي. جيئن: فرعون جو ايمان، جيڪو ملحد مردود هو. پر خوف وقت ڪفر کان سواءِ ٻي توبهه قبول ٿيڻ ۾ اختلاف آهي. پر ڪتابن ۾ وڌيڪ صحيح قول اهو آهي ته قبول ٿيندي. البته ڪفر جي قسم جي توبهه خوف وقت بنهه قبول ناهي. عقائد جي ڪتابن ۾ آهي ته عصمت نبين جو خاصو آهي اها ٻئي کي نه ٿي جڳائي. تنهن ڪري معصوم جو لفظ نبين کان سواءِ ٻين لاءِ نه چئبو. نبين کان سواءِ ڪنهن به سونهاري مؤمن لاءِ ڇونه اهو اهل بيت مان هجي. ڇو نه صحابن منجهان هجي. ڇو نه حسنين ڪريمين هجن، معصوم جو لفظ نه چئبو. جيڪا معنيٰ سنڌيءَ ۾ طهارت جي آهي.

مون اڳ جيڪي فرض اعتقادي لکيا سي ليکي ۾ ٽي سؤ تيرهن ٿيا. تن مان ٻه سؤ اڻويهن جو ايمان جي ستن صفتن سان تعلق آهي. جن جو انهن سان تعلق بنهه ڪونهي سي سؤ تيرهن اعتقادي فرض ٿيا. ٻن قسمن جو بيان اچي پورو ٿيو. جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ موليٰ جي فضل سان آنداسون. هاڻي ٻيو قسم اچي ٿو، تنهن کي پنهنجي فضل سان فقير کان قبول ڪري، ۽ هن بندي جا پنهنجي احسان سان الله گناهه بخشي. دنيا جي جهان مان هن ڪلمي سان لڏائي: لا الٰہ الا الله محمد رسول الله ﷺ.

جانڪنتيان = هاڻي تائين، اڃا تائين.