ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5936) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638474 ڀيرا پڙهيو ويو |
حيض ۽ نفاس جي فرضن جو بيان
اهي ڳاڻاٽي مطابق ارڙهن فرض آهن. پر انهن ارڙهن مان پندرهين ۽ سورهين نمبر فرضن ۾ عالمن جو اختلاف آهي. مون اهي به انهيءَ عدد ۾ شمار ڪيا آهن. جيڪڏهن اهي حساب ۾ نه لکبا ته ليکي ۽ حساب ۾ فرضن جو عدد سورنهن ٿيندو.
(1) پهريون فرض حيض ۽ نفاس واري عورت لاءِ نماز کان پاسو ڪرڻ آهي. فرض نماز هجي يا نفل. شڪر جي سجدي کان پڻ پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ تلاوت جي سجدي کان پڻ.
(2) روزن کان پاسو ڪرڻ، فرض هجن يا نفل.
(3) اهڙي زال سان، حيض ۽ نفاس وقت، جماع کان پاسو ڪرڻ.
(4) انهيءَ زال کي اهڙي شيءِ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪا جماع جي حڪم ۾ آهي. جيئن مڙس جو کيس اگهاڙيءَ حالت ۾ نهائينءَ هيٺ گوڏن تائين ڇهڻ.
(5) حيض ۽ نفاس واريءَ عورت مٿان فرض آهي ته حيض، جيڪڏهن ڏهن ڏينهن کان اڳ ختم ٿيو آهي ته غسل کان اڳ جماع ۽ ان جي حڪم ۾ شامل عمل کان پاسو ڪري ۽ نفاس، جيڪڏهن چاليهن ڏينهن کان گهٽ ۾ ختم ٿيو آهي، ته غسل کان اڳ جماع ۽ ان جي حڪم ۾ شامل عمل کان پاسو ڪري.
پر جيڪڏهن ڪا عورت نماز جي پنجن فرضن جي آخري وقت ۾ پاڪ ٿي، پوءِ اهو ٿورڙو هجي يا گهڻو، جيئن اهو آخري وقت ايترو هجي جو غسل ۽ تڪبير تحريمه ٿي سگهي ۽ ان عورت مٿان اهو آخري وقت گذري ويو، ته ان صورت ۾ جماع ۽ ان جي حڪم ۾ شامل عمل غسل کان اڳ ان عورت لاءِ جائز آهي. جيڪڏهن اهو آخري وقت ٿورڙو آهي، جيئن اِهي ٻه ڪم نه ڪري سگهي جيڪي مٿي گذريا ته ان صورت ۾ انهيءَ عورت مٿان غسل کان اڳ جماع ڪرڻ حرام آهي.
(6) حيض ۽ نفاس واري عورت جڏهن عادت کان اڳ پاڪ ٿي، جڏهن ته ان جي عادت مقرر آهي. ته ان کي جماع ۽ ان جي حڪم ۾ شامل عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حيض واري عورت، جيڪا ڏهن ڏينهن کان اڳ پاڪ ٿي آهي ۽ نفاس واري عورت چاليهن ڏينهن کان اڳ پاڪ ٿي آهي ته جيستائين عادت جا ڏينهن پورا ٿين تيستائين جماع ۽ ان جي حڪم ۾ شامل عملن کان پاسو ڪندي.
(7) اهڙين زالن کي قرآن پڙهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇو نه هڪ آيت جيترو پڙهن، يا ڇو نه ياد پڙهن. تڏهن به حرام آهي.
(8) اهڙين زالن کي مصحف کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان کي کڻڻ کان پڻ پاسو ڪرڻ گهرجي. پر جي غلاف مصحف کان ڌار آهي ته ان سان کڻڻ ۽ ڇهڻ جائز آهي.
(9) اهڙي شيءِ کڻڻ ۽ ان کي ڇهڻ کان پاسو ڪرڻ جنهن ۾ قرآن جي هڪ آيت لکيل آهي اها آيت ٻئي ڪلام سان جيڪڏهن گڏ آهي ته پوءِ علماءَ چون ٿا ته ان جو کڻڻ جائز آهي.
(10) مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ فرض آهي، جيڪڏهن زالون اهڙي جاءِ ۾ داخل ٿين جتي عيد نماز پڙهجي ٿي يا جنازي نماز ته ڪتاب لکن ٿا ته ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي.
(11) انهن ٻن زالن لاءِ فرض روزن جي قضا فرض آهي، جيڪي ان دوران کانئن نڪري ويا آهن. پر انهن مٿان نمازن جي قضا ڪانهي، جيڪي کانئن نڪري ويون آهن. اهي ڪريم جا ڪرم ۽ آگي جون مهربانيون آهن.
(12) انهن ٻن زالن تي فرض آهي ته اهو روزو قضا ڪن، جنهن ۾ کين حيض يا نفاس ظاهر ٿيو.
(13) حيض ۽ نفاس واريءَ عورت لاءِ فرض آهي ته ان روزي کي قضا ڪري، جنهن ۾ پرهه ڦٽڻ کان سج لهڻ تائين ڪنهن به وقت اها پاڪا ٿي آهي. پر قضا جو اهو شرط لکيو اٿن ته پاڪائيءَ کان پوءِ ايترو وقت کيس ملي جنهن ۾ اها غسل ڪري سگهي. تڪبير تحريمه جي وسعت نه ئي هجي.
(14) حيض ۽ نفاس واريءَ زال تي انهن نمازن جو قضا ڪرڻ فرض آهي، جن نمازن جي آخري وقتن ۾ اهي پاڪ ٿين ٿيون. ڇو نه ٿورو وقت ئي هجي، جنهن ۾ صرف تڪبير تحريمه تي قدرت آهي، ته به قضا فرض آهي.
جيڪڏهن عورتن جو حيض ۽ نفاس اڪثر مدت تي پورو ٿيو هوندو، جيڪا انهن جي مدت مقرر آهي، تنهن مطابق يا نفاس ۽ حيض اڪثر مدت مان ٿورڙي وقت ۾ پورو ٿيو، ته ان صورت ۾ آخري وقت ايترو گهرجي جنهن ۾ غسل ۽ تڪبير تحريمه جي گنجائش هجي. پر انهن زالن تي رب وٽان انهن نمازن جو قضا ڪرڻ فرض ناهي، جن ۾ حيض ۽ نفاس ظاهر ٿيو، ۽ انهن تي پڻ قضا ڪرڻ فرض ناهي جن جو اهو طريقو آهي ته ڪنهن فرض دوران کين حيض يا نفاس اچي ويو ۽ ان وقت ۾ کانئن حيض يا نفاس جي ڪري فرض رهجي ويو.
(15) انهن حيض ۽ نفاس وارين زالن مٿان، ان نفل نماز جو قضا ڪرڻ فرض آهي، جنهن جي شروع ڪرڻ کان پوءِ کين حيض يا نفاس اچي ويو، اهو ئي صحيح قول آهي، ڪتاب لکن ٿا.
(16) انهن زالن تي اهو روزو قضا ڪرڻ فرض آهي، جنهن کي شروع ڪرڻ کان پوءِ حيض يا نفاس ظاهر ٿي پين. صحيح قول اهو آهي ۽ فتويٰ به ان تي آهي؛ پر پندرهون ۽ سورهون فرض جيڪو آهي، تن ۾ عالمن اندر اختلاف آهن، جيڪي دين جا باني آهن، ته نفل نماز ۽ نفل روزي جو شروع ڪري ڀڃڻ جي صورت ۾ قضا ڪن عالمن چيو آهي، ته واجب آهي، ڪن چيو آهي ته فرض آهي.
(17) حيض ۽ نفاس واريءَ عورت جي مٿان ڪعبي جي طواف کان پاسو ڪرڻ فرض آهي. طواف نفلي هجي يا فرضي. پر جي ڪا اهڙي زال ڪعبي جو طواف ڪري، ته ان جو طواف صحيح چئبو، ظاهر ائين آهي پر انهيءَ سبب جي ڪري کين ان جو گناهه ٿيندو. يعني غسل کان سواءِ طواف ڪري فرض ڇڏڻ جو گناهه. پوءِ اهو طواف حج جو هجي يا ڪو ٻيو هجي. جيڪڏهن اهڙو طواف حج لاءِ عرفات ۾ بيهڻ کان پوءِ ڪيائون ته اهڙيون عورتون ان سببان حج کان فارغ ٿي وينديون. پر گناهه جي سببان ان تي اٺ يا ڍڳي جو ڪهڻ واجب ٿيندو. جنبيءَ جو به شريعت موجب اهوئي حڪم آهي، جهڙو هنن ٻن زالن جو شريعت موجب حڪم بيان ٿيو.
(18) انهن زالن تي اعتڪاف ۾ ويهڻ کان پاسو ڪرڻ فرض آهي، جيڪڏهن ڪا پاڪ عورت اعتڪاف ۾ اچي ويٺي، ان کان پوءِ ان کي حيض يا نفاس اچي ظاهر ٿي پيو، ان جو اعتڪاف ڀڄي پوندو، جيڪڏهن واجب هوندو، ته ڪتابن ۾ اهڙن ماڳن جو ذڪر به ٿيل آهي جن ۾ تڙ واري مرد، حيض واريءَ ۽ نفاس واريءَ عورت تي غسل واجب آهي، جيئن نماز جو ارادو ڪرڻ يا ان جهڙو ڪو ٻيو ڪم جنهن جو غسل کان سواءِ ڪرڻ جائز ناهي؛ پر اسان انهن کي هن تفصيل ۾ ذڪر نه ڪيو. جو ان جو مٿئين ڪلام ۾، غسل جي فرضن جي ذڪر ۾ بيان گذري چڪو آهي.