فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5931) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638168   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل ٻارهون


جنازي نماز سان تعلق رکندڙ فرض
سڀ ڪو مؤمن اهو ڄاڻي ڇڏي ته جنازي جي نماز فرض ڪفايه آهي. تنهن ڪري اها هن فصل جي پڄاڻيءَ تي ايندڙ ٻئي باب ۾ بيان ڪندس. جنهن ۾ سڀ فرض ڪفايه بيان ٿيندا. البته جنازي سان تعلق رکندڙ فرض جيڪي آهن. سي ليکي شماري ۾ مڙئي ٻاهٺ آهن. جن ۾ ڪي فرض ڪفايت جا ته ڪي فرض عين آهن. انهن جو بيان ٻڌي دل ۾ سانڍجانءِ.
1- پهريون فرض تن مان آهي، مؤمن ميت جي سڄي جسم جي مٿان پاڻي وهائڻ.
2- فرض آهي ڪنن جي ٻاهرئين توڙي ظاهر اندرئين حصي کي پاڻي رسائڻ، جيستائين ممڪن ٿي سگهي.
3- فرض آهي دن جو اندريون حصو، جنهن کي احتياط ۽ ڌيان کان سواءِ پاڻي نه رسي سگهي، ان کي پاڻي رسائڻ.
4- فرض آهي، ڏاڙهيءَ جي وارن کي پاڻي پهچائڻ، وچان وار، هجن يا پاڙن وارا. پڻ ڏاڙهيءَ جي لڙندڙ وارن کي پاڻي پهچائڻ، ڏاڙهي ڇڊڙي هجي يا گهاٽڙي.
5- فرض عورت ميت ۾ آهي ته سندس مٿي جي وارن کي پاڻي پهچائجي. پر جيڪڏهن ان جا وار ڳتيل ۽ مضبوط هجن، ته انهن جي صرف پاڙن کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي، پر جيڪڏهن سندس مٿي جا وار ڇڙيل هجن، ته مڙني وارن کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي، وچن، پاڙن توڙي لڙيل وارن کي.
6- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ميت مرد هجي، ته ان جي وارن کي وچ، پاڙن توڙي لڙڪيلن کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي؛ پوءِ اهي ڇڙيل هجن يا ڳتيل.
7- فرض آهي، مڇن جي وارن کي پاڻي پهچائڻ ڀروئن توڙي ڪَلمَن کان جيڪي ڏاڙهيءَ جا وار آهن، تن کي پاڙن، وچ توڙي چوٽين کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي ”عنفقي“ يعني ڪَلمَن جي معنيٰ وضوءَ جي فرضن ۾ هن کان اڳ بيان ڪئي اٿم.
8- فرض خاص زالن لاءِ آهي، ته پاڻي فرج خارج کي پهچائڻ فرض آهي؛ پر زالن لاءِ فرج داخل ۾ غسل وقت پاڻي پهچائڻ بنهه فرض ناهي.
9- فرض آهي، پاڻي ان سوراخ ۾ رسائڻ، جيڪو ڪن، نڪ ۽ اهڙين ٻين جڳهين تي آهي. اهو ان صورت ۾ جڏهن سوراخ جا ٻئي طرف لڳل نه هجن. جي ڪنهن سبب ڪري لڳل هوندا، ته ان ۾ پاڻيءَ جو رسائڻ فرض ناهي. شريعت ۾ ڪابه ڏکيائي هرگز ناهي ۽ اهڙو تڪلف ڪرڻ پڻ فرض ناهي، جو ان سوراخ ۾ ڪاٺي داخل ڪري يا ڪا ٻي ڪاٺيءَ جهڙي شيءِ داخل ڪري.
10- فرض آهي، اهو هنڌ ڌوئڻ، جيڪو ڏاڙهي ۽ ڪن جي وچ تي آهي، توڙي ان هنڌ وار هجن توڙي نه هجن.
11- فرض انهيءَ جاءِ جو ڌوئڻ آهي، جيڪا ڀروئن کان هيٺان آهي، جيڪا جاءِ ميت جي اکين مٿان آهن.
12- فرض آهي، ان هنڌ جو ڌوئڻ، جنهن کي ”وتر“ چوندا آهن، جيڪو نڪ جي نرم حصي کان مٿي آهي.
13- فرض آهي، چپن جو اهو هنڌ ڌوئڻ، جيڪو چپن پورڻ کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿو.
14- فرض آهي، اها منڊي لاهڻ جيڪا سوڙهي هجي يا ان جو چورڻ غسل وقت فرض آهي؛ ته جيئن پاڻي ان جي هيٺان تائين پهچي وڃي.
15- فرض آهي، سوڙهي چوڙيءَ جو لاهڻ، ته جيئن ان جاءِ کي به پاڻي پهچي وڃي.
16- فرض آهي، آڱرين کي خلال ڪرڻ، پيرن جون آڱريون هجن يا هٿن جون، جڏهن انهن وچ ۾ پاڻي نه پهتو هجي، پر جي ميت جون آڱريون ماڳهين ڳنڍيلون آهن ته انهن جي وچ ۾ پاڻي رسائڻ بنهه فرض ناهي.
17- فرض آهي اک جي پچيءَ هيٺان پاڻي پهچائڻ، جنهن اک ۾ ڪنهن قسم جو مرض هجي؛ پر اهو تڏهن جڏهن پچي اک کان ٻاهر هجي.
18- فرض آهي، اکين جون ٻئي ڪنڊون ڌوئڻ.
19- فرض آهي، زائد آڱر، زائد هٿ، زائد پير ۽ ٻين اهڙين شين جو ڌوئڻ، جيڪي جسم ۾ اهڙيءَ جاءِ تي اُڀري نڪرن ٿيون، جيڪا جاءِ غسل ۾ ڌوئڻ فرض آهي، ته اهو عضوو پڻ ڌوئڻ فرض ٿيندو.
20- فرض آهي، ته وضوءَ ۾ جيڪي عضوا ڌوئڻ فرض آهن، تن جو غسل ۾ سنڀالي ڌوئڻ فرض آهي. جيڪڏهن انهن عضون مان ڪو عضوو ميت جي غسل ۾ سئي جي مٿي يا تر جي مقدار جيترو به رهجي ويو، ان کي پاڻي نه رسيو، ته ان صورت ۾ غسل جو فرض ائين سمجهو، ته رهجي ويو.
21- فرض ان ۾ اهڙو ٿا لکن، ته ميت جي جسم تي ڪا اهڙي شيءِ نه هجي، جيڪا پاڻيءَ کي عضوي تائين پهچڻ کان جهلڻ واري هجي. جهڙوڪ ڳوهيل اٽو يا ميڻ جو ڪو قسم يا مڇيءَ جو ڇلر يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي شيءِ، جيڪا پاڻيءَ کي جسم تائين رسڻ کان جهلي ٿي.
22- فرض ڪتابن اهو لکيو آهي، ته جنهن شخص جو هٿ هڪڙو يا پير هڪڙو آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته هڪڙو ئي هٿ ۽ پير ڌوئي. ٻئي هٿ ۽ پير جو ڌوئڻ ان تان لهي ويو.
23- فرض آهي، آڱرين جي مٿي جو جيڪو حصو ننهن هيٺان ڍڪجي وڃي، تنهن جو ڌوئڻ ۽ ان تائين پاڻي پهچائڻ فرض آهي.
24- مڙني عضون مٿان پاڻي وهائڻ فرض آهي. جيڪڏهن ڪنهن عضوي کي صرف مک ڏنائين، پاڻي ان تان وهايائين ڪونه، ته ان صورت ۾ غسل صحيح نه چئبو.
25- فرض آهي، مطلق پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ، جيڪڏهن مقيد پاڻيءَ سان غسل ڏنائون يا ڪنهن ٻيءَ پٽڙي شيءِ سان غسل ڏنائون، ته ان صورت ۾ غسل ماڳهين صحيح نه ٿيندو.
26- فرض ڪتاب اهو ٿا لکن، ته غسل جو پاڻي پاڪ ۽ طاهر هجي. جيڪڏهن ميت کي پليت پاڻيءَ سان غسل ڏنو ويو، ته اهو غسل هرگز صحيح نه ٿيندو. تڏهن ميت کي غسل جي جاءِ تي تيمم ڪرائڻ فرض ٿيندو.
27- فرض عالمن اهو لکيو آهي، ته پاڻي مطهر به هئڻ گهرجي. جيڪو ميت تان حدث کي لاهي. جيڪڏهن پاڻي مستعمل سان غسل ڏنائونس ته ميت جو غسل ان صورت ۾ صحيح نه ٿيندو. مستعمل پاڻي توڙي ميت جي ئي استعمال سان مستعمل ٿيو هجي يا ڪنهن جيئري ئي استعمال ڪيو هجي.
28- فرض آهي، ته اهو پاڻي مشڪوڪ نه هجي، جنهن جي پاڪ ڪرڻ ۾ ماڳهين شڪ آهي. جهڙوڪ گڏهه جي اوبر يا ان جي ماديءَ جي اوبر، خچر جي اوبر يا ان جي خچر جي اوبر پر ان جي ماءُ گڏهن جي مادي هجي. جيڪڏهن ميت جي غسل لاءِ اهڙي پاڻيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو پاڻي نه ٿو ملي، ته ان صورت ۾ فرض اهو آهي، ته اهڙي پاڻيءَ سان غسل ڏئي فارغ ٿي، ان کان پوءِ ان کي ساري تيمم ڪرائن. جيڪڏهن ميت جي غسل ۾ اهڙي پاڻيءَ سان غسل تي ئي کڻي بس ڪيائون يا ان تيمم تي ئي بس کڻي ڪيائون، ته ميت تان فرض غسل ادا ٿي ويندو.
29- فرض آهي، ته غسل جو پاڻي اهڙيءَ صفت وارو هجي جو ڪا ٻي پاڪ شيءِ، پٽڙي قسم جي، ان پاڻيءَ تي غالب نه ٿئي ۽ اهڙو پاڻي مغلوب نه ٿئي، مطلب ته ٻيءَ شيءِ جا جزا پاڻيءَ کان گهڻا نه ٿي وڃن. جيئن کير، يا سرڪو يا ان جهڙيون ٻيون شيون ان سان ملي ان تي غالب نه ٿي وڃن.
30- فرض آهي، ته اهو پاڻي اهڙي قسم جو نه هجي، جنهن جي خلط (ملاوت) سببان پٽڙائي هلي نه وئي هجي. جيئن ڪا پاڪ شيءِ ان سان ملي وڃي، جيڪا پاڪ هجي؛ پر ان جي پٽڙائي هلي وڃي ته ائين نه هئڻ گهرجي.
31- فرض آهي، ته اهو پاڻي اهڙي طريقي جو نه هجي، جو ان ۾ ماڳهين ڪا شيءِ، جهڙوڪ: چڻا، چونرا، ماش يا ان جهڙيون ڪي ٻيون شيون رڌيون نه هجن، پر ان پاڻيءَ جي صفت اها ٿا لکن، ته جڏهن ٿڌو ٿئي، ڪوسائي ڇڏي، ته ٿڌائيءَ سببان اهو ڏاڍو ٿي بيهي.
32- فرض اهو آهي، ته جنهن ميت جو طهر ٿيل نه هجي تنهن جي طهر واريءَ کل ۾ اندر پاڻي پهچائڻ فرض آهي، جيڪڏهن ان ۾ پاڻي رسائڻ ممڪن هجي ۽ سولي طريقي سان ان ۾ پاڻي پهچائي سگهجي ۽ ان ۾ ڏکيائي ڪابه بنهه نه هجي. اهو وڌيڪ صحيح قول لکن ٿا.
33- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن رفيق ۽ ساٿيءَ وٽ پاڪ پاڻي موجود هجي، ته ميت جي غسل لاءِ ان کان پاڻي طلبڻ فرض آهي. جيڪڏهن ٻيو پاڻي نه ملندو هجي ۽ وارثن کي اهو پڪو گمان هجي، ته جيڪڏهن کانئس گهرندا، ته اهو کين پاڻي ضرور ڏيندو.
34- فرض اهو آهي، ته ميت جي غسل لاءِ جيڪڏهن قيمت سان پاڻي ٿو ملي، ته اهو وٺجي، توڙي اهو قيمت کان مهانگو ئي ڇو نه وڪامندو هجي. پر ٻيڻي قيمت کان گهٽ وڪامندو هجي ۽ ميت جو مال قيمت جيترو هجي يا ان جي خريد ڪرڻ جي، وارث کي طاقت هجي ۽ اهي پيسا کيس ضرورت کان واڌارا هجن.
35- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ميت جي پيرن ۾ ڦاٽي پوڻ جا نشان هجن، (جيئن پير سخت ٿيڻ کان پوءِ جهير جهير ٿي پوندا آهن) ته انهن جهيرن ۾ پاڻي وجهڻ پڻ فرض آهي.
36- فرض اهو آهي، ته ميت کي غسل وقت استنجا ڪرائجي. صاف پاڪ پاڻيءَ سان استنجا ڪرائڻ ان کي فرض آهي.
37- فرض ڪتاب اهو ٿا لکن، ته مرد کي غسل ڏيڻ وارو مرد هجي ۽ زال کي غسل ڏيڻ واري ڪا زال ئي هجي.
38- فرض اهو آهي، ته جيڪو ٻيو ڪو ماڻهو سفر ۾ عورتن جي وچ ۾ مري وڃي، اتي مرد ڪوبه ڪونهي، جيڪو ان کي غسل ڏئي، پر انهن عورتن ۾ ان مرد جي زال آهي ۽ اها اڃا عدت ۾ آهي، عدت اڃا مٿس بنهه نه گذري آهي. ٻيون مڙئي عورتون ساڻس جيڪي آهن، سي ڌاريون يا محرم آهن، ته ان صورت ۾ فرض اهو ٿا چون، ته ان مرد کي سندس اها زال غسل ڏئي، جنهن جي عدت اڃا پوري نه ٿي آهي. پر جيڪڏهن سندس ان زال جي عدت پوري ٿي وئي آهي، ته ان صورت ۾ اها پڻ کيس غسل نه ڏئي.
39- فرض اهو آهي، ته ان صورت ۾ جيڪڏهن انهن عورتن ۾ ڪا سندس زال به نه هجي. يا انهن ۾ سندس زال آهي، پر ان جي عدت پوري ٿي چڪي آهي ۽ انهن ۾ ڪا اهڙي عورت آهي جيڪا ان ميت جي محرم آهي، ته ان صورت ۾ فرض اهو ٿا چون، ته محرم عورت ان کي پنهنجي هٿن سان سولي طريقي سان تيمم ڪرائي. اڳڙي، هٿن کي ويڙهڻ جي به ڪا ضرورت ڪانهي.
40- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن انهن عورتن ۾ نه ڪا سندس زال هجي، نه ئي ڪا محرم عورت هجي، ته ان صورت ۾ ماڳهين فرض اهو آهي، ته ان کي ڌاري عورت تيمم ڪرائي؛ پر هٿن تي اڳڙي رکي تيمم ڪرائي.
41- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪا عورت سفر ۾ مردن جي وچ ۾ مري ٿي وڃي، اتي ڪابه عورت موجود ڪانهي جيڪا کيس غسل ڏئي البت اتي سندس مڙس موجود آهي، ته ان صورت ۾ فرض اهو آهي، ته ان کي سندس مڙس تيمم ڪرائي ۽ پنهنجي هٿن تي ڪپڙو ويڙهي.
42- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪا عورت مردن جي جماعت ۾ مري پئي، پر ان سفر ۾ ان جو ڪوبه محرم ڪونهي مڙئي ڌاريا مرد موجود آهن، ته ان صورت ۾ فرض اهو آهي، ته ان کي ڪو مرد ئي تيمم ڪرائي؛ پر هٿن کي اڳڙي ويڙهي تيمم ڪري. جيڪڏهن ان جماعت ۾ سندس مڙس آهي، ته ان جو به ڌارئين مرد وارو حڪم آهي ڪنزالعباد ۾ اهڙو بيان آهي.
43- فرض اهو آهي، ته جڏهن ميت کي بنا نماز جي دفن ڪيائون، ته ان صورت ۾ ماڻهن تي فرض اهو آهي، ته نماز ان جي قبر تي اچي پڙهن. جيستائين ميت قبر ۾ ڇڄي نه پيو آهي. ڪتابن ۾ ان جي حد اها آهي، ته ٽن ڏينهن تائين قبر تي نماز جائز آهي.
44- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ميت تي جنازي نماز پڙهيائون؛ پر ان کي غسل ماڳهين ڪنهن نه ڏنو هو، ته ان صورت ۾ فرض اهو ٿا چون، ته قبر تي ماڻهو ورائي سندس جنازي نماز پڙهن، جيستائين ميت ڇنو ناهي.
45- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن نماز اهڙي طريقي پڙهيائون جو ان ميت تي ڪو پليت ڪپڙو پيل هو، جنهن کي قدر مانع جيتري پليتي لڳي هئي، ته ان صورت ۾ ان جي قبر تي ورائي نماز پڙهڻ فرض آهي؛ پر ايستائين جيستائين قبر ۾ ميت ڇنو ناهي.
46- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ميت تي جنازي نماز پڙهيائون، پر ان نماز جو امام اهڙو مرد آهي، جنهن جي جسم يا ڪپڙي تي پليتي لڳي آهي، ۽ اها قدر مانع جيتري آهي يا اها نماز هڪڙي شخص پڙهي هئي، پر ان جا ڪپڙا يا جسم پليت هو، قدر مانع جيتري ان کي پليتي لڳي هئي، ته انهن ٻنهي صورتن ۾ فرض اهو آهي، ته ورائي اها نماز سندس قبر تي پڙهن. جيستائين ميت ڇنو ناهي.
47- فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن اها نماز اهڙي طريقي سان پڙهيائون، جو ان پڙهائڻ وقت امام کي وضو ڪيل نه هو، يا جنهن هڪڙي نماز پڙهي تنهن کي پڙهڻ وقت وضو نه هو، ته انهن ٻنهي صورتن ۾ فرض اهو ٿا چون، ته ان جي قبر تي اها نماز ورائي پڙهن. جيستائين ميت قبر ۾ ڦاٽو ناهي. پر جي ميت تي جنازي نماز امام جي پٺيان پڙهيائون، اهو امام پليتيءَ کان پاڪ هو حقيقي توڙي حڪمي پليتيءَ کان جڏهن ته، جماعت بنا پاڪائيءَ جي اها جنازي جي نماز پڙهي هئي، ته اها جملي جماعت ورائي پاڪائي ڪري اها جنازي جي نماز نه پڙهي، جنازي نماز جو فرض بس ادا ٿي ويو، جو اڪيلي امام جهڙوڪ نماز پڙهي ڇڏي.
48- فرض آهي، ته ميت جو ڪفن اهڙو هجي، جيڪو سندس جسم کي ڍڪي، جسم منجهان ڪو حصو ڍڪجڻ کان رهجي نه وڃي. اهو ڍڪ توڙي هڪڙي ڪپڙي مان حاصل ٿي وڃي توڙي ڪنهن ٻي شيءِ سان حاصل ٿئي جيڪا ڪپڙي جي جڳهه تي ڪم ڏئي سگهي. ڪتاب لکن ٿا_ شرح منيه ۾ ان جو بيان آهي. پر ان کان جيڪو وڌيڪ ڪفن ٿئي تنهن جو حڪم اهو آهي، ته اها زيادتي فرض بنهه نه چئبي. ان ڪري ان کان جيڪو زائد ڪفن ٿئي. جنهن جو ڪفن ڪفايت جو نالو آهي، تنهن کي ڪفن سنت چوندا آهن.
49- فرض مڙس مٿان آهي، ته زال کي پنهنجي مال منجهان ڪفن ڏئي. توڙي اها سندس زال غريب هجي توڙي مالدار، جيئن حياتيءَ ۾ سندس ڪپڙا مٿس فرض هئا؛ پر زال تي اهو بنهه فرض ناهي، ته مرڻ کان پوءِ مڙس کي ڪفن ڏئي.
50- فرض آهي، ته ٻانهي جي مرڻ کان پوءِ سندس ڪفن سندس مالڪ تي فرض آهي. شريعت موجب ٻانهي تي آقا جو ڪفن فرض ناهي.
51- فرض علماءَ اهو ٿا لکن، ته جنازي جي نماز جي جواز لاءِ، ٻين نمازن وانگر اهو فرض آهي، ته ميت ۽ نمازين جو جسم پاڪ هجي. ٻئي هر پليتيءَ کان پاڪ هجي. حقيقي پليتي هجي توڙي حڪمي هجي. پر حقيقي پليتيءَ جو حڪم اهو آهي، ته درهم جي مقدار کان اها مٿي نه هجي. ان طرح جامع الرموز ۾ لکيل آهي. جيڪڏهن اها حقيقي پليتي غليظ آهي ته، پر جيڪڏهن حفيف آهي، ته ان جو پاڪائيءَ لاءِ قدر اهو ٿا لکن، ته اها ڪپڙي جي چوٿين حصي جي مقدار کي نه پهچي.
52- فرض اهو آهي، ته نمازيءَ ۽ ميت جا هڙئي ڪپڙا حقيقي پليتيءَ کان پاڪ هجن. توڙي اها پليتي غليظ هجي يا حفيف. جيئن ان پليتيءَ جو مقدار ان حد کي نه پهتو هجي، جنهن جو اڳئين فرض ۾ بيان ڪيم.
53- فرض علماءَ اهو ٿا لکن، ته ميت جي جاءِ ۽ نمازيءَ جي جاءِ پاڪ هجي. پر ڪن عالمن، الله رحمت فرمائين، چيو آهي، ميت جي جاءِ جي پاڪائي ماڳهين فرض ڪانهي. فتاويٰ عالمگيريءَ ۾ اها روايت آهي، ڪتاب مضمرات کان اها نقل ڪئي اٿائين. پر پهريون قول صحيح ۽ ثابت آهي.
54- فرض ڪتابن اهو لکيو آهي، ته ميت ۽ نماز پڙهندڙ ٻئي مسلمان هجن.
55- فرض آهي، جنازي نماز ۾ بيهڻ. ان ڪري سواريءَ تي يا ويٺي اها نماز پڙهڻ نه ٿي جڳائي. پر ان شخص لاءِ جائز آهي، جيڪو عُذر وارو آهي. هن نماز جو حڪم اهڙوئي چون ٿا جهڙو ٻين نمازن جو حڪم آهي.
56- فرض آهي، پهرين تڪبير.
57- فرض آهي، جنازي نماز جي ٻي تڪبير.
58- فرض آهي، جنازي نماز جي ٽين تڪبير.
59- فرض آهي، چوٿين تڪبير، جنازي نماز جي هر هڪ تڪبير جو رڪعت وارو حڪم آهي.
60- فرض آهي، ميت جو اهڙي طريقي سان هئڻ، جو اهو نمازيءَ جي آڏو هجي. ان ڪري جيڪڏهن ميت نمازيءَ کان غائب آهي، ته جنازي جي نماز درست نه چئبي. پڻ ان ميت تي جنازي نماز درست نه چئبي، جيڪو نمازين جي پٺيان هجي. يا نمازيءَ جي پاسي ۾ ميت هجي، ته انهن مڙني صورتن ۾ اها نماز صحيح نه ٿيندي.
61- فرض اهو آهي، ته اهو ميت ڪنهن انسان تي رکيل نه هجي يا ڪنهن جو مٿي کنيل نه هجي. ان ڪري اهڙيءَ صورت ۾ هيءُ حڪم آهي، ته ان جي جنازي نماز صحيح نه ٿيندي.
62- فرض ڪتابن لکيو آهي ته اهو ميت ڪنهن جانور تي مٿي کنيل نه هجي. اهڙي صورت ۾ چون ٿا ته جنازي جي نماز درست نه چئبي. پر جي ميت ڪنهن تخت تي رکيل هجي، يا ڪنهن منجيءَ تي رکيل هجي، ۽ ان جي جنازي نماز پڙهيائون، ته اها جنازي نماز صحيح ٿيندي، شريعت موجب اها نماز غلط ناهي.