فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5960) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     641220   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل پندرهون


اعتڪاف جا فرض

لکيي ۾ اهي چار فرض آهن.

  1. فرض اعتڪاف جو آهي، نيت ڪرڻ. واجب اعتڪاف هجي توڙي نفل توڙي سنت مؤڪد. سنت مؤڪد جو مثال پونين ڏهن رمضان جي ڏينهن جو اعتڪاف لکن ٿا. اعتڪاف واجب جو ڪتابن مثال لکيو آهي، اهو اعتڪاف جيڪو باسيائين. انهن ٻن قسمن کان سواءِ ٻيا اعتڪاف جيڪي آهن، سي مڙئي اعتڪاف علماءَ چون ٿا، ته نفل آهن.
  2. فرض ان جو آهي، اهڙي مسجد جنهن ۾ جماعت سان نماز پڙهجي ٿي. پر اهو مردن تي فرض آهي، اهو عورت تي فرض بنهه ناهي، جيڪڏهن ڪو مرد مسجد کان ٻاهر ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي اعتڪاف ۾ ويهي، جيڪا جاءِ شريعت موجب مسجد جو غير آهي، ته ان مرد جو اعتڪاف صحيح نه ٿيندو.
  3. فرض زالن لاءِ مسجد فرض چون ٿا. توڙي جماعت واري مسجد هجي، توڙي اها مسجد هجي، جيڪا عورت پنهنجي گهر ۾ نماز لاءِ ڪئي آهي.
  4. فرض آهي، جنهن معتڪف اعتڪاف واجب شروع ڪيو، تنهن جو اهڙين شين کان پاسو ڪرڻ، جيڪي اعتڪاف کي ڀڃن ٿيون. جيئن مسجد مان بنا عذر جي نڪرڻ. جيڪو عذر شريعت ۾ معتبر هجي ۽ جيئن عورت سان جماع ڪرڻ ۽ ان جهڙا جيڪي ٻيا اعتڪاف واجب کي ڀڃندڙ ۽ فاسد ڪندڙ آهن. انهن صورتن ۾ اعتڪاف جي فضا واجب ٿيندي ۽ ثواب به ماڳهين نه ٿيندس. نه ئي ان مقدار جو ثواب ٿيندس، جيڪو ڀڃندڙ ظاهر ٿيڻ کان اڳ گذريو. جڏهن ته ان جي ڀڃڻ جو ان شخص کي گناهه ٿيندو، جنهن ان کي بنا عذر جي ڀڳو پر اهو اعتڪاف جيڪو سنت يا نفل آهي، ان ۾ انهن کان پاسو ڪرڻ بنهه فرض ناهي، اهي نفل ۽ سنت اعتڪافن جا ڀڃندڙ ناهن. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن اعتڪاف نفل ۽ سنت ۾ اهڙو ڪم ڄاڻي واڻي ڪيو، ته ان تي ان اعتڪاف جي قضا فرض نه چئبي. پر ان صورت ۾ اهي اعتڪاف ختم چئبا. ان شخص کي اعتڪاف جي اوتري مقدار جو ثواب ٿيندو، جيتري مقدار تائين هن اعتڪاف ڪيو آهي، ان تي ڀڃڻ جو گناهه بنهه ڪونهي. پر اعتڪاف سنت ۾ هيءُ حڪم آهي، ته جڏهن ڪنهن وٽ اعتڪاف جو ڀڃندڙ لڌو، جيڪو اعتڪاف واجب کي شريعت موجب ڀڃي ٿو، ته ان صورت ۾ سنت اعتڪاف ان هٿان هليو ويندو. جيترو مقدار اعتڪاف جي ڀڃندڙ جي ظهور کان اڳ هو ويٺو آهي، اهو مستحب ۽ نفل چئبو. ان صورت ۾ اهو نه چئبو ته سنت ادا ٿي.