ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638162 ڀيرا پڙهيو ويو |
روزي جا فرض
سڀڪو مؤمن دل سان ڄاڻي ته رمضان جا مڙئي روزا فرض عين آهن. انهن جي فرضيت قيامت جي ڏينهن تائين باقي رهندي. اهي سڀ ڪنهن سال ۾ ورائي ورائي فرض ٿين ٿا. اهي مڪلف مٿان فرض آهن. جيڪو عاقل بالغ مسلمان مرد هجي يا عورت. ڪڏهن اهي اڻٽيهه فرض ٿين، ڪڏهن ٽيهه، جڏهن مهينو اڻٽيهو يا ٽيهو ٿئي. پر علماءَ روزي جا جيڪي فرض لکن ٿا، سي مڙئي ليکي ۾ سٺ چون ٿا. اهي روزي سان تعلق رکندڙ فرض ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا فرض اهي آهن، جيڪي روزي جا رڪن آهن. جيڪي ليکي ۾ مڙئي ٽي آهن.
1. انهن مان پهريون رڪن اهو آهي، ته ڪابه شيءِ پنهنجي پيٽ، پنهنجي دماغ ۽ جسم جي ڪنهن به سوراخ مان داخل نه ڪري، اها شيءِ کاڌي جي قسم جي هجي يا پيئڻ جي قسم جي هجي يا ماڳهين اها شيءِ کائڻ پيئڻ جي نه ئي هجي. انهن شين کان پاڻ کي حقيقي طور جهلي يا حڪمي طور. جيئن ويسر ۾ کائي يا پيئي، ان کان پوءِ رمضان جو روزو پورو ڪري. ان طرح بحرالرائق ۾ بيان آهي.
2. رڪن آهي، پاڻ کي جماع کان جهلڻ، ظاهري توڙي معنوي جماع کان.
3. رڪن اهو آهي، ته پاڻ کي انهن شين کان، پرهه جي وقت کان وٺي سج لهڻ جي وقت تائين جهلي؛ پر اهو جهلڻ روزي جي نيت سان هئڻ گهرجي.
روزي جي فرضن منجهان ٻئو قسم روزي جا شرط آهن، جيڪي پورا ٽي قسم آهن. پهريون قسم انهن مان آهي وجوب جا شرط، جيڪي ليکي ۾ ٽي آهن.
1. شرط آهي، اسلام.
2. شرط آهي، بالغ هئڻ، ڀلارا علماءَ چون ٿا.
3. شرط، ٽن شرطن منجهان آهي، عقل.
انهن مان ٻيو قسم آهي اداء جي وجوب جا شرط، جيڪي پڻ پورا ٽي آهن.
1. شرط، حيض ۽ نفاس کان پاڪائي آهي.
2. شرط آهي، بيماريءَ کان چڱو ڀلو هئڻ.
3. شرط آهي، اقامت.
ٽيون قسم انهن مان، اهي شرط آهن جيڪي روزي جي درستگيءَ جا شرط آهن. ان ۾ علماءَ ايڪيهه فرض لکن ٿا.
1. شرط آهي، اسلام.
2. شرط عورت جو حيض ۽ نفاس کان پاڪ هئڻ.
3. شرط آهي، سڀ ڪنهن روزي لاءِ نيت ڪرڻ يا اهڙي ڳالهه ڪرڻ، جيڪا نيت جي جاءِ تي هجي. جيئن سحريءَ وقت کائڻ يا پيئڻ، پر جي سحري کائي پئي به؛ پر روزي رکڻ جي دل ۾ نيت ئي نه هجيس، ته اهو کائڻ ۽ پيئڻ ڪافي نه چئبو، ان کي نيت جي جاءِ تي نه مڃبو. جيڪڏهن رمضان جا روزا ادا ٿو ڪري يا نذر معين جا ٿو رکي يا نفل جا روزا ٿو رکي، ته چون ٿا، ته بدزي جي مطلق نيت ڪافي آهي. پر جيڪي روزا انهن ٽن قسمن کان سواءِ آهن، تن ۾ مطلق نيت ڪافي ناهي؛ انهن جي نيت ۾ تعين ڪرڻ گهرجي.
4. فرض اهو آهي، ته ٽن قسمن جي روزن کان سواءِ ٻين روزن ۾ نيت جي وقت تعين ڪري.
5. فرض، روزي جي ”ضحويٰ ڪبري“ کان اڳ نيت ڪرڻ آهي. توڙي رمضان جا روزا هجن يا نذر معين جا. يا نفل جو روزو هجي. ”ضحويٰ ڪبري“ زوال کان اڌ ڏينهن تائين جي وقت کي چوندا آهن. جنهن ۾ طلوع کان اڌ ڏينهن جو زوال ٿيندو آهي. ان ضحوي جو نالو شرعي آهي، ”نصف النهار شرعي“. جيڪڏهن ”ضحويٰ ڪبري“ کان نيت ۾ دير ٿو ڪري، انهن ٽن قسمن مان ڪنهن هڪ ۾، ته اهڙو روزو درست نه چئبو.
6. اڳين ٽن قسمن کان سواءِ ٻين روزن ۾ پرهه کان اڳ روزي جي نيت ڪرڻ فرض آهي. جيئن رمضان جي قضا جو روزو، ڪفاري جو روزو، غير معين نظر جا روزا يا نفل جي قضا جو روزو، جيڪو نفلي روزو ڀڃڻ کان پوءِ قضا ڪجي. انهن روزن جي جيڪڏهن پرهه کان پوءِ نيت ڪيائين، ته اهي روزا اهڙي طريقي سان درست نه چئبا.
7. اڳئين ڏينهن جي روزي جي، سج لهڻ کان اڳ نيت نه ڪجي. جيڪڏهن سج لهڻ کان اڳئي نيت ڪري ته سڀاڻڪي ڏينهن جي روزي جي نيت ٿو ڪريان، ته اهو روزو صحيح نه ٿيندو. جن روزن جي روزي جي ڏينهن ضحويٰ ڪبريٰ کان اڳ نيت ڪرڻ جائز آهي، انهن جي اهڙي صورت ۾ نيت ڪرڻ مهل فرض اهو آهي، ته نيت ڪري، ته روزي جي اول ڏينهن کان نيت ڪريان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن شخص مطلق ڪنهن ڏينهن جي نيت ڪئي، هن وقت جو نالو نه ورتائين، ”اول ڏينهن“ کان جا لفظ نه چيائين ته اهو روزو صحيح ٿيندو.
8. فرض اهو آهي، ته نيت وقت يقين سان نيت ڪري، نيت وقت نيت ۾ شڪ نه ڪري. جيڪڏهن اصل نيت ۾ شڪ ڪيائين. جيئن اهڙي نيت شڪ جي ڏينهن بابت ڪيائين، ته جيڪڏهن سڀاڻڪو ڏينهن رمضان منجهان آهي، ته سڀاڻڪي روزي جي نيت ڪريان ٿو. جيڪڏهن سڀاڻڪو ڏينهن شعبان جي آخر جو ڏينهن آهي، ته سڀاڻڪي روزي جي هرگز نيت ناهي، ته ان نيت سان رمضان جو روزو شڪ جي ڏينهن ۾ تردد جي سببان صحيح نه ٿيندو. جيڪڏهن نيت ۾ روزو يقيني اٿس، پر تنهن ۾ شڪ نيت جي سببان ڪيو اٿس يا نيت ۾ ته روزو يقيني اٿس؛ پر ان ۾ نيت جي صفت ۾ شڪ ڪيو اٿس، ته جيڪڏهن سڀاڻي پهرين رمضان جي ٿي، ته رمضان جي روزي جي نيت ڪيان ٿو، جيڪڏهن سڀاڻڪو ڏينهن شعبان مهيني جو ٿيو، ته ڪفاري جي روزي جي نيت اٿم يا اڳئين رمضان جي قضا جي نيت اٿم. ته ان صورت ۾ جيڪڏهن شڪ وارو ڏينهن رمضان جو ٿيو، ته نيت جي صفت تردد واري ختم ٿي ويندي ۽ اصل نيت باقي رهندي؛ پر جيڪڏهن اهو ڏينهن شعبان جو ظاهر ٿيو يا ٻنهي مان ڪوبه ڏينهن ثابت نه ٿيو، ته اهو روزو نه قضا کان درست ٿيو نه ڪفاري کان درست ٿيندو. ڪتاب هدايه ۾ ان جو بيان آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ ان جو ذڪر آهي.
9. فرض ان باري ۾ اهو آهي، ته روزو ان شيءِ جو رکي جنهن جي شروع ۾ نيت ڪيائين. ٻن روزن کي نيت ۾ جمع نه ڪري، جيڪڏهن نيت ۾ ٻه روزا فرض جا گڏيائين ته ان صورت ۾ اهي ٻئي روزا يا هڪڙي جنس کان ٿيا جيئن هڪڙي ڏينهن ۾ هيءَ نيت ڪيائين، ته هيءُ روزا هڪڙي رمضان جا رکان ٿو. يا ٻن ظهار جي ڪفارن جا رکان ٿو. يا ٻن سونهن (قسمن) جي ڪفاري جا هيءُ روزا رکان ٿو، ته ان صورت ۾ هڪڙو روزو صحيح ٿيندو. ان وقت روزيدار کي اهي اختيار آهن ته ان کي پهريون ڀانئي يا پويون. مظهر الانوار ۾ ان جو بيان آهي. جيڪڏهن ان ڏينهن ۾ ٻه روزا نيتيائين، پر اهي ٻئي روزا الڳ الڳ جنسن جا آهن، ته انهن ۾ اهو ڏسبو ته پهريون ٻئي کان وڌيڪ قوي آهي يا ٻيو پهرئين کان قوي آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ رمضان جي ڏينهن ۾ اها نيت ڪئي، ته رمضان جو روزو ادا ٿو ڪريان ۽ ٻيو واجبن منجهان پڻ، ته ان صورت ۾ حڪم اهو ٿا لکن، ته اهو رمضان جو روزو چئبو. ڇاڪاڻ ته رمضان جو روزو واجب کان وڌيڪ قوي آهي. ٻيو مثال جيئن ڪنهن هڪڙي ڏينهن ۾ هن طرح جمع ڪيو، ته رمضان جي قضا ۽ ان جو ڪفارو ادا ٿو ڪريان يا رمضان جي قضا سان ظهار جو ڪفارو گڏيائين يا قسم جو ڪفارو گڏيائين يا ان جي قضا سان قتل جي ڪفاري جي نيت گڏيائين، ته انهن مڙني صورتن ۾ هيءُ حڪم آهي، ته اهو روزو رمضان جي قضا شمار ٿيندو. جو قضا جو روزو شريعت موجب ڪفارن جي روزن کان وڌيڪ قوي آهي. پر جيڪڏهن ٻئي روزا ماڳهين مساوي آهن، ڪو هڪ ٻئي کان قوي ناهي. جيئن هڪ روزي ۾ ٻن ڪفارن جي نيت ڪري، ظهار جو ڪفارو قسم جي ڪفاري سان گڏي يا رمضان جي ڪفاري سان قتل جي ڪفاري کي گڏي يا قتل جي ڪفاري سان ظهار جو ڪفارو گڏي، ته اهڙي صورت ۾ ڪا هڪ نيت معتبر نه چئبي. هيءُ روزو ڪنهن به پاسي جو نه ٿيندو. امام اعظم جو اهڙو مذهب آهي، پڻ امام محمد جو اهو قول آهي. پر ان صورت ۾ امام ابويوسف فرمايو آهي، ته ان صورت ۾ به روزيدار کي اختيار آهي، ته هيءُ روزو جيڪو گهري تنهن کان پاڙي. محيط سرخيءَ ۾ ان جو بيان آهي. ۽ جيئن ڪنهن پنهنجي نيت ۾ ٻه روزا ٻن رمضانن جا گڏ ڪيا، ته ان صورت ۾ پڻ حڪم اهو ٿا لکن، ته اهو روزو ڪنهن به پاسي کان واقع نه ٿيندو، نه پهرئين رمضان جي قضا ٿيندي نه پوئين جي. اهو پڻ محيط سرخيءَ ۾ آهي. هيءُ سڄو حڪم ان شخص جو آهي، جنهن هڪ ڏينهن ۾ ٻه فرض روزا جمع ڪيا جيڪڏهن فرض ۽ نفل روزا جمع ڪيائين يا نفل ۽ واجب جمع ڪيائين، هڪ ڏينهن ۾ انهن جي گڏ نيت ڪيائين، جيئن ڪنهن شخص نفل روزو رکڻ جي نيت ڪئي، باس يا ڪنهن ٻئي واجب سان گڏ، ته ان صورت ۾ حڪم اهو آهي، ته اهو روزو فرض ۽ واجب کان واقع ٿيندو. اهو روزو نفل کان واقع نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته فرض ۽ واجب نفل کان قوي آهي، امام اعظم جو اهو مذهب آهي ۽ پڻ امام ابو يوسف جو قول اهو آهي. پر امام محمد انهن ٻن صورتن ۾ اهو فرمايو آهي، ته اهو روزو صرف نفل کان ٿيندو. ان سان فرض ۽ واجب ادا نه ٿيندو. محيط برهانيءَ ۾ ۽ سراج وهاج ۾ ان مسئلي جو گهڻو بيان آهي. پر جي نيت ۾ ٻه روزا نفل جا جمع ڪيائين، جيئن حج جي ڏينهن جيڪو سومر جو ڏينهن آهي. سومر جي روزي ۽ نائين تاريخ ذوالحج جي روزي جي گڏ نيت ڪيائين، صاحب اشباهه پنهنجي ڪتاب اشباهه ۾ فرمايو آهي، ته ان جو ڪنهن ڪتاب ۾ حڪم نه لڌو آهي، ان جو حڪم الله ٿو ڄاڻي.
11. فرض رمضان جي روزي جو اهو آهي، ته رمضان جا روزا رمضان جي ڏينهن ۾ رکي، رمضان جو مهينو رمضان جي روزن جو وقت آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن رمضان جا روزا رمضان جي مهيني کان اڳ رکي ڇڏيا، ته اهي روزا رمضان جي روزن کان درست نه چئبا. پر جي اهي روزا رمضان کان پوءِ ٿو رکي، ته ان صورت ۾ جيڪڏهن اها نيت ٿو ڪري، ته هنن روزن سان رمضان جي قضا ٿو ڪريان ۽ اها نيت پرهه کان اڳي ڪئي اٿس، ته اهي پويان روزا رمضان جي روزن کان ٿي ويندا. پر جي انهن ۾ قضا جي نيت بنهه نه ڪيائين يا انهن جي پرهه کان پوءِ نيت ڪيائين، ته انهن ٻنهي صورتن ۾ حڪم اهو ٿا لکن، ته اهي روزا قضا جا ماڳهين نه ٿيندا. انهن سان قضا هرگز صحيح نه ٿيندي. پر روزن جي اها تاخير يعني رمضان جا روزا رمضان کان پوءِ رکڻ جيڪڏهن ڪو ڄاڻي واڻي ٿو ڪري، ته ان تي تاخير جو گناهه لازم ايندو. پر جي اها تاخير ڪنهن عذر جي سببان ٿي جيئن سفر يا بيماري، جيڪا روزي کان مانع آهي، ته ان تي تاخير جو گناهه بنهه ڪونهي.
12. فرض آهي، نيت کان پرهه کان اڳي نه موٽڻ، جي ان نيت کان پرهه کان اڳي موٽيو، ته ان جو اهو روزو بنهه صحيح نه ٿيندو. پر جي ان نيت کان پرهه کان پوءِ موٽيو، ته ان جو روزو صحيح ۽ درست چئبو. اهو موٽڻ ماڳهين معتبر نه چئبو.
13. فرض آهي، روزيدار جو اهڙين شين کان پاسو ڪرڻ، جيڪي ڪتابن روزي جون ڀڃندڙ لکيون آهن. انهن جو تفصيل فقهه جي ڪتابن ۾ موجود آهي.
14. فرض اهو آهي، ته رمضان منجهان ان کان جيترا روزا ويا آهن، يا ڄاڻي واڻي ڇڏيا اٿس، ته اوترا ئي روزا قضا ڪرڻ فرض آهي.
15. جيڪڏهن ڪو روزو ڄاڻي واڻي بنا عذر جي ڀڳائين، جي ان روزي جي پرهه کان اڳي نيت ڪيائين يا ٻيا جيڪي شرط وڏن ڪتابن ۾ مذڪور آهن، اهي پڻ موجود ٿيا، ته پوءِ ان روزي جو ڪفارو ادا ڪرڻ فرض آهي.
16. فرض، ته ظهار جو ڪفارو پڻ فرض آهي. ظهار ڪتابن لکيو آهي، ته ان کي چئجي، جو پنهنجي عورت کي اهڙا لفظ چئجن، ته تون مون تي تهڙي جهڙي منهنجي ماءُ، يا جهڙي امان جي پٺ يا جهڙو ان جو پيٽ.
17. فرض، قتل جو ڪفارو لکن ٿا.
18. فرض قسم جو ڪفارو آهي. توڙي انهن ڪفارن لاءِ ٻانهو آزاد ڪري يا سٺ فقيرن کي کارائي، ڪفاري طور يا ڪفاري جا رب جي رضا لاءِ روزا رکي. انهن ٽن قسمن جو وڏو تفصيل آهي. اهي چئن ڪفارن ۾ ٿيندا آهن. ان جو تفصيل واضح ۽ چٽو، فقهه جي ڀلارن وڏن ڪتابن ۾ موجود آهي.
19. فرض آهي روزن لاءِ فديو ڏيڻ، جي ڪنهن شخص کان رمضان جا روزا ويا هجن ته. پر اهو فديو ان شخص جي مٿان آهي، جيڪو گهڻو پوڙهو ۽ فاني ضعيف آهي يا حڪم ۾ پوڙهي جي مشابهه آهي، جنهن کي روزي جي بنهه طاقت ئي ڪانهي، ته ڪو حال ۾ اهو ادا ڪري سگهندو، نه ئي اها اميد اٿس، ته ايندڙ ڪنهن وقت ۾ رهيل قضا لاهي سگهندو، ته اهڙي شخص لاءِ فديو ڏيڻ فرض آهي.
20. فرض ان تي آهي، جيڪو موت کي ويجهو اچي پهتو آهي، ته رمضان جي کانئس ويل روزن جي فديي ڏيڻ جي وارثن کي وصيت ڪري، توڙي ادا روزن جي توڙي قضا جي. ۽ پڻ انهن کي اها وصيت ڪري، ته ڪفاري جي روزن جو فديو ڏجو، جيڪي روزن جي ڀڃڻ جي ڪري مون تي فرض آهن. ۽ اها وصيت به ڪري ته مون تي جيڪي ڪفارا لازم آهن، جيڪي مون کان غفلت جي سببان رهجي ويا آهن تن جو به فديو ڏجو. ۽ اها وصيت پڻ ڪري، ته ٻين حقن جو به فديو ڏجو، جيڪي مون کان ادا ڪرڻ کان رهجي ويا. جيڪڏهن ان شخص جو مال ايترو آهي جنهن مجهان هوند مڙئي وصيتون ادا ٿي وينديون، ته ان صورت ۾ ان شخص تي جيڪو مرڻ کي ويجهو اچي ٿيو آهي، فرض آهي، ته مڙئي وصيتون ڪري، ڪابه رهائي نه ڇڏي، ته وارث اهي سندس مال مان ڏين. پر جيڪڏهن ان جو مال ٿورڙو آهي. ان مان سڀ ڪا وصيت پوري نٿي ٿي سگهي، ته پوءِ مال جي اندازي مطابق وصيت ڪري. ان کان وڌيڪ ماڳهين وصيت نه ڪري. جنهن لاءِ مال نه بچي سا وصيت موقوف ڪري.
21. فرض اهو آهي، ته ميت جي پاران سندس وارثن تي فديو ڏيڻ فرض آهي، جيڪڏهن ميت وارثن کي اها وصيت ڪئي آهي، ته منهنجي مال منجهان هيءَ سڀ شيون ڏجو ۽ ان وصيت کان پوءِ اهو شخص فوت ٿي ويو ۽ ايترو مال ڇڏيائين، جنهن منجهان مڙئي فديا ادا ٿي وڃن ٿا، ته اهو فديو رمضان جي روزن کان ڏجي، ادا هجن توڙي قضا ۽ پڻ روزي جي ڪفاري جو ۽ ٻين ڪفارن جا پڻ فديا ڏجن. ۽ پڻ انهن حقن کان فديو ڏجي جيڪي رب لازم ڪيا آهن. پر جي ان شخص مال ٿورڙو ڇڏيو آهي، ته وارث تي اهي حق لاهڻ فرض آهن، جن جي لاهڻ کي ان جو مال پورو ٿي سگهي. ان کان وڌيڪ جو لاهڻ فرض ناهي. جيڪڏهن ميت پنهنجي مال منجهان حق ادا ڪرڻ جي ڪابه وصيت بنهه ڪانه ڪئي، ته ان صورت ۾ وارثن تي مستحب آهي، ته ان جي مال منجهان سندس حقن جو فديو ڏين يا پنهنجي مال منجهان ڏين. هن جڳهه تي ايڪيهه فرض اچي پورا ٿيا. جي اهي ايڪيهن نون فرضن سان گڏبا، جيڪي اڳ ۾ ذڪر ڪيم، ته مڙئي ٽيهه فرض روزن جا ٿيندا. انهن نون منجهان ٽي رڪن چيائون، ٽي وجوب جا فرض ۽ ٽي ادا جا فرض. پڻ جي اهي ٽيهه انهن ٽيهن سان گڏبا جيڪي ٽيهه روزا رمضان جا الله فرض ڪيا آهن، ته مڙئي روزن جا فرض پورا سٺ ٿي ويندا. سڀ ڪنهن عاقل بالغ مسلمان تي اهو فرض آهي، سڀ ڪنهن ورهيه ۾، جيڪڏهن رمضان جو مهينو پورو ۽ مڪمل ٿئي، ته ٽيهه روزا رکي.