فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5930) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638116   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل ٻيو



هاڻي مؤمنو! دل جي ڪنن سان ٻڌو ته مؤمن تي نماز مهل، مصحف کي ڇهڻ مهل، يا ان کي کڻڻ مهل، يا مسجد ۾ گهڙڻ مهل يا اهڙن ٻين موقعن تي غسل ڪرڻ فرض آهي؛ جيڪڏهن غسل جي فرضيت جا سبب موجود هجن ته. سگهو هن جڳهه تي انهن سببن جو بيان ٿيندو، جن جي ڪري مؤمن مٿان غسل فرض ٿيندو آهي. ان کان پوءِ مؤمن موچارا! اهو ٻڌ ته غسل جا ستيتاليهه فرض آهن، ۽ غسل جي فرضيت جا اٺ هنڌ ۽ جڳهيون آهن ۽ ٻارنهن غسل جي فرض ٿيڻ جا سبب آهن. ان طرح غسل جا مڙئي ستهٺ فرض ٿيا.
(1) وات ڌوئڻ اندران.
(2) نڪ اندران ڌوئڻ.
(3) جسم جي مٿان پاڻي وهائڻ.
(4) ڪنن جي ظاهر حصي تي پاڻي رسائڻ، اندران توڙي ٻاهران.
(5) نانهي اونهيءَ ۾ اندر پاڻي رسائڻ پڻ فرض ٿا چون.
(6) وارن جي پاڙن ۾ پاڻي پهچائڻ. وار ڏاڙهيءَ جا هجن يا ڏاڙهيءَ جي وچ جا هجن، جيڪي انهن مان لڙي هيٺ لڙڪي پيا آهن. ڏاڙهي گهاٽي هجي يا ڇڊي (هر صورت ۾ ان کي ڌوئڻ فرض آهي.)
(7) زالن مٿان مٿي جي وارن کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي. اهڙيءَ طرح جو پاڙن تائين پاڻي رسي. وار محنت سان ڳتيل هجن يا ڇوڙيل هجن. هر صورت ۾ پاڻي پهچائڻ فرض آهي، وارن جي چوٽين، وچ توڙي لڙڪيلن کي پاڻي رسائي.
(8) مڙني مڙسن لاءِ فرض آهي ته پاڪ پاڻي مٿي کي اهڙيءَ طرح رسائن جو مٿي جي وارن جي چوٽين، وچ ۽ لڙيل حصي کي پاڻي پهچي. وار ڳتيل هجن يا ڇڙيل. ڳتيلن ۽ ڇڙيلن جو ساڳيو حڪم آهي.
(9) مڇن جي وارن، عنفقي، ڀرن، وارن جي پاڙن، وچ ۽ لڙيل حصن کي پاڻي پهچائڻ فرض آهي. گهاٽا هجن يا ڇڊا.
(10) عورت جي حق ۾ عالم چون ٿا ته فرج خارج ۾ پاڻي پهچائڻ ان لاءِ فرض آهي. البته عورت جي حق ۾ فرج داخل ۾ پاڻي پهچائڻ هرگز فرض ناهي.
(11) ڪن جي سوراخ ۾ نڪ جي سوراخ ۾ يا جيڪي ٻيا اهڙا هجن انهن ۾ پاڻي پهچائڻ فرض آهي. جيستائين الله جي حڪم سان اهي سوراخ پوريا نه ويا هجن. جيڪڏهن ڪو سوراخ پورجي ويو آهي ته ان کي پاڻي رسائڻ فرض ناهي. شريعت ۾ حرج ۽ تڪليف بنهه ڪانهي سڀ ڏک معاف آهن. مؤمن تي تڪلف واجب ڪونهي، جو سوراخ ۾ ڪاٺي يا ان جهڙي ڪا شيءِ وجهي. دين جا مسئلا ٻڌي ياد ڪجان.
(12) غسل وقت سڄو منهن ڌوئڻ، جيڪو ٻن ڪنن جي ۽ عذار جي وچ تي آهي، فرض آهي عذار ان جڳهه جو نالو آهي جتي ڏاڙهيءَ جا وار ڄمن ٿا.
(13) ڀرن ۽ اکين جي وچ واري جاءِ ڌوئڻ فرض آهي.
(14) نڪ جي ڇونٽي ڌوئڻ فرض آهي جنهن کي وتر ٿا چون.
(15) پورڻ وقت چپن جا جيڪي حصا ظاهر رهن، انهن کي ڌوئڻ به فرض آهي.
(16) سوڙهي منڊيءَ کي لاهڻ يا ان کي چورڻ فرض آهي.
(17) سوڙهي ٻانهيءَ (چوڙيءَ) جو لاهڻ يا چورڻ فرض آهي.
(18) هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جو خلال ڪرڻ، جيڪڏهن ڌوئڻ ۾ انهن کي پاڻي نه رسيو آهي، ته فرض آهي.
(19) پڃين هيٺان پاڻي پهچائڻ فرض آهي جيڪي اکين کان ٻاهر پاسي تي پيل آهن.
(20) اکين جا ٻه پاسا ڌوئڻ.
(21) زائد آڱر جيڪا فرض جي جڳهه تي آهي تنهن کي ڌوئڻ فرض آهي.
(22) ڦٽ جي مٿان، جيڪڏهن ڌوئڻ سان نقصان ٿئي، ته آلو هٿ مکڻ فرض آهن.
(23) آلو هٿ چپڙيءَ تي مکڻ فرض آهي، جيڪڏهن ڌڪ جي پٽيءَ تي مکڻ ۾ نقصان هجي؛ پر جيڪڏهن نقصان ناهي، ته ان جو تفصيل وضوءَ جي فرضن ۾ بيان ڪيو اٿم؛ اتي ساري ڏسجان.
(24) جنهن جا گهڻا عضوا صحيح ۽ ٿورڙا ڦٽيل آهن، تنهن تي اهو فرض آهي، ته صحيح عضوا ڌوئي ۽ ڦٽيل عضون تي مسح ڪري.
(25) جي ڦٽيلن کي مسح نه ڪري سگهي، ته چڱا ڀلا عضوا ڌوئي ۽ پَٽيءَ تي مسح ڪري. ان جو تفصيل پڻ اڳئين ڪلام ۾ گذريو.
(26) جي صحيح عضوا ڦٽيلن جي برابر آهن، ته ان جو حڪم چوويهين فرض وارو آهي.
(27) اڳينءَ صورت ۾ پڻ اهوئي حڪم ٿا چون، جيڪو پنجويهين ۾ گذريو. انهن فرضن جا تفصيل وضوءَ جي فرضن ۾ گهڻي چٽائيءَ سان مٿي گذريا.
(28) جنهن شخص جا مڙئي عضوا ڦٽيل آهن يا اڪثر عضوا ڦٽيل آهن، تنهن جي حق ۾ تيمم فرض چون ٿا. ان جو تفصيل پڻ وضوء جي فرضن ۾ گذريو.
(29) جنهن جا عضوا ٿورا ڦٽيل آهن، پر ان کي ڦٽ ٻنهي هٿن ۾ آهي، پاڻي استعمال ڪرڻ سان ان کي نقصان ٿو ٿئي، ته ان جي حق ۾ فرض آهي، ته تيمم ڪري.
(30) مڙني عضون تي هٿ گهمائڻ ڌوئڻ، مهل، فرض آهن، جيئن تر يا سئيءَ جي پاکڙي جيترو به عضوو رهجي نه وڃي.
(31) پنهنجي جسم مان اهڙي شيءِ لاهڻ فرض آهي، جيڪا پاڻي عضون کي پهچائڻ ۾ مانع ٿئي ٿي. جيئن ميڻ، ڳوهيل اٽو يا مڇيءَ جو ڇلر وغيره.
(32) ٻانهن يا پير مان هڪ جنهن ۾ اهو لڳل هجي. صرف اهو ڌوئجي ٻئي ڌوئڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي.
(33) وڏن ننهن ۽ آڱرين جي مٿن کي ساري پاڻي رسائجي.
(34) عضون جي مٿان پاڻي وهائجي، وهائڻ کان سواءِ غسل جائز ناهي.
(35) مطلق پاڻيءَ سان وضوع ڪجي. جيئن مينهن يا کوهه جو پاڻي؛ مٺو هجي يا کارو، درياهه جو هجي يا حوض جو يا اهڙو ڪو ٻيو پاڻي هجي، جيڪو مقيد نه هجي. ان سان وضو ڪجي. ان جو تفصيل وضوءَ جي فرضن ۾ بيان ڪيو اٿم.
(36) پاڻيءَ جي پاڪائي پڻ فرض ٿا لکن. پليت پاڻي غسل ۾ ڪابه پاڪائي ڪونه ڪندو. ان ڪري جنهن وٽ پليت پاڻي موجود هجي پاڪ پاڻي اهو هرگز نه ٿو رکي ته ان تي تيمم ڪرڻ فرض چئبو.
(37) اهو پاڪ پاڻي پاڪ ڪندڙ چئبو، جيڪو جسم تان حڪمي پليتي جدا ڪري. استعمال ڪيل پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ بنهه صحيح ناهي.
(38) اهو پاڻي مشڪوڪ نه هئڻ گهرجي. جنهن جي پاڪ ڪرڻ ۾ علماءَ شڪ لکن ٿا. جيئن خچر جي اوبر، جنهن جي ماءُ گڏهه ٿيندي آهي، ۽ جيئن گڏهه جي اوبر. ان جو گهڻو تفصيل وضوءَ جي فرضن ۾ بيان ڪيو اٿم، ساري ياد ڪجان.
(39) غسل جو پاڻي ڪنهن اهڙي پٽڙائيءَ جي صفت واري پاڪ شيءِ سان مليل نه هجي جيئن: کير، سرڪو يا ان جهڙي ڪا شيءِ. جيڪا پاڻيءَ کان گهڻي هجي.
(40) ڪا شيءِ گهڻي مقدار ۾ پاڻيءَ سان گڏجي، ان جي پٽڙائي ختم نه ڪري ڇڏي.
(41) غسل جي پاڻيءَ ۾ ڪا شيءِ پچائي نه وڃي، جيئن چونرو، چڻا، گوشت وغيره. جن سان پاڻي گهاٽو ٿي ٿو وڃي.
(42) غسل جو فرض مؤمن تي اهو آهي ته پاڻي رسائڻ لاءِ جيترو ٿي سگهي کولي. جنهن سان مؤمن کي ڏکيائي نه ٿئي. انهيءَ قول تي عالمن جي فتويٰ آهي.
(43) پاڻ کي انهن شين کان جهلڻ فرض آهي، جن کي شريعت غسل جا موجب چيو آهي. جنهن شخص غسل ڪيو آهي تنهن کي اجازت آهي ته اهي ڪم ڪري، جيڪي غسل جي پاڪائيءَ کان سواءِ درست نه ٿا ٿين.
(44) جنهن وٽ غسل لاءِ پاڻي ڪونهي تنهن تي فرض آهي ته پنهنجي ساٿيءَ کان پاڻي گهري. جيڪڏهن ان وٽ ايترو پاڻي موجود هجي جيڪو غسل لاءِ پورو ٿئي ۽ مؤمن جي غالب گمان ۾ اهو هجي ته گهرڻ تي ساٿي کيس پاڻي ڏيندو. پر جي ساٿيءَ وٽ پاڻي ماڳهين ڪونهي يا ٿورو اٿس، جيڪو غسل لاءِ پورو نه ٿيندو يا غالب گمان ان جو اهو آهي ته ساٿي کيس پاڻي نه ڏيندو ته ان صورت ۾ ان ساٿيءَ کان پاڻي گهرڻ فرض ناهي.
(45) فرض اهو ٿا چون ته پاڻيءَ جي مالڪ کان پاڻي وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن ان کان سواءِ ٻيو هٿ نه اچي. جيڪڏهن اهو پاڻي ايتري قيمت ۾ هٿ اچيس جيتري قيمت ۾ اتي پاڻي وڪامجي ٿو. ٻيڻي قيمت کان وڌيڪ قيمت ۾ هٿ اچيس ٿو، ته جيڪڏهن ان شخص کي ان قيمت ڏيڻ جي قدرت آهي، کيس ناڻو پنهنجي، پنهنجي اولاد ۽ بار کڻائڻ جي مزدورن کان وڌيڪ ميسر آهي، ته وٺڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ان کي ناڻي جي قدرت بنهه ناهي، جو وڌيڪ ناڻو وٽس ماڳهين ڪونهي يا وڌيڪ ناڻو ان وٽ موجود آهي، پر مالڪ ٻيڻي قيمت کان سواءِ نه ٿو وڪڻي، ان مان ڪجهه به گهٽ نه ٿو ڪري، ته انهن مڙني صورتن ۾ مؤمن تي پاڻي خريد ڪرڻ ماڳهين فرض ناهي.
(46) جيڪڏهن ڪنهن جا هٿ يا پير ڦاٽي پيا آهن. انهن جي ڦوٽن ۾ وَهُه يا مَلَم وڌائين ته ان شخص تي فرض آهي ته پاڻي انهن ڦوٽن جي اندر رسائي، جيڪڏهن ڦوٽن ۾ اندر پاڻي وجهڻ سان ڪو نقصان نه ٿو ٿئي؛ پر جي نقصان ٿئي ته صرف ٻاهران رسائي. ان صورت ۾ اندر پاڻي پهچائڻ فرض ڪونهي.
(47) غسل وقت ٻنهي واٽن جو استنجا ڪرڻ پاڻيءَ سان فرض آهي ڇو نه ٻنهي ماڳن کي ڪا پليتي حقيقي نه ئي پهتي هجي.
غسل جا فرض پورا ٿيا، هاڻي غسل ڪهڙين جاين تي فرض آهي، اهي ٻڌو. حساب ڪتاب ۾ اهي جايون پوريون اٺ چون ٿا.
(1) رڪوع سجدي واري نماز جو ارادو ڪرڻ، اها فرض نماز هجي يا نفل.
(2) جنازي نماز جو ارادو ڪرڻ وقت.
(3) تلاوت جي سجدي جي ارادي ڪرڻ وقت يا شڪر جي سجدي جي ارادي وقت.
(4) قرآن جي آيت پڙهڻ جي ارادي ڪرڻ وقت، پر جي ڪنهن آيت مان ٿورڙو پڙهي ته ان پڙهندر تي غسل فرض ڪونهي.
(5) اهڙيءَ شيءِ کي هٿ لائڻ جي ارادي وقت، جنهن تي ڪا سڄي آيت لکيل هجي؛ پر شرط آهي ته اها آيت ٻئي ڪلام سان گڏيل نه هجي؛ پر جدا ڪپڙي سان ان کي ڇهڻ جائز آهي.
(6) اهڙيءَ شيءِ جي کڻڻ جو ارادو ڪرڻ جنهن ۾ قرآن جي سڄي آيت هجي، پر جدا غلاف سان ان جو کڻڻ جائز آهي.
(7) مسجد ۾ داخل ٿيڻ جو ارادو ڪرڻ.
(8) ڪعبي جي طواف جو ارادو ڪرڻ؛ ڇو نه مسجد کان ٻاهران ئي طواف ڪندو هجي.
هي اٺئي شيون جيڪي بيان ڪيم، جنبيءَ تي انهن کان ايستائين پاسو ڪرڻ فرض آهي، جيستائين غسل يا تيمم نه ڪري. هن جاءِ تي اهي اٺئي فرض پورا ٿيا. هاڻي غسل جا سبب ٻڌو.
غسل جا سبب
جن جي ڪري غسل فرض ٿئي ٿو. ڪتاب انهن جو تعداد ٻارنهن لکن ٿا.
(1) منيءَ جو نڪرڻ، جيڪا مرداني عضوي مان شهوت سان نڪري جيڪا شهوت ان وقت موجود هوندي، جنهن وقت پنهنجي جاءِ تان ڇڄي. سا ماڳهين جماع کان سواءِ نڪري.
(2) مرداڻي عضوي جو مٿو، جيڪو سلامت هجي وڍيل نه هجي. يا بنا نقصان جي اهو وڍيل هجي ان جو عورت جي اڳين توڙي پوئين واٽ يا بالغ انسان جي پوئين واٽ ۾ داخل ٿيڻ غسل جو سبب ٿيندو. جڏهن اهي شهوت پوري ڪرڻ جي جاءِ جو ڪم ڏئي سگهندا هجن، ۽ دخول ڪندڙ شخص بالغ هجي. ان کان انزال ٿئي يا نه ئي ٿئي هر صورت ۾ غسل واجب ٿيندو. جيڪڏهن وطيو ڪندڙ شخص بالغ ناهي يا اهو بالغ هجي پر ٻئي پاسي جيڪو شهوت وارو پاسو ناهي يا شهوت واري جڳهه تي داخل ٿيڻ وقت بالغ ٿيو ته انهن مڙني صورتن ۾ اهو حڪم آهي ته منيءَ نڪرڻ کان سواءِ غسل فرض ناهي.
(3) ذڪر جو مٿو داخل ٿيڻ يا ان جو ڪجهه حصو داخل ٿيڻ غير شهوت وارين ٻين واٽن مان ڪنهن هڪ ۾، جيئن مئل عورت يا مئل مڙس يا ڪو جانور يا ننڍي ڇوڪري جنهن سان جماع جڳائي نه ٿو، ۽ ان شخص کي ان مان انزال به ٿئي.
(4) سمهي اٿڻ وقت جسم يا گوڏ وغيره تي آلائڻ ڏسڻ ۾ اچي ته اهو به غسل جو سبب آهي. ان کي جيتوڻيڪ يقين هجي ته مني آهي يا مذي آهي يا شڪ هجيس ڪوبه پاسو غالب نه هجيس يا ان کي ننڊ وقت سهڻو ياد هجي.
(5) جسم يا گوڏ تي آلاڻ ڏسڻ ۾ اچي، پر سهڻو ان کي ياد ڪونهي. يا يقين ٿئس منيءَ يا مشڪوڪ شيءِ جو يا سهڻو ياد نه اچي، پر مذيءَ جو يقين هجي ته غسل فرض نه چئبو؛ حڪيم جي حڪم سان.
(6) ذڪر کي مني لڳل ڏسڻ ۾ اچي.
(7) مني ستي کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي. جيڪو ذڪر کان پوءِ مذيءَ کي ڏسي يا ستي جي ختم ٿيڻ وقت مذي جا ڦڙا ڏسڻ ۾ اچن. ته ان وقت ماڳهين غسل فرض ناهي.
(8) حيض جو ختم ٿيڻ آهي.
(9) نفاس ختم ٿيڻ آهي.
(10) عورت رت کان سواءِ ٻار ڄڻي ته اهو به غسل جو سبب آهي اهو امام اعظم غسل جو سبب چيو آهي. صاحبين وٽ اهو غسل جو سبب ناهي؛ پر عالمن جي امام صاحب جي قول تي فتويٰ آهي، اهو قول ٻين قولن کان صحيح آهي.
(11) اهڙيءَ عورت لاءِ هر نماز جو وقت غسل جو سبب آهي. جنهن پنهنجي عادت جا ڏينهن وساري ڇڏيا. پر اهڙيءَ جاءِ تي غسل جي فرضيت ڪن صورتن سان خاص آهي، جن جو تفصيل ڪتابن ۾ مذڪور آهي.
(12) غسل جو سبب آهي مٿيان سڀ يارنهن سبب جيڪي گذريا تن مان ڪوبه هڪ ڪنهن ڪافر کان اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ٿيو ۽ ان کان پوءِ اسلام آندائين ته ان تي اسلام آڻڻ کان پوءِ غسل فرص ٿيندو. ان تي فتويٰ آهي ڪتابن ۾ اهو ئي صحيح قول آهي.