فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5931) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638174   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل اٺون


استنجا جا فرض
هي سڀئي چار فرض آهن، جن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو.
(1) فرض جو بيان اهو آهي، ته پيشاب ڪرڻ پويان پنهنجي پاڪائي ڪري، ايستائين وضو درست نه چئبو جيستائين ڦڙن جي ٽمڻ کان تسلي نه ٿئي. ان طرح امداد الفتاح ۾ آهي.
(2) فرض اهو آهي ته استنجاءِ جي جڳهه، جتان ڦڙو ڪري ٿو، تنهن کي پٿر يا پاڪ پاڻيءَ سان پاڪ ڪرڻ فرض آهي. استجا توڙي پيشاب کان هجي يا پاخاني کان هجي.
(3) فرض اهو آهي ته جڏهن پاڪ پاڻيءَ سان استنجا ڪري ته ان جو اهو فرض آهي ته پاڻيءَ سان پليتيءَ جي بوءِ وڃائي، ان جڳهه جي بوءِ جنهن جو استنجا ڪري رهيو آهي، ۽ پڻ پنهنجي آڱرين جي جڏهن انهن سان استنجا ڪئي هجي؛ پر جيڪڏهن ماڻهو لاچار هجي، جو بوءِ ماڳهين وڃي ئي نه ٿي، ته ان هنڌ بوءِ وڃائڻ معاف آهي، ماڻهو انهيءَ مسئلي کان گهڻو غافل آهن، جيڪي سچا مؤمن آهن سي هيءُ هانءَ ۾ هنڍائن ان طرح ڪتاب اشباهه لکيو آهي.

(4) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن پليتي، جيڪا نڪرڻ جي جڳهه تان نڪتي آهي، سا ان جڳهه کان ٻاهر ٽپي آهي، جتان نڪتي آهي، سا جيڪڏهن درهم جي مقدار کان وڌيڪ ٻاهر طرف وڌيل آهي، ته اهڙي صورت ۾ فرض اهو ٿا چون، ته ان پليتيءَ کي پاڪ پاڻيءَ سان ڌوئي. جيڪڏهن اها پليتي، جيڪا ان جڳهه ۽ ماڳ کي لڳي آهي، سا پوري درهم جيتري آهي، ته ان جو ڌوئڻ واجب ٿا چون. جيڪڏهن درهم کان ٿوري آهي ته ان جو حڪم اهو آهي ته ان جو ڌوئڻ سنت آهي، ڪن عالمن چيو آهي ته ڌوئڻ مستحب آهي دين جا مسئلا ٻڌي دل ۾ سانڍجو.