فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5931) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638164   ڀيرا پڙهيو ويو

بسم الله الرحمٰن الرحيم


سڀ ساراهه سائينءَ جي، جنهن جهان جوڙيا. عرش، ڪرسي، ڌرتي ۽ آسمان پيدا ڪيائين. رسول الله ﷺ جن کي ڏات ۽ ڏاهپ سان فرقان (قرآن) ڏئي موڪليائين. سج ۽ چنڊ سان عالم کي روشن ڪيائين. انهن کي پوريون منزلون ۽ مڪان ڏنائين. بادشاهه، زمينون ۽ زمانا پيدا ڪيائين.
صلواتون ۽ سلام حضرت رحمان جا، حضرت رسول ﷺ جن مٿان هجن، جيڪو عالم جو امام آهي، جنهن عالم کي ايمان سان اچي آباد ڪيو. سبحان جي فضل سان اهل بيت ۽ اصحابن تي پڻ رسن، جن جان ۽ مال ڏئي اسلام کي اجاريو.
حمد ۽ صلوات پڄاڻان سٻاجهؤ! هيءُ ٻڌو ته مون هيءُ رسالو سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي، ته منجهانئس مؤمنن کي نفعو رسي. (جڏهن ته هيءُ اصل ۾) عربيءَ جو رسالو آهي. منجهس يارنهن سئو ٻاهٺ فرض مذڪور آهن. نالو اٿس ”فرائض الاسلام“. ان کي عربيءَ ۾ تصنيف ڪيو آهي مخدوم، عالم، عارف، متقي خاتم المحدثين و الفقهاء (محمد هاشم جيڪو) هنن لقبن جي لائق، فاضل ۽ وقت جو ڪامل، نعمان ثاني، هن ضعيف جو والد وڏي تقويٰ وارو آهي. رب ڌڻي بحر رحمت مان مٿس رحم ڪري. قرب ۽ شفاعت جا کيس بحرا ڏئي. سنڌي فرضن (جيڪي هن ڪتاب ۾ مذڪور آهن تن) جو نالو ”فرائض الاسلام سنڌي“ آهي (سڀ کان) پهريائين آءٌ سمورا ست فائدا لکان ٿو، جيڪي پڻ طالبن کي فائدو ڏيندا.
پهريون فائدو: اهو ته اسلام جا فرض ٻن قسمن جا آهن. هڪڙو قسم اعتقادي فرضن جو ٻيو علمي فرضن جو.
اسلام جي اعتقادي فرضن ۾ ٻه فرض آهن. هڪ اهو ڄاڻڻ ته هيءُ الله جو فرض آهي، ۽ ٻيو ان جو اعتقاد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ.
علمي فرض جيڪي آهن تن ۾ ٽي فرض آهن. هڪ: اهو ڄاڻڻ ته الله هي فرض ڪيا آهن، ٻيو: اعتقادي طور تي انهن کي قبول ڪرڻ. ٽيو: تن موافق جسم ۽ جان سان عمل ڪرڻ.
ٻيو فائدو: اهو آهي ته اسلام جا جيڪي فرض آهن، تن جو ڄاڻڻ ۽ معلوم ڪرڻ اهل ايمان مٿان فرض آهن. ان جو بيان اڳئين ڪلام ۾ گذريو. انهن کي حاصل ڪرڻ جي طلب ڇڏي ڏيڻ سان ماڻهو نافرمان ٿيندو. انهن ۾ غفلت ڪندڙ گنهگار ٿيندو.
عالمن فرضن جا ٽي قسم ڪيا آهن. هڪڙن کي شرط چئجي ۽ ٻين کي رڪن.
فرضن مان شرط انهن فرضن کي چئجي، جيڪي شيءِ کان ٻاهر الله فرض ڪيا آهن. جيڪي شيءِ کان اڳ ڪرڻ فرض آهن. جيئن: وضو، جاءِ جي پاڪائي، جسم جي پاڪائي ۽ ڪپڙن جي پاڪائي، جن کي شرع شريف نماز لاءِ شرط قرار ڏنو آهي.
رڪن انهن فرضن کي چئجي ٿو، جيڪي شيءِ جو حصو هجن جيئن: نماز ۾ رڪوع، قرائت، سجدا، قيام ۽ پويون قعدو، جن کي رڪن چوندا آهن. جنهن کان رڪن يا شرط هٿان ويو، تنهن کان نماز ويندي هلي. (معنيٰ سندس نماز ڪانه ٿيندي).
ٽيون قسم اهي فرض آهن، جيڪي نه رڪن چئجن نه شرط. جيئن: تجويد سان قرآن شريف پڙهڻ.
جيڪو هر نماز ۾ اکرن کي کاري، جنهن جي ڇڏڻ سان اهڙو ڦيرو نه اچي جو معنيٰ ڦري وڃي.
يا جيئن: رمضان جو روزو نماز لاءِ آهي ان کي ڇڏڻ سان نماز نه ڀڄندي. پر ان کي ڇڏيندڙ نماز ۾ هجي يا نماز کان ٻاهر، فرض جو تارڪ چئبو. الله وٽ انهيءَ سبب ڪري گهڻو گنهگار ٿيندو. پر جي نماز ۾ تجويد کي ڇڏي ڏيندو. جنهن سان معنيٰ ۾ ڦيرو اچي وڃي ته انهيءَ (صورت ۾) انهيءَ عارض جي سببان نماز ڀڄي پوندي. (يعني فرض ڇڏڻ جي ڪري نماز نه ڀڄندي عارض جي ڪري ڀڄندي.)
ٽيو فائدو: تن مان جيڪو آهي. سو دل ۾ هنڍائجانءِ، ته جيڪي عاجز سنڌيءَ ۾ فرض ٻڌايا آهن. سي ليکو ڪرڻ سان ٻارنهن سئو ٻاهٺ ٿيا. (اهو ان ڪري جو) ان ۾ آءٌ عربي رسالي جي پويان هليو آهيان. انهن ۾ اهي نه لکيا اٿم، جيڪي رسالي ۾ نه آهن، پر ڪن عالمن هڪ سئو ٽيهه فرض چيا آهن. انهن کي جدا ڪري لکيو اٿن. انهن ۾ اهي امر به شامل ڪيا اٿن، جيڪي فرض نه چئبا ۽ ڪيترا قطعي فرض ڇڏي ڏنا اٿن. کانئن سهو ٿي آهي. الله کين معاف ڪري.
چوٿون فائدو: تن مان ٻڌي ياد ڪج ته اسلام جا مڙئي فرض مسلمانن، عاقلن ۽ ٻانهن جي مٿان رب فرض ڪيا آهن. چرين، ڪافرن ۽ نابالغن تي اهي فرض نه چئبا. البت ڪافر مٿان فرض آهي ته اصل ايمان آڻي.
پنجون فائدو: انهن مان هن طرح ڄاڻج ته بعضي فرض رسالي ۾ مون اهڙا لکيا آهن، جيڪي شريعت جي اعتقادي ۽ عملي فرضن مان ڪلي فرض آهن. ان کان پوءِ انهن جون جزيون مون ٻيا فرض ڪري لکيون آهن، ته جيئن اهي چٽا ۽ واضح ٿين ۽ جنهن ۾ فائدو هجي، تنهن کي ورجائي آڻڻ کي تڪرار نه چئبو.
جيئن اعتقادي فرضن ۾ پهريائين لکيم ته منهنجو ڌڻي مڙني نقصانن کان پاڪ آهي، تنهن کان پوءِ لکيم ته جهل ۽ ظلم کان پاڪ آهي ۽ ڪوڙ ۽ عاجزيءَ ۽ ان جهڙين ٻين شين کان پاڪ آهي.
۽ جيئن عملي فرضن ۾ وضوءَ ۾ منهن ڌوئڻ فرض آهي. پوءِ لکيم گهاٽي ڏاڙهي ٻاهران ڌوئڻ ۽ ڇڊي ڏاڙهي اندران ۽ ٻاهران پسائڻ ۽ اهو هنڌ ڌوئڻ، جيڪو ڏاڙهي ۽ ڪنن جي وچ تي آهي، ۽ جيڪي ان جي مثال آهن، تن کي ڌوئڻ ۽ جيئن سڄي جسم جو غسل ۾ ڌوئڻ فرض آهي، تنهن کان پوءِ تفصيل جي طور غسل جي فرضن ۾ منڊي يا ٻانهن ۾ پاتل ڪا شيءِ، سوڙهي هئڻ جي صورت ۾، چورڻ، غسل جي فرضن جي تفصيل جي خيال کان لکيو اٿم.
ڇهون فائدو: اهو آهي ته جيڪي فرض لکيا اٿم، تن مان ڪي اهي آهن، جيڪي قران منجهان ثابت آهن، ڪي متواتر حديث سان قطعي پڻ آهن، ۽ ڪي مجتهدن جي روايتن ۾ ظاهر ٿيا آهن. جن جي ڇڏڻ جي صورت ۾ انهن نماز ڀڄڻ جو حڪم فرمايو آهي. پر هن رسالي ۾ جيڪي بيان ڪيا اٿم سي اهي آهن، جيڪي امام اعظم جي مذهب مطابق آهن. الله مٿن وڏي احسان سان رحمت ڪري.
ستون فائدو: اعتقادي فرض، مڙئي دائمي ٿيندا آهن. يعني بالغ ٿيڻ جي وقت کان مرڻ تائين فرض آهن ۽ عملي فرض سڀئي موقت ٿيندا آهن. يعني جن جو وقت مقرر هجي؛ هميشه نه هجن. فرض عملي وري ٻه قسم آهن. هڪڙا فرض عين ۽ ٻيا فرض ڪفايه. فرض عين ان کي چئجي، جيڪو سڀ ڪنهن تي فرض هجي ۽ فرض ڪفايه ان کي چئجي جيڪو مڙني مٿان نه هجي.
مومن موحد هاڻي تون سڀ ڪنهن فرض، اعتقاديءَ ۽ عمليءَ جو بيان ٻڌ، جنهن جو تون طالب آهين. پهريون باب اعتقادي فرضن جي باري ۾ ۽ ٻيو عملي فرضن جي باري ۾ آهي.

________

هِي = هيئين = هانوءَ. ٻارهَ سا ٻاهٺِ = ٻارنهن سئو ٻاهٺ. چوکا بيانا = چٽو بيان. ان پر = هن طرح. مونه = منهن. ڏاڙي = ڏاڙهي. گاٽري = گهاٽي. ٻهري پارا = ٻاهران. ڇٽڙي = ڇڊي. پساڻ = پسائڻ. منجهان ۽ ٻَهُرا = اندران ۽ ٻاهران. ماڳُ = هنڌ. سهکه لاءِ = سولائيءَ لاءِ. آڏِؤ = آڏو. مرڻ سيني = مرڻ تائين.