فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5930) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638117   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل ڏهون


مسافر جي نماز سان تعلق رکندڙ فرض

          شمار ۾ اهي نوَ فرض آهن.

  1. فرض انهن مان هو ٿا چون، ته مسافر جي قصر نماز لاءِ اهو فرض آهي، ته ان جو سفر ٽن ڏينهن جي پنڌ جيترو هجي، سال جي ننڍي ۾ ننڍن ڏينهن جي پنڌ جيترو، پر انهن ڏيهن ۾ هلڻ اهڙو معتبر آهي، جيڪو هلڻ عرف ۾ وچٿرو چئي سگهجي.
  2. فرض انهن مان اهو آهي، ته مسافر جي قصر لاءِ هيءُ فرض آهي، ته ان پنڌ جو قصد ڪري جنهن جو بيان ڪيم. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ پوري دنيا جو پنڌ ڇو نه ڪري ورتو هجي، پر جيڪڏهن ايتري مسافت جو سفر جو ارادو نه ڪيو هيس، ته ان صورت ۾ ان جي حق ۾ قصر درست نه چئبو.
  3. فرض مسافر لاءِ اهڙو ٿا چون، ته پورا پندرهن ڏينهن اقامت جي نيت نه ڪري، اهڙيءَ هنڌ تي جيڪو رهڻ جو هنڌ آهي جهڙوڪ: شهر يا ڳوٺ وغيره جتي رهڻ جو ماڳ هجي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ پندرهن ڏينهن جي رهڻ جي نيت ڪيائين، ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ انهيءَ نيت کان پوءِ قصر درست نه چئبو.
  4. فرض مسافر جي قصر لاءِ اهو آهي، ته ان ماڳ کان ٻاهر نڪري جنهن ۾ اقامت جي طور تي رهيل آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اقامت واريءَ جڳهه تي سفر جي نيت ڪيائين، پر ان مان اڃا نڪتو ناهي، ته اهڙي شخص لاءِ اهو درست نه ٿيندو ته جيستائين نڪري نه ٿو تيستائين ڪو قصر پڙهي.
  5. فرض مسافر جي قصر لاءِ اهو آهي، ته ٽن ڏينهن جو سفر پورو نه ڪرڻ کان اڳ اهو ارادو ۽ قصد ملتوي نه ڪري. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسافر ٽن ڏينهن جو سفر ڪرڻ کان اڳئي سفر جو ارادو ملتوي ڪيو، ته ان جو ارادو ملتوي ڪرڻ کان پوءِ قصر پڙهڻ درست نه چئبو. توڙي ارادو ملتوي ڪرڻ کان پوءِ اها نيت ڪري، ته ڪنهن ڳوٺ يا ڪنهن شهر ۾ رهان، جيڪي مسافر لاءِ اقامت جا هنڌ آهن يا پٽن ۽ بيابانن ۾ اقامت جي نيت ڪري يا اهڙن ٻين ماڳن تي رهڻ جي نيت ڪري، جيڪي مسافر لاءِ اقامت جا ماڳ ناهن يا اقامت جي توڙي ماڳهين نيت ئي نه ڪري.
  6. فرض مسافر جي قصر لاءِ هيءُ آهي، ته سفر جي جنهن شخص نيت ڪئي آهي، سو پنهنجي سفر ۾ مستقل هجي، ڪنهن جي تابع نه هجي. (تابع مان مراد آهي) جيڪو ٻئي جي پٺيان سفر ۾ لڳي هليو آهي. جيئن سپاهي سفر ۾ امير جو تابع هوندو آهي. يا زال مڙس سان به تابع چون ٿا. ٻانهو پنهنجي موليٰ جو تابع چئبو، شاگرد پنهنجي استاد جو تابع چئبو، تنهن ڪري تابع جي نيت معتبر نه چئبي. شريعت ۾ متبوع جي نيت معتبر آهي. ان مسئلي جو هن طرح بيان آهي، ته جيڪڏهن متبوع اقامت جي نيت ڪئي؛ پر تابع دل ۾ سفر جي نيت ڪئي، ته تابع کي هرگز قصر جائز نه چئبو. ان جي متبرع جي ان جي حق ۾ نيت معتبر آهي. پر هيءُ حڪم تڏهن آهي ڪتاب لکن ٿا، ته جڏهن تابع کي متبوع جي نيت معلوم ٿئي. ڇاڪاڻ ته جي متبوع اقامت جي نيت ڪئي، سفر جي نيت ڪرڻ کان پوءِ ائين ڪيائين؛ پر ان نيت جي تابع کي ڪا خبر ڪانه هئي، جنهن ڪري تابع نماز ۾ قصر ٿي ڪيو، ته ان صورت ۾ ان تابع جي نماز ايستائين درست چئبي جيستائين متبوع جي نيت معلوم ٿئيس. اصح قول ڪتابن لکيو آهي ته اهو آهي. ان طرح امداد الفتاح ۽ درمختار لکيو آهي.
  7. فرض مسافر لاءِ اهو آهي، ته چئن رڪعتن واري نماز ۾ ٻن رڪعتن کان پوءِ قاعدي جو طور ويهڻ فرض آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن مسافر اهڙي نماز پڙهي، جنهن ۾ مقيم تي چار رڪعتون فرض ٿيون، مسافر به اهڙيءَ نماز ۾ چار رڪعتون ٿو پڙهي، تڏهن جيڪڏهن اهو مسافر ٻن رڪعتن پويان ويٺو، قاعدي مان اٿي وري ٻه رڪعتون ٻيون به پڙهيائين، ته ان صورت ۾ ان جي نماز درست ٿي، پر اها نماز مڪروهه تحريمي چئبي. سلام جي تاخير جي ڪري ۽ فرض نماز سان نفل گڏجڻ جي سببان ان جي نماز مڪروهه ٿيندي پر جيڪڏهن اهو مسافر ٻن رڪعتن ۾ ماڳهين نه ويٺو ان طرح پنهنجي نماز آڻي پوري کڻي ڪيائين ته هن سبب ڪري ان جي اها نماز ڀڄي پوندي، ڇاڪاڻ ته اهو قاعدو ڇڏي ڏنائين جيڪو فرض آهي.
  8. فرض جو بيان اهو آهي، ته مقيم، جنهن مسافر جي پٺيان نماز نيتي، نماز چئن رڪعتن واري آهي، ته ان صورت ۾ اهو ٿا چون، ته مقيم تي پهريون ۽ ٻيون قاعدو ٻئي فرض آهن. ان ڪري جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ به ڇڏيائين، ڪنهن سبب جي ڪري، ته ان جي اها نماز ڀڄي پوندي. درمختار ۾ ان طرح مذڪور آهي.
  9. فرض اهو آهي ته مسافر، جنهن مقيم جي پٺيان نيت ڪري نماز جوٽي، چئن رڪعتن واري نماز ۾ اقتدا ڪيائين، ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي، ته چارئي رڪعتون پڙهي، انهن ۾ ڪابه ڪمي نه ڪري. ان جي حق ۾ چون ٿا ته ڪمي ڪرڻ ۽ قصر ڪرڻ روا ناهي. جيڪڏهن ان مسافر مقتدي مقيم جي پٺيان ٻن رڪعتن کان پوءِ نماز ختم ڪرڻ لاءِ سلام ورايو، ته مسافر جي اها نماز ڀڄي پوندي. ڪتاب لکن ٿا. پر جڏهن مسافر جي ان جهت کان نماز ڀڳي يا ڪنهن ٻئي سبب کان ان جي نماز ڀڳي، تڏهن پوريون ٻه رڪعتون ان کي قضا ڪرڻيون پونديون. ان کان مٿي ان تي لازم ڪونهي.