ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638163 ڀيرا پڙهيو ويو |
نماز جا ٻاهريان فرض
مؤمن موچارا ٻڌي ياد ڪجان ته ٻاهريان فرض مڙئي اٺ آهن. انهن جي قول مطابق، جن اهو چيو آهي ته تڪبير تحريمه شرط آهي. اها رڪن ناهي، امام اعظم کان منقول صحيح قول اهوئي آهي ۽ اهو ٻين قولن کان مشهور به آهي. هاڻي مؤمنو! ان جو تفصيل ٻڌو، ته ٻاهريان فرض جيتوڻيڪ اٺ آهن. پر اسان جي ڳاڻاٽي موجب، جيڪو اسان هن رسالي ۾ ڪيو آهي، ٽيانوي فرض ٿين ٿا، انهن جو بيان ٻڌو. سواءِ انهن فرضن جي جيڪي انهيءَ نوع جا آهن؛ پر انهن جو هن فصل کان اڳ بيان ٿيو آهي، جيڪو، گاڻاٽي موجب نائون فصل آهي. هاڻي مؤمنو! ٽيانوي فرضن جو بيان ٻڌو! انهن فرضن مان پنجاسي فرض، جن جو انهن سان تعلق آهي، سي مشهور آهن. هن فصل جي منڍ ۾ جيڪي ٽي فرض گذريا، سي جيڪڏهن هنن ٽيانوي فرضن سان گڏجن ته ليکي ۾ ڇهانوي فرض ٿي پوندا. هاڻي مؤمن انهن جو تفصيل هڪ ٻئي پويان ٻڌندو وڃ.
1- اٺن فرضن مان پهريون فرض آهي جسم پليتيءَ کان پاڪ ڪرڻ؛ پر ان پهرئين فرض ۾ پورا ٽي فرض آهن.
(1) انهن ٽن فرضن مان پهريون فرض سٻاجهو! ٻڌو: ته جسم کي حڪميءَ پليتيءَ کان پاڪ ڪري. وضو هجي توڙي جنابت، حيض هجي توڙي نفاس. جيڪڏهن ان صورت ۾ جسم مان تر جيترو مقدار به ڌوئڻ ۾ نه آيو ته اهو جسم بنهه پاڪ نه ٿيندو.
(2) ٻيو فرض ٽن فرضن مان آهي جسم کي حقيقي پليتيءَ کان پاڪ ڪرڻ؛ جيڪڏهن اها پليتي غليظ هجي. پر جيڪڏهن پليتي خفيف آهي، ته جيڪڏهن چوٿون ڀاڱو جسم جو يا ڪپڙي جو پليت ٿيو، ته ان چوٿين ڀاڱي جو ڌوئڻ فرض آهي.
(3) انهن مان ٽيون فرض سٻاجهڙؤ! اهو آهي ته نماز پڙهندڙ نماز جي حالت ۾ پنهنجي مٿان پليتي کڻندڙ نه هجي. توڙي اها پليتي جسم تي هجي يا جڳهه تي، ڪپڙي ۾ هجي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي. جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي طريقي سان نماز پڙهي ٿو جو ان جو مٿو پليت ڇت کي لڳي ٿو، پليت تنبوءَ کي مٿو لڳي يا اهڙو شيشو ان شخص کنيو، جنهن ۾ پيشاب آهي يا اهڙو شيشو کنيائين جنهن ۾ شراب آهي، ته ان صورت ۾ اهڙي شخص جي نماز درست نه چئبي.
2- اٺن ٻاهرين فرضن مان ٻيو فرض اهو آهي ته ڪپڙا پاڪ هجن.
3- اٺن فرضن مان آهي جڳهه جي پاڪائي، جنهن ۾ الله ڪارڻ نماز پڙهي ٿو. پر ڪپڙي يا جڳهه جي پاڪائي اهڙي پليتيءَ کان ضروري آهي. جنهن جو نالو آهي حقيقي پليتي. حقيقي پليتيءَ مان به جيڪڏهن غليظ پليتي درهم کان مٿي آهي، جيڪڏهن حفيف آهي ته چوٿين پتي نمازيءَ جي ڪپڙي جي نماز کان مانع آهي. اهو امام اعظم کان صحيح قول منقول آهي. امام محمد کان پڻ اهو ئي قول صحيح منقول آهي ۽ پڻ ڪيترائي فرض ستين فصل ۾ گذري چڪا آهن جيڪي جسم ۾ ڪپڙي جي پاڪائيءَ سان متعلق آهن. ۽ جيڪي جڳهه جي پاڪائيءَ سان متعلق پڻ آهن. پر سٻاجها تون گهڻي يقين سان ٻڌ ته جڳهه جي پاڪائيءَ جا چار فرض آهن.
(1) پهريون فرض آهي ان جڳهه جي، مانع پليتيءَ کان پاڪائي، جنهن ۾ سجدي وقت پيشاني رکجي.
(2) ٻيو فرض آهي ان جڳهه جي، مانع پليتيءَ کان پاڪائي، جتي نماز پڙهندڙ پير رکي. ان فرض تي پڻ عالمن جو اتفاق آهي؛ پر عالمن، جيڪي دين جا باني آهن، گوڏن رکڻ واريءَ جاءِ جي پاڪ هئڻ ۾ اختلاف رکيو آهي ۽ سجدي ۾ هٿن رکڻ واريءَ جاءِ ۾ اختلاف ڪيو آهي پر صحيح قول ڪتابن ۾ اهو ٿا چون ته مؤمن نمازي سجدي جي وقت گوڏا ۽ هٿ جنهن زمين تي رکي ٿو يا اهڙيءَ شيءِ تي رکي ٿو جنهن جو زمين وارو حڪم آهي ته انهن جڳهين جي پاڪائي پڻ فرض آهي. ان ڪري جيڪڏهن گوڏا ۽ هٿ اهڙيءَ جاءِ تي رکيائين جيڪا ايترو مقدار پليت آهي، جيترو مقدار نماز کان مانع آهي ته ان صورت ۾ نماز جائز نه ٿيندي. جيڪڏهن نمازيءَ سجدي ۾ گوڏا ۽ هٿڙا ماڳهين زمين تي نه رکيا ته انهن جي جاءِ جي پاڪائي پڻ فرض ناهي.
(3) فرض انهن مان آهي نمازيءَ جو اهو يقين ڪرڻ ته جسم پليتيءَ کان پاڪ آهي. حڪمي پليتي هجي يا حقيقي. پر ان کي جڳهه جي باري ۾ حقيقي پليتيءَ کان پاڪ هئڻ جو يقين هجي ۽ ڪپڙي جي باري ۾ به پاڪائيءَ جو يقين هجي، جنهن ۾ نماز پڙهي ٿو ته، اهو به حقيقي پليتيءَ کان پاڪ هجي. جيڪڏهن مؤمن مصليءَ کي غالب گمان هجي ته هيءُ ئي شيون پاڪ آهن ته اهو يقين ٿيو، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص اهڙي يقين سان نماز پڙهي يا اهڙي غالب گمان سان نماز پڙهي ته سندس ڪپڙو پليت آهي ته اها نماز شريعت جي حڪم موجب درست نه ٿيندي، توڙي پوءِ يقين ٿئيس ته پهريون يقين خطا هو. پر جي مؤمن مصلي نماز پڙهي؛ پر يقين ٿو ڀانئي يا غالب گمان ٿو رکي، ته نماز بنا وضوءَ جي ٿو پڙهان يا جنابت جي حالت ۾ ٿو پڙهان؛ پر پوءِ ظاهر ٿيس، ته وضوءَ سان پڙهي اٿم يا جنابت بنهه ڪانه هئي، ته اها نماز شرع جي حڪم موجب درست نه ٿي. ان طرح اشباهه ۾ مصنف لکيو آهي، سگهو پويون نوع هن جي پڄاڻي ٿيڻ کان پوءِ ايندو؛ انهن فرضن مان ڇهين فرض ۾، جيڪي اٺ فرض نماز جا پهريان آهن.
(4) چوٿون فرض اهو آهي ته جيڪڏهن اهڙو شخص ڪا اهڙي شئي نه ٿو لهي جنهن سان حقيقي پليتي لاهي، جيڪا جسم تي لڳي آهي يا ڪپڙي تي لڳي آهي، جيڪا نماز کان مانع مقدار جيتري آهي ۽ ٻيو ڪپڙو کيس ماڳهين ميسر ئي ڪونهي يا اها شيءِ کانئس بنهه گهڻو پري آهي ڪوهه جي مقدار جيتري يا ان کان به پري يا وٽس پاڪ پاڻي موجود هجي پر اهو پاڻي کپائڻ سان اڃ مرڻ جو خوف اٿس. يا اها شئي دشمن جي ڊپ کان لهي نه ٿو سگهي يا ڦاڙيندڙ جانور جي ڊپ کان نه ٿو لهي سگهي. يا ان شخص کي ايتري پئسي تي قدرت ڪانهي جيتري ۾ پاڻي وڪڻن ٿا، يا ان کي ڏول پاڻي ڪڍڻ لاءِ ميسر ناهي. يا ان جهڙو ڪو ٻيو سبب پاڻي نه لهڻ جو آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته هو نماز اهڙي وقت ۾ پڙهي ڇڏي، اهڙي مانع پليتيءَ سان جيڪا ماڳهين ڇڏي نه ٿي ته ان مڙس مٿان اها نماز موٽائڻ به لازم ڪانهي توڙي فارغ ٿيڻ کان پوءِ اها شيءِ ملي به وڃيس، جيڪا پليتيءَ کي لاهي ٿي ۽ ان کي محو ڪري ٿي ڇڏي، وقت اڃا هجي توڙي گذري ويو هجي. مٿي ان شخص جو حڪم گذريو جيڪو پليتي حڪميءَ کي لاهيندڙ ڪا شيءِ نه ٿو لهي، تيمم جي فصل جي آخر ۾ ان جو بيان ڪيو اٿم. ان کي اتي ڏسي وٺجو. ان کي فاقد الطهورين جو مسئلو چون ٿا. جيئن پاڪ ۽ پاڪ ڪندڙ پاڻي ماڳهين نه ٿو ملي ۽ پڻ اهڙي شيءِ به نه ملي جنهن سان تيمم ڪري سگهي. پر هيءُ ٽيو ۽ چوٿون فرض جيڪي مذڪور ٿيا، سي جيئن جاءِ جي پاڪائيءَ سان تعلق رکن ٿا تيئن جسم جي پاڪائيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ پڻ ڪپڙي جي پاڪائيءَ سان به انهن جو تعلق آهي ان ڪري ظاهر جي لحاظ کان اهي به فرض ٿيا، پر حقيقت ۾ اهي ڇهه فرض آهن، پر جڏهن اهي ڇهه فرص ٻن پهرين فرضن سان گڏياسين جيڪي مٿي گذريا، جاءِ جي پاڪائيءَ جي فرضن ۾ ۽ پڻ ٽي فرض اهي گڏياسين جيڪي جسم جي پاڪائيءَ جا گذريا ته اهي ڪل يارنهن فرض ٿيا.
4- اٺن ٻاهرين فرضن منجهان چوٿون فرض آهي، نماز ۾ اوگهڙ کي ڍڪڻ ۽ پڻ نماز کان ٻاهر اوگهڙ ڍڪڻ. پر انهن ٻنهي اوگهڙ جي ڍڪڻ وارن عملن ۾ وڏا فرق آهن. عالمن ڪتابن ۾ انهن جا تفصيل لکيا آهن؛ پر ان فرض سان تعلق رکندڙ ست فرض چون ٿا. انهن جو بيان ٻڌو.
(1) انهن فرضن مان پهريون فرض اهو آهي، ته اهو ڍڪيندڙ اهڙي صفت وارو هجي، جو ان مان اها جڳهه ڏسڻ ۾ نه اچي، جيڪا ان جي هيٺان ڍڪي وئي آهي. اهو ڍڪيندڙ توريءَ جي قسم جو هجي يا وڻ جي پنن يا مٽيءَ جي قسم جو هجي. جيڪڏهن ڍڪيندڙ اهڙو آهي. جنهن مان تنهن هيٺان ڍڪيل عضوا ڏسجن ٿا. جيئن سنهو ڪپڙو ڍڪيائين، جنهن ۾ ڪوبه ڍڪ ڪونهي يا جسم تي شيشو شوق مان ڍڪيائين يا صاف پاڻي ۾ وڃي بيٺو جنهن مان اوگهڙ ڏسجي ٿي پئي ته انهن مڙني صورتن ۾ نماز درست نه چئبي.
(2) ٻيو فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن اگهاڙو ماڻهو ڪپڙو ماڳهين ڪونه ٿو لهي، سواءِ اهڙي ڪپڙي جي، جنهن جو چوٿون حصو پاڪ آهي يا چوٿين حصي کان وڌيڪ پاڪ آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته اهو ڪپڙو ڍڪي نماز پڙهي؛ ان صورت ۾ اگهاڙو ٿي نماز پڙهڻ درست نه چئبي. جيڪڏهن اهڙو ڪپڙو نه ٿو لهي جيڪو چوٿائيءَ کان گهٽ پاڪ آهي ۽ ان جا پورا ٽي ڀاڱا پليت آهن، ته ان صورت ۾ نمازي مرضيءَ وارو آهي؛ جيڪڏهن ان ڪپڙي ۾ نماز پڙهي ته به جائز آهي؛ پر جي اگهاڙي حالت ۾ نماز پڙهي، ته اها به درست ٿي.
(1) فرض آهي ته جيڪڏهن ڪو پاڪ ڪپڙو ته لهي ٿو، پر اهو اوگهڙ جو ٿورو مقدار ڍڪي ٿو، ته ان تي اوگهڙ ڍڪڻ فرض آهي، ٿورڙو قدر ئي ڇو نه ڍڪي.
(2) فرض انهن مان اهو آهي، ته جيڪڏهن اهڙو ڪپڙو لهي ٿو جيڪو بنهه سنهڙو آهي، اڳ ۽ پٺ واري صرف اوگهڙ ڍڪجي سگهي ٿي، ته ان صورت ۾ انهن ٻن ماڳن جو ڍڪڻ پهريائين فرض آهي، جيڪڏهن انهن ٻن کان بچي ته پوءِ ٻي اوگهڙ ڍڪجي.
(3) فرض آهي ته جيڪڏهن نماز لاءِ ڪپڙو ناهي ته ان لاءِ ڪپڙو وٺڻ فرض آهي؛ پر ان صورت ۾ جڏهن مالڪ اهو ڪپڙو پوري ناڻي ۾ وڪڻن ٿا؛ پر جيڪڏهن قيمت جي حساب کان مالڪ مهانگي ٿو وڪڻي ته جيڪڏهن وٽس قيمت موجود ڪانهي ۽ مالڪ اهو مهانگو ٿو وڪڻي، قيمت ۾ گهڻو مهانگو ٿو وڪڻي، ته ان صورت ۾ اهو نماز اگهاڙو پڙهي، ان تي ڪپڙو وٺڻ فرض ڪونهي.
(4) فرض ڪتاب اهو ٿا لکن، ته جيڪڏهن نمازي اهڙي شيءِ نه ٿو لهي، جيڪا اوگهڙ ڍڪي، ته اهو شخص اگهاڙو نماز پڙهي؛ ان تي نماز موٽائڻ لازم به نه ٿا چون. ان طرح امداد الفتاح ۾ مذڪور آهي؛ توڙي نماز جي وقت ۾ نماز پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪپڙو ملي وڃي. اگهاڙي مٿان اهو مستحب آهي ته نماز ويهي اشارن سان پڙهي، پر اهو مؤمن تي واجب نه چئبو. تنهن ڪري جيڪڏهن بيٺي اشارن سان نماز ٿو پڙهي، رڪوع ۽ سجدي لاءِ اشارا ٿو ڪري يا بيهي رڪوع ۽ سجدي سان نماز ٿو پڙهي، ٻنهي صورتن ۾ ان جي نماز درست ٿيندي. الله جي حڪم سان.
(5) فرض هيءُ آهي، ته نمازيءَ جي اوگهڙ کلڻ ۽ ظاهر ٿيڻ نه گهرجي. اهي عضوا جيڪي، اوگهڙ ۾ شمار ٿين ٿا، انهن جي چوٿين پتيءَ جيتري اوگهڙ نه کلڻ گهرجي. جيڪڏهن اوگهڙ واري عضوي جي چوٿين پتي ظاهر ٿي پئي ۽ اهڙيءَ اوگهڙ سان رڪن جيترو وقت گذري ويو، يا ان جو ڪجهه حصو گذريو ته ان صورت ۾ نماز ڀڄي پوندي.
5- فرض اٺن ٻاهرين فرضن مان آهي قبلي سامهون ٿيڻ. ان سان تعلق رکندڙ ٻارنهن فرض آهن؛ بلڪه ليکي ۾ پندرهن فرض ٿين ٿا.
(1) پهريون فرض انهن مان اهو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو مڪي مبارڪ جو رهاڪو هجي، ڪعبي کي ڏسي ۽ مشاهدو ڪري ٿو يا مديني شريف جي رهندڙن منجهان آهي ۽ مسجد نبويءَ ۾ نماز ٿو پڙهي. جنهن جو قبلو وحيءَ سان ثابت آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون ته عين ڪعبي جي سامهون ٿي بيهي.
(2) فرض اهو آهي ته جيڪي ماڻهو مڪي جا رهاڪو آهن، پر نماز مهل ڪعبو ڏسن نه ٿا يا مديني جا رهاڪو آهن پر مسجد نبويءَ کان ٻاهر نماز ٿا پڙهن يا اهي ماڻهو ٻين جڳهين تي رهن ٿا، ته انهن جي حق ۾ فرض اهو آهي، ته ڪعبي جي طرف جي سامهون ٿي بيهن.
(3) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي قبلي جي طرف ۾ شڪ ٿي پيو آهي، ڪو ٻيو اهڙو به ڪونه ٿو مليس جنهن کان پڇي سگهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي، ته دل ۾ قبلي جي طرف جي باري ۾ سوچي، غالب گمان ۾ جنهن پاسي قبلو سمجهي، ان پاسي سامهون ٿي نماز ۾ بيهي؛ توڙي ماڳهين کانئس خطا ڇو نه ٿي وڃي (ته به سندس نماز درست ٿي ويندي) جيڪڏهن سوچي قبلي جو پاسو مقرر ڪري نماز پڙهيائين ۽ پڙهي فارغ ٿيو، ته سندس نماز درست ٿيندي؛ توڙي نماز کان پوءِ ڄاڻي وٺي ته خطا ٿي اٿم؛ ڀل ۾ قبلو وساري ويٺو آهيان، ته جيڪا نماز پڙهيائين سا نه موٽائيندو. جيڪڏهن ڪنهن شخص تي قبلي جي جهت مشڪوڪ ٿي پئي، ان کان پوءِ دل ۾ سوچيائين ۽ ڪنهن طرف ڏانهن سندس سوچ بيٺي، ان کان پوءِ جنهن پاسي ڏانهن سوچ بيٺي آهي، سو ڇڏي ٻئي پاسي نماز پڙهيائين، ته ان جي شريعت موجب نماز نه ٿيندي، توڙي قبلي جو ان طرف هئڻ معلوم ٿيس، ڪنهن طريقي سان يا نه ٿيس (يعني پوءِ توڙي معلوم ٿئيس ته ان طرف قبلو هو يا نه ٿئي) پڻ جيڪڏهن ڪنهن تي قبلي جو پاسو مشڪوڪ ٿيو ۽ ان باري ۾ سوچڻ کان سواءِ نماز پڙهيائين، ته ان جي نماز درست نه ٿيندي؛ پر جيڪڏهن فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻي ته قبلي ڏانهن مهڙ هئي، نماز قبلي ڏانهن منهن ڪري پڙهي اٿم، ته ان صورت ۾ ان نماز جو موٽائڻ فرض ناهي. ان تي عالمن جو اتفاق آهي. جيڪڏهن نمازيءَ وچ نماز ۾ ڄاتو ته قبلي جي بلڪل سامهون آهيان يا سامهون هئڻ يا نه هئڻ نه ڄاتائين، نه وچ نماز ۾ نه ان کان پوءِ، ته انهن مڙني صورتن ۾ نماز ناجائز ٿيندي، اها نماز موٽائي ورائي پڙهبي. جيڪڏهن ڪنهن تي قبلو مشڪوڪ نه ٿيو، ان ۾ کيس ڪوبه شڪ نه پيو، بنا فڪر جي اها نماز پڙهي ڇڏيائين، ته اها نماز شرع جي حڪم سان جائز ٿيندي، جيڪڏهن بنهه شڪ ناهي ته سوچڻ فرض ڪونهي. پر جيڪڏهن انهن صورتن ۾ وچ نماز ۾ ڄاتائين يا فارغ ٿي پوءِ ڄاتائين، ته قبلي ۾ ڀلجي ويو آهيان، ته ان تي نماز موٽائڻ واجب ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن شخص تي قبلو مشڪوڪ ٿي پيو ۽ دل ۾ ان باري ۾ سوچيائين؛ پر دل مان ڪنهن به پاسي لاءِ تسلي نه ٿي ته ان صورت ۾ نماز پورا چار ڀيرا پڙهي، هر پاسي هڪ ڀيرو نماز پڙهي. اڪثر عالمن جو اهو قول آهي. عالم گهڻو احتياط ان ۾ ٿا چون. ڪن دين جي باني عالمن چيو آهي ته اهڙو مؤمن مرضيءَ وارو آهي، هڪ ڀيرو نماز جنهن پاسي گهري پڙهي ڇڏي، ته اها نماز بنا دهرائڻ جي درست ٿي ويندي. ڪن عالمن چيو آهي ته نماز ۾ ايستائين تاخير ڪري جيستائين شڪ آهي پر هن کان اڳ جيڪو ذڪر گذريو، ته جڏهن شڪ شبهو ٿئي، ته فڪر ڪرڻ فرض آهي، سو سڀ تڏهن آهي، جڏهن اتي ان مهل ڪوبه اهڙو ڪونهي، جنهن کان قبلي جي باري ۾ پڇي وٺي.
(1) فرض هيءُ آهي، ته قبلو بنهه مشتبهه هجي، پر اتي جو ڪو ماڻهو اتي موجود آهي، جنهن کان قبلي جو طرف پڇي سگهجي، ته ان صورت ۾ ان مٿان اهو فرض آهي، ته ان ماڻهوءَ کان پڇي وٺي. ۽ پڇي اهو طرف معين ڪري؛ ان لاءِ سوچڻ ۽ غور ڪرڻ بنهه درست ناهي، جو دل ۾ سوچي قبلي جو طرف معين ڪري. جيڪڏهن موجود ماڻهوءَ کان قبلي جو طرف نه پڇيائين دل ۾ سوچي نماز پڙهيائين، ته اها نماز شريعت موجب درست نه ٿي؛ پر جيڪڏهن دل ۾ يقين جي طور تي ڄاتائين، ته ان جي نماز شريعت جي حڪم سان درست ٿي.
(2) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن نمازيءَ کي قبلي ۾ ڪن ڪن شهرن ۾ ڀل ٿئي ٿي؛ پر ان شهر ۾ محرابن کي سامهون ڏسي ٿو، ته ان شخص لاءِ اهو فرض آهي، ته محرابن جي تابع ٿي، انهن مطابق نماز پڙهي. ان صورت ۾ دل ۾ فڪر ڪري ان مطابق نماز پڙهڻ بنهه جائز ناهي. ان طرح ڪتاب لکن ٿا.
(3) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن اُڀ ۾ ڪو ڪڪر ۽ غبار نه آهي؛ پر مؤمن کي قبلي جو طرف سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ان لاءِ اهو ممڪن آهي، ته اڀ مان تارن جي ذريعي قبلي جو طرف معلوم ڪري، ته ان جي حق ۾ عالم فرض اهو ٿا چون، ته اهو تارن ذريعي قبلو پروڙي، ان مان جيڪو قبلي جو طرف معلوم ٿئي، تنهن طرف منهن ڪري نماز پڙهي؛ ان صورت ۾ سندس اها نماز درست ٿيندي.
(4) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن قبلي جي جهت بابت سوچ ۽ فڪر ڪيو، ان کان پوءِ ان طرف نماز پڙهيائين، ان کان پوءِ نماز ۾ مٿس ظاهر ٿيو، ته پاڻ غلط آهي ۽ کيس يقين ٿئي ته قبلو ٻئي طرف آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته وچ نماز ۾ قبلي ڏانهن ڦري وڃي، جيڪو مٿس يقين جي طور ظاهر ٿيو آهي.
(5) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن جانور تي فرض ٿو پڙهي، ڪنهن شرعي عذر سببان، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته سڄي نماز ۾ قبلي جي سامهون ٿئي. منڊ نماز کان آخر تائين.
(6) فرض آهي جانور کي قبلي طرف ڪري بيهارڻ، فرض نماز ۾ منڍ کان آخر تائين.
پر جيڪڏهن اهو نمازيءَ لاءِ ماڳهين ممڪن نه هجي ته سڄي نماز ۾ منڍ کان پڇاڙي تائين ائين ڪري يا ممڪن اٿس پر ڊڄي ٿو، ته ان طرح ساٿي نڪري ويندو. ماڳهين وري هٿ ئي نه ايندو. نقصان ٿيندو، ته ان تي جانور کي جهلي قبلي ڏانهن بيهارڻ فرض ناهي. اٺين ۽ نائين فرض کان هيءُ جدا آهن. پر فرض ان جي حق ۾ اهو ٿا چون ته ان پاسي مهڙ ڪري جنهن پاسي جانور جي مهڙ آهي ۽ جي نماز نفل يا سنت ٿو پڙهي ۽ ڪنهن جانور تي ادا ٿو ڪري، پڻ شهر کان ايترو پري آهي جيترو پري نڪرڻ تي مسافر تي قصر نماز پڙهڻ درست آهي، ته ان تي جانور کي جهلي بيهارڻ فرض ڪونهي، نه ئي ان تي قبلي ڏانهن بيهڻ فرض آهي، نه تڪبير تحريمه وقت نه پوءِ، توڙي ان وقت نمازيءَ کي عذر هجي يا بنا عذر جي ائين ٿو ڪري. ان نفل ۽ سنت پڙهندڙ تي هيءُ فرض چون ٿا، ته اها سنت ۽ نفل جانور جي طرف واري پاسي منهن ڪري پڙهي، جيڪڏهن سنت يا نفل ڪنهن شهر ۾ ٿو پڙهي يا ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ ٿو پڙهي؛ پر ڪنهن جانور تي ادا ٿو ڪري ته اهو نفل ۽ سنت ماڳهين درست نه ٿيندو. امام اعظم رحمت الله جو اهو قول آهي. مٿي هن کان اڳ جيڪو ذڪر ٿيو، ته جيڪو نمازي جانور تي فرض ٿو پڙهي، ان طرح ڪنهن عذر جي ڪري اها ٿو پڙهي. يا جانور تي فرض نماز ٿو پڙهي عذر سببان پڙهي يا بنا عذر جي پڙهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته منهن جانور جي طرف ڏانهن ڦيرائي. جنهن طرف جانور جو منهن آهي ان پاسي منهن ڪرڻ فرض آهي. ان طرف کان سواءِ نمازيءَ جي نماز درست ناهي. تنهن ڪري جيڪڏهن ان صورت ۾ نماز ۾ ڪنهن ٻئي پاسي منهن ڪري نماز ٿو پڙهي، جيڪا جانور جي طرف جي مخالف طرف ۾ آهي، ته اها نماز شريعت موجب درست ته چئبي. ان طرح بحرالرائق ۾ اهو مسئلو لکيل آهي؛ پر جي پوءِ ظاهر ٿيو نمازيءَ آڏو، ته قبلي جي سامهون هيس؛ پر دل ۾ اهو خيال نه آندو، ته اها نماز به ان صورت ۾ درست ٿي. ان طرح علامه عينيءَ لکيو آهي، جيڪو بخاريءَ جو شارح آهي.
(7) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن مؤمن ٻيڙيءَ ۾ نماز پڙهي ٿو، ته ان تي قبلي جي سامهون ٿيڻ فرض آهي، شروع وقت ۾ هجي يا ان کان پوءِ هجي، جتي ٻيڙي قبلي کان ڦري ٿي، اتي نمازيءَ تي قبلي ڏانهن ڦرڻ فرض آهي، ان ۾ نه اڻ ڄاڻائي ڪري نه دير ڪري، فرض پڙهي، سنت پڙهي يا نفل. جيئن ئي قبلي جي مهڙ کيس ميسر ٿئي، ته قبلي جي طرف سامهون ٿئي.
(8) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن اهڙيءَ نماز ۾ قبلي سامهون ٿيڻ ممڪن نه هجي، ڪنهن مرض يا دشمن جي سببان يا ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور جي سببان يا اهڙي ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته جيڪا جهت کيس ميسر ٿئي، تنهن ڏانهن منهن ڪري پڙهي. ٻيڙيءَ ۾ هجي جانور تي هجي يا زمين تي پڙهي.
(9) فرض آهي ته جيڪڏهن ڪو مؤمن ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ نماز ٿو پڙهي يا ڪنهن ٻي جڳهه تي ٿو پڙهي، پر جيڪڏهن رڪوع سجدي سان ٿو پڙهي ته اها نماز قبلي ڏانهن منهن ڪري پڙهڻ ماڳهين ممڪن ڪانهي. پر جيڪڏهن اها اشاري سان ٿو پڙهي ته قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو، ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي ته نماز قبلي ڏانهن منهن ڪري اشاري سان پڙهي. اهڙيءَ صورت ۾ رڪوع سجدو ڇڏي ڏئي. صحيح قول اهو آهي. ڪن عالمن الله رحمت ڪرين، فرمايو آهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي ته رڪوع سجدي سان بغير قبلي جي نماز پڙهي. پر عالم چون ٿا ته هيءُ قول ضعيف آهي، جيڪڏهن مؤمن ڪا نماز هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ پڙهن ٿا، جيڪا دريا ۾ هلي رهي آهي، ته انهن جي حق ۾ بيهي پڙهڻ فرض ناهي. ڪو عذر هجيس يا نه هجيس. اهو امام اعظم جو قول آهي. ڪتاب لکن ٿا، پر صاحبين جو قول اهو آهي ته اها نماز بيهي پڙهندو، ان کي ويهڻ نه گهرجي. ان جاءِ تي بيهڻ فرض آهي. پر جي بيهي نه ٿو سگهي ته ان صورت ۾ ويهي پڙهڻ ان لاءِ درست آهي. امام ابو يوسف ۽ امام محمد جو اهو قول آهي، جن کي عالم سونهارا صاحبين چون ٿا.
(10) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ٻيڙيءَ ۾ نماز ٿو پڙهي پر اها ٻيڙي هلندڙ ناهي، ڪنهن جڳهه تي ٻڌل آهي، پر اها ٻيڙي درياهه ڪنڌيءَ تي ٻڌل هجي ۽ ان جو ڪو پاسو زمين تي جھمي بيٺل به هجي ته اهڙي نماز ۾ فرض اهو آهي ته اها نماز مؤمن بيهي پڙهي. جيڪڏهن بيهي پڙهڻ جي قدرت جي هوندي ويهي پڙهيائين، ته ان جي نماز درست نه ٿيندي؛ پر اهڙيءَ صورت ۾ ماڳهين اهو فرض نه چئبو، ته ٻيڙيءَ کان ٻاهر نڪري نماز پڙهن. ان هنڌ ٻيڙيءَ مان نڪرڻ ماڳهين فرض ناهي. عالمن جو ان حڪم تي اتفاق آهي.
(11) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن اها ٻيڙيءَ درياهه ڪنڌيءَ تي ٻڌل هجي؛ پر ان جو ڪو به حصو زمين تي بيٺل ناهي. پاڻيءَ تي زمين کان پري بيٺي آهي ۽ ڪنڌيءَ تي نڪرڻ ۾ ڪوبه نقصان ڪونهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي، ته ٻيڙيءَ مان ٻاهر نڪري اچي ۽ ڪنڌيءَ تي اچي نماز پڙهي. اهو ئي صحيح قول آهي ۽ مختار به آهي. ايستائين جو ان ۾ نماز پڙهڻ درست ئي ڪانه ٿيندي. بيهي پڙهي يا ويهي پڙهي، پر ڪن عالمن، خدا رحمت ڪرين فرمايو آهي، ته انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ نماز پڙهڻ جو حڪم اهو ئي آهي، جيڪو ان ٻيڙيءَ جو حڪم آهي، جيڪا زمين تي بيٺل آهي، جنهن جو حڪم مٿي گذريو؛ پر ڪتاب لکن ٿا ته اهو ضعيف قول آهي.
(12) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ٻيڙي ڪنڌيءَ تي پاڻيءَ جي مٿان بيٺل آهي، ان جو ڪوبه حصو زمين سان لڳل ناهي؛ پر ٻيڙيءَ مان نڪرڻ ماڳهين وڏي مشڪل کان سواءِ ممڪن ڪونهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته نماز ٻيڙيءَ ۾ اندر ئي پڙهي، پر بيهي پڙهي، اها نماز ويهي بنهه نه پڙهي. ان ۾ عالمن جو بنهه اختلاف ڪونهي؛ پر جيڪا ٻيڙي وچ درياهه ۾ ٻڌل آهي، هوا جي سببان تمام گهڻو چري ٿي، ته ان ٻيڙيءَ جو حڪم اهو ٿا چون جيڪو درياهه ۾ هلندڙ ٻيڙيءَ جو آهي، جنهن جو حڪم مٿي گذريو. ان ۾ ويهي نماز پڙهڻ درست آهي، ڪو عذر هجيس توڙي نه هجيس. امام اعظم جو قول اهو آهي، صاحبين جي قول مطابق ان جو حڪم اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪو عذر ناهي ته بيهي پڙهڻ فرض آهي؛ پر عذر جي صورت ۾ ويهي پڙهڻ جائز آهي. جيڪڏهن ٻيڙي وچ درياهه ۾ ٻڌل بيٺي آهي؛ پر اها وچ ۾ چري ڪونه ٿي البته واءُ ٿورو گهڻو ان کي چوري ٿو، ته ان ٻيڙيءَ جو علماءَ حڪم اهو ٿا چون، جيڪو مٿي ڪنڌيءَ تي ٻڌل ٻيڙيءَ جو گذريو، جنهن مان نڪرڻ ممڪن نه ٿو هجي، ان ٻيڙيءَ ۾ بيٺي نماز درست آهي، بيهڻ جي قدرت سان، ويٺي درست ناهي. اهو مسئلو ڪتاب بحر ۾ آهي ۽ پڻ امداد الفتاح ۾ ۽ درمختار ۾.
6- فرض ٻاهرين فرضن مان جيڪو چون ٿا سو وقت آهي. ان سان چار ٻيا فرض متعلق آهن؛ انهن ٽن فرضن کان سواءِ جيڪي مٿي گذريا.
(1) انهن مان پهريون فرض اهو آهي، ته پنج نمازون ۽ جمعي جي نماز، پنهنجي وقت ۾ پڙهي وڃي. تنهن ڪري ٻن نمازن جو گڏ پڙهڻ درست نه ٿيندو، جو هڪ وقت ۾ ٻه نمازون گڏي پڙهي، پر چون ٿا ته حاجين کي اهو جائز آهي، ته اڳينءَ ۽ وچينءَ (عصر ۽ ظهر) کي حج واري ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ گڏي پڙهن. ان گڏي پڙهڻ جو نالو ”جمع تقديم“ آهي ان جو طريقو هيءُ آهي، ته وچين نماز وقت کان اڳ ۽ عرفات کان موٽڻ کان اڳي مزدلفي ۾ پڙهجي. سانجهيءَ ۽ سومهڻي جو وقت سومهڻيءَ مهل گڏي پڙهجي. اهو ڏهين ذوالحج جي رات جو ڪرڻ جو ڪم آهي، مزدلفي جي مقام تي، حاجين سونهارن لاءِ. ان جمع جو نالو آهي جمع تاخير. جنهن ۾ سانجهي نماز ۾ تاخير ٿي، پنهنجي وقت بجاءِ سومهڻيءَ جي وقت ۾ پڙهجي ٿي. اهو امام اعظم جو قول آهي.
(2) فرض اهو آهي، ته وقت جي داخل ٿيڻ جو يقيني علم ٿئي يا وقت داخل ٿيڻ جو غالب گمان ٿئي. تانته جي وقت جي دخول ۾ شڪ هجي، نه غالب گمان هجي، نه يقين، تنهن باوجود فرض ٿو پڙهي، ته ان صورت ۾ فرض درست نه ٿيندو؛ اهو موٽائي پڙهڻو پوندو. ڪتاب قاضي خان ۾ هن طرح مذڪور آهي، ته جڏهن پنجن نمازن مان ڪا نماز پڙهي ۽ سندس گمان ۾ غالب اهو هجي، ته وقت کان اڳي پڙهي اٿم. تنهن کان پوءِ ظاهر ٿيس، ته نماز پوري وقت تي پڙهي اٿم، ته ان جي اها نماز ماڳهين درست ڪانه ٿيندي بلڪه اهڙي شخص جي ايمان ۾ به خوف آهي. قاضي خان جي عبارت هتي پوري ٿي. پڻ شڪ مهل به نماز درست نه ٿيندي. جيڪڏهن وقت ۾ شڪ هجيس، تڏهن به نماز پڙهيائين، پوءِ ظاهر ٿيس، ته نماز جو وقت نماز جي ادا ڪرڻ کان اڳي داخل ٿي چڪو هو، ته ان صورت ۾ به نماز درست ڪانه ٿيندي. ان طرح شرنبلالي شرح وهباني ۾ فرمايو آهي. پڻ شرح منيه ۾ اهڙو بيان آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن کي پرهه ڦٽڻ ۾ شڪ پيو، ان شڪ هوندي ٻه رڪعتون سنت پڙهيائين، صبح جي مشهور ۽ معلوم سنت؛ پر شڪ باقي اٿس، ختم نه ٿيو اٿس، ته ٻه رڪعتون صبح جي سنت جون نه پڙهي. عالمن جو ان ڳالهه تي پورو اتفاق آهي. شرح منيه جي عبارت پوري ٿي يا اها سنت پڙهيائين، جيڪا جمعي جي نماز اڳيان آهي، پر ان کي سج جي زوال ۾ اڃا شڪ آهي ته ان صورت ۾ اها سنت درست نه ٿيندي.
(3) انهن مان فرض جيڪو آهي تنهن جو بيان هيءُ آهي ته نمازون، فرض هجن، واجب هجن، ادا هجن يا قضا هجن، وتر هجي، باس جي نماز هجي يا وقت ڪراهت کان مطلق باس هجي، ڪراهت جي وقت جو قيد نه لڳايائين، توڙي طواف پويان پڙهجندڙ ٻه رڪعتون هجن، توڙي تلاوت جو سجدو هجي؛ پر ان ۾ آيت اهڙي وقت پڙهيائين جو ٽن وقتن مان ڪو هڪ وقت هو، توڙي سجدو سهو جوئي هجي، ته اهو فرض آهي، ته اهڙن ٽن وقتن ۾ نه پڙهي، جن ۾ اهي شرع شريف ۾ منع ٿيل آهن. انهن ٽن وقتن مان هڪڙو وقت اهو ٿا چون، ته سج اڀري، جيستائين نيزي کي رسي. ٻيو زوال جي اڳ کان ظهر جي وقت تائين ٽيون وقت اهو آهي جنهن ۾ سج لهڻ کي ويجهو ٿيڻ وقت ڳاڙهو يا هيڊو ٿي وڃي. پر انهن نمازن کان ساڳئي ڏينهن جي وچين (عصر) نماز مستثنيٰ آهي. علماء لکن ٿا. وچين (عصر) جي نماز سج جي هيڊائيءَ توڙي ڳاڙهائيءَ وقت به پڙهڻ گهرجي. ان کي ڇڏڻ بنهه نه گهرجي. پر اهڙي نماز منافقن جي نماز آهي، جيڪا ايستائين بنا عذر جي دير ڪئي وڃي. البته جيڪڏهن وچينءَ نماز کان سواءِ ان وقت ڪا ٻي فرض نماز ٿو پڙهي يا ڪا واجب نماز ٿو پڙهي جن جو بيان ڪيم، ته اها نماز درست نه چئبي ۽ ذمي کان اصل نه لهندي. اهو فرض ۽ واجب ورائي پڙهڻو پوندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن کان ظهر جي ڪا نماز وئي هلي اها سج جي ڳاڙهائيءَ کان پوءِ قضا ڪيائين ان ڏينهن جي قضا ڪري توڙي ٻئي ڏينهن جي، ته ان تان قضا نه لهندي ورائي پڙهڻي پونديس. جيڪڏهن جنهن ماڻهوءَ کان نماز وئي آهي ان نماز شروع ڪئي. ڪامل وقت ۾ قضا ڪري رهيو آهي؛ پر ان قضا جي وچ ۾ انهن ٽن وقتن مان ڪو هڪ اچي ويو، ته ان صورت ۾ جيڪڏهن قضا ڪندڙ جي آخري قاعدي جي مقدار جيترو ويهڻ کان اڳ انهن ٽن وقتن مان ڪو وقت داخل ٿيو ته اها نماز ڀڄي پوندي، اها صحيح قضا نه ٿي. ان مسئلي تي عالمن جو اتفاق آهي. اهو امام اعظم ۽ امام ابو يوسف جو قول آهي ۽ امام محمد جو قول پڻ ان طرح آهي. پر جيڪڏهن تشهد جي مقدار جيترو ويهڻ کان پوءِ سلام کان اڳ انهن ٽن وقتن مان ڪو وقت داخل ٿيو ته امام اعظم وٽ ان جي نماز ڀڄي پوندي ۽ صاحبين چون ٿا ته نه ڀڳي.
(4) چوٿون فرض انهن مان مؤمن ٻڌو، پر اهو صبح جي نماز سان خاص آهي، ته صبح جي نماز ڪنهن اهڙي طريقي سان پڙهي، جو سج اڀرڻ سان وقت نڪري ويو، سلام ڏئي اڃا فارغ ئي نه ٿيو هو جو سج اڀريو ۽ وقت نڪري ويو يا اهو شخص وچ نماز ۾ آهي جو سج اڀري ويس، ته ان جي نماز ڀڄي پوندي صحيح نه ٿيندي. جمع نماز ۾ اهو فرض ٿا چون، ته جمعي جي نماز اڳينءَ يعني ظهر جي وقت ۾ پڙهجي. جيڪڏهن ظهر جو وقت جمعي نماز ۾ سلام کان اڳ نڪري ويو، ته اها نماز الله جي حڪم سان ڀڄي پئي. ۽ پڻ عيد نماز ۾ فرض اهو ٿا چون، ته اها اهڙي وقت ۾ پڙهجي جو نماز ۾ سلام کان اڳ زوال نه ٿي وڃي. جيڪڏهن عيد نماز اندر سلام کان اڳ زوال ٿي ويو، ته اها نماز ڀڄي پوندي؛ پر انهن ٽن نمازن کان سواءِ ٻيون نمازون، جيئن: وچينءَ جي نماز يا ٻي ڪا نماز آهي، ته اهي سندن وقت نڪرڻ سان بنهه نه ڀڄنديون. جيڪڏهن انهن نمازن جي وچ ۾ انهن جو وقت نڪري ويو، ته انهن جي نماز نه ڀڄندي. اها ادا چئبي. ۽ اها قضا به بنهه نه چئبي. ان طرح ڪتاب امداد الفتاح ۾ لکيل آهي ۽ پڻ ڪتاب تلويح ۾ ان طرح لکيل آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ ان طرح ذڪر آهي. مٿئين ڪلام ۾ ٽي ٻيا فرض به گذريا جيڪي وقتن جي مسئلي سان متعلق آهن. اهي نائين فصل جي منڍ ۾ بيان ڪيا اٿم. جنهن ۾ اهي فرض لکياسين جيڪي نماز سان متعلق هئا ان سان گڏ هي ٽي فرض ٻڌي ياد ڪجان! هڪ اهو، ته پنجن نمازن جي فرضيت اهڙن مڪلفن جي مٿان واجب آهي. جيڪي ملڪ بلغاريه کان سواءِ ٻين ملڪن جا رهواسي آهن ۽ پڻ پنج فرض بلغياريا وارن تي فرض آهن؛ پر اهڙن ڏينهن ۾ جيڪي گهڻو ننڍڙا نه هجن. ٻيو فرض اهو ته بلغاريه وارن جي مٿان اهڙن ڏينهن ۾ چار نمازون فرض آهن؛ جڏهن ڏينهن گهڻا ننڍڙا هجن، جن ڏينهن ۾ انهن کي سومهڻيءَ نماز جو وقت نه ٿو لڀي. ٽيون، نماز جمعي جي فرض آهي.
تنبيهه:
تنبيهه سونهاري، جيڪا مؤمنن کي ڪن ڏئي ٻڌڻ گهرجي، هن جڳهه تي ان جو بيان ڪريان ٿو، ته ٻانگ ۽ تڪبير ٻئي سنتون مؤڪده آهن. پر انهن ۾ پورا ٻه فرض آهن.
(1) فرض ٻانگ ۽ تڪبير ۾ اهو آهي، ته پنجن نمازن ۽ جمع جي نماز ۾ چوڻ وارو ٻانگو مسلمان هجي.
(2) فرض انهن مان اهو آهي، ته اهو ٻانگو عقل وارو هجي. ان ڪري ڪافر جي ٻانگ بنهه درست نه چئبي، ۽ پڻ تڪبير ڪافر جي صحيح نه چئبي، ۽ پڻ ٻانگ ۽ تڪبير پئي ”معتوهه“ طرفان به درست نه چئبيون، ۽ اهڙي ٻار کان به اهي ٻئي درست نه چئبيون، جنهن کي عقل ماڳهين نصيب ئي ڪونهي. شريعت ۾ ’معتوهه‘ ان کي چئبو آهي. جنهن جا ڪم ۽ ڳالهيون مخلوط هجن. ڪڏهن سياڻن سيبتن جهڙا ڪم ڪري ته ڪڏهن وري چرين جهڙا.
7- فرض نماز جي ٻاهرين فرضن منجهان هيءُ آهي، ته نماز جي نيت اڳ ۾ شروع ڪري اصل ۾ ته نيت دل جي معتبر آهي. پر نيت ۾ ايڪيهه فرض آهن.
(1) فرض انهن مان اهو آهي، ته نمازي جيڪو نماز پڙهي ٿو، سو اهو ڄاڻي، ته فرض نماز پڙهي رهيو آهيان. جيڪڏهن اهڙو نمازي ان کان جاهل هجي جو ڪنهن نماز جي فرضيت ئي نه ڄاڻي؛ پر سڀني فرضن کي پنهنجي وقتن تي پڙهي ٿو، ته ان جون اهي نمازون الله جي حڪم سان درست نه چئبيون.
(2) فرض انهن مان جيڪو آهي، تنهن جو بيان اهو آهي، ته جيڪڏهن ان صورت ۾ ڪيترائي ورهيه نمازون پڙهيون اٿس ته اهي سڀ جو سڀ قضا ڪري؛ سواءِ اهڙين نمازن جي جيڪي امام جي پٺيان پڙهيون اٿس؛ جن ۾ امام جي نيت جهڙي نيت ڪئي اٿس، ته اها قضا نه ڪندو، اها صحيح ٿي ويندي.
(3) فرض انهن مان آهي، ته جيڪڏهن ڪو شخص اهو ڄاڻي ٿو، ته ڪي نمازون فرض آهن، ته ڪي ماڳهين فرض ڪونهن، پر ان کي فرض ۽ نفل وچ ۾ تميز ڪرڻ جي سگهه ڪانهي، ته اهڙي ماڻهوءَ جي حق ۾ نيت اها فرض آهي، ته پنهنجي عمر ۾ جيڪا به نماز پڙهي، سا فرض نماز ڪري نيت ڪري. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن نماز ۾ فرض جي نيت نه ڪندو، ته سندس نماز بنهه ڪانه ٿيندي.
(4) فرض انهن مان اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪيترائي ورهيه اهي نمازون فرض جي نيت ڪرڻ کان بنا پڙهي ٿو، ته ان تي انهن نمازن جي قضا ڪرڻ فرض آهي. علماءِ چون ٿا ته انهن کي ورائي پڙهي. پر اها نماز بنهه قضا نه ڪندو جنهن ۾ ڪنهن امام جي پٺيان بيٺو هجي. جيڪڏهن ان ۾ اها نيت نه ڪري جيڪا امام جي نيت آهي. ان طرح هيءُ مسئلو ڪتاب لکن ٿا.
(5) فرض اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي اهو يقين هجي، ته سڀ نمازون فرض آهن يا ان جي غالب گمان ۾ اهو آهي، ته مڙئي نمازون فرض آهن، ڪابه نفل نماز ڪانهي، ته ان جي حق ۾ فرض اهو ٿا چون، ته هر فرض ۾ فرض جي نيت ڪري. جيڪڏهن ڪنهن نماز ۾ فرض جي نيت ڇڏي ڏنائين، ته اها نماز درست نه ٿي؛ پر جي اهو ڪنهن امام جي پٺيان لڳو، اهڙي نيت ڪيائين جهڙي امام جي آهي، ته اها نماز بنا شڪ جي درست چئبي.
(6) فرض اهو آهي، ته جيڪڏهن ڪو شخص فرض نماز کي فرض ۽ واجب کي واجب ڄاڻي ٿو ۽ سُنت کي سنت ڄاڻي ٿو؛ پر اهو نماز جا فرض ماڳهين ڪونه ٿو ڄاڻي، نماز ۾ جيڪي فرض آهن، انهن جي کيس ڪا خبر ئي ڪانهي، ته اهڙي ماڻهوءَ جي حق ۾ فرض اهو آهي، ته نماز ۾ جيڪي اندر فرض آهن، انهن کي ڄاڻي، پر جيڪڏهن اهي فرض نه ٿو ڄاڻي؛ پر نمازون پڙهي ٿو، علم کان بنا انهن کي ادا ڪري ٿو، ته ان نماز جي درست هئڻ ۾ اختلاف آهي؛ پر صحيح قول اهو آهي ته نماز درست آهي. ان طرح بحرالراق ۽ درمختار ۾ آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ ان جو بيان آهي. پر ان تي فرض ڇڏڻ جو گناهه رهجي ويندو. فرض جو ڄاڻڻ پڻ فرض آهي.
(7) ان کان پوءِ مؤمن کي ڄاڻڻ گهرجي ته هن کان اڳ جيڪو بيان گذريو اهو ڄاڻڻ جي فرضيت جي باري ۾، ته اسان تي سڀئي نمازون فرض ٿيون آهن. اهو ڄاڻڻ ان نيت کان ٻاهر آهي، جيڪا نيت نماز جي شرط طور فرض آهي. نيت جي معنيٰ اها ٿا چون، ته خاص الله لاءِ عبادت جو ارادو ڪجي، نمازي مؤمن کي اها نيت خالص بنائڻ گهرجي. توڙي اها عبادت نماز جو قسم هجي، توڙي نماز جو قسم نه ئي هجي. انهيءَ تي عالمن هيءُ مسئلا اڏيا آهن. انهن جو بيان دل جي ڪنن سان ٻڌو! ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي علم سان ڪفر کي ڄاڻي، ته اهو شخص ان سبب جي ڪري ڪافر نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن هڪ مدت کان پوءِ ڪفر جي نيت ڪيائين، ته اهڙيءَ نيت جي ڪري اهو ڪافر ٿي ويندو. ان طرح در مختار ۾ لکيل آهي. سڀڪو اها ڳالهه ورائي به ڄاڻي ڇڏي ته نماز فرض هجي، واجب هجي، سنت هجي، نفل هجي، جنازي جي نماز هجي، توڙي تلاوت جو سجدو هجي، توڙي شڪر جا سجدا هجن، سڀ ڪنهن عبادت ۾ نيت فرض آهي، ڪابه عبادت نيت کان سواءِ جائز ناهي، پر اسلام ۾ نيت فرض نه ٿا چون، جڏهن ڪافر ڪفر کان پوءِ اسلام ۾ آيو ۽ پڻ اهي عبادتون جيڪي وسيلو آهن، مقصود عبادتون ماڳهين ڪونهن، انهن ۾ نيت هرگز شرط ناهي. جهڙوڪ: وضو، غسل ۽ موزن جي مسح، ڦٽ مٿان ٻڌل ڪاٺين جي مسح، ڌڪ مٿان ٻڌل چپڙيءَ جي مسح، بانگ، تڪبير، اوگهڙ ڍڪڻ، پليتي پاڪ ڪرڻ، خفيف ڇو نه هجي يا اهڙي قسم جون ڪي ٻيون شيون، جيڪي پڻ وسيلي جي قسم جون آهن، تيمم ان کان مستثنيٰ آهي، ان ۾ نيت فرض آهي.
(8) فرض اهو آهي، ته فرض يا واجب نماز جو متعين ڪرڻ فرض آهي. جهڙوڪ: پنهنجي نمازن ۾ چوي ”ظهر جي نماز“، ”عصر جي نماز“ ۽ وتر کي پڻ نيت ۾ متعين ڪري ۽ پڻ عيدن جي نماز کي به متعين ڪري ۽ باس جي نماز ۾ به ائين ڪري. يعني نذر معين ڪري ۽ اهو نفل متعين ڪري، جنهن جي قضا واجب هئي، جيڪو نفل شروع ڪري ڀڄي وڌو اٿائين. پڻ تلاوت جي سجدي جو تعين ڪري ۽ اهڙين ٻين شين ۾ به فرض آهي، ته نيت سان انهن کي متعين ڪري.
(9) فرض تن مان اهو آهي، ته نيت خالص الله ڪارڻ ڪري. نيت ۾ اهو چوي، ته خالص الله لاءِ هن فرض کي سندس وقت ۾ پڙهان ٿو. جيڪڏهن فرضن ۾ ماڳهين اها نيت نه ڪيائين، ته خالص الله ڪارڻ ادا ڪيان ٿو، خالص الله ڪارڻ قضا ڪيان ٿو، ته اهو فرض نه ٿيندو اهو نفل ٿيندو. ان طرح خلاصه لکيو آهي ان اصل ڪتاب مان ان کي نقل ڪيو آهي، جنهن کي امام محمد رضي الله، امام اعظم جو مذهب بيان ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. پڻ ان طرح ڪتاب محيط لکيو آهي، جنهن کي ”محيط بُرهاني“ چون ٿا. پڻ فتاوي تاتارخانيه ۾ اهو مذڪور آهي. فتاوي پورانيءَ ۾ پڻ اهو مذڪور آهي ۽ شرح منيه ۾ پڻ اهو لکيل آهي، جيڪو ابن امير الحاج تصنيف ڪيو آهي، پڻ هيءُ مسئلو فتاوي قاضي خان ۾ به آهي. شرح وقايه جي گهڻو مشهور حاشيه ۾ پڻ اهو مسئلو آهي، جيڪو حاشيو شيخ الاسلام جو آهي ۽ پڻ خزانة المفتيين ۽ عالمگيريءَ توڙي ٻين ڪتابن ۾ به مذڪور آهي. عالمگيريءَ ۽ خزانه المفتيين ۾ آهي ته جيئن ڪابه فرض نماز، اهڙي نيت، ته خالص الله لاءِ پڙهان ٿو.“ کان سواءِ صحيح نه ٿيندي، تيئن واجب نماز ۾ پڻ اها نيت ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن واجب نماز ۾ اها نيت ڪري نه پڙهيائين، ته اها واجب نماز ڦري نفل ٿي ويندي. ان طرح اها نيت ٻن قسمن ۾ فرض ٿئي ٿي، واجب نماز ۽ فرض نماز ۾؛ پر ڪتاب درمختيار ۾ هن طرح لکيل آهي، ته فرض نماز ۽ سنت نماز ۾ اهڙي نيت ماڳهين فرض ڪانهي.
(10) فرض اهو آهي ته فرضن ۾ انهن جي فرضيت جي نيت رکڻ فرض آهي. ان طرح ڪتاب اشباهه لکيو آهي. ان ڪتاب نهايه مان ان کي نقل ڪيو آهي. غايت کان پڻ اهو نقل ڪيو اٿائين، جيڪي ٻئي هدايه جا شرح مشهور آهن. پڻ ان کي مجتبيٰ مان نقل ڪيو اٿائين، جيڪو قدوريءَ جو مشهور ۽ معلوم شرح آهي. پڻ مجتبيٰ ۾ اهڙي روايت آهي، ته ظهر نماز جي نيت ۽ عصر نماز جي نيت مؤمن کي نيت جي فرضيت کان ڪافي آهي؛ پر ڪتاب فتح القدير باب الوتر ۾ هن طرح لکيل آهي، ته جيڪڏهن نمازي نيت معين ڪري فرض نمازن ۾، ته اڳين نماز يا وچين نماز ادا ٿو ڪريان، ته اهڙي معين نيت ڪافي آهي، اهڙي وقت ۾ فرضيت جي نيت جو بنهه احتياج ڪونهي. پر جي نمازي ڪو جاهل ۽ اٻوجهه هجي اڳئين ۽ وچين نماز جي فرضيت نه ٿو ڄاڻي، ته ان صورت ۾ صرف اڳئينءَ ۽ وچينءَ جي نيت ڪافي ناهي. فتح القدير جي عبارت پوري ٿي. پڻ ڪن عالمن، جيڪي دين جا باني آهن، تن چيو آهي، ته پنجن فرضن ۾ اهو فرض ڄاڻج، ته نيت ۾ هن طرح لفظ چئي ته اڄوڪي ڏينهن جي اڳين نماز پڙهان ٿو يا اها نماز ٿو پڙهان جيڪا هن وقت کان اڳئين وقت جي آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن جي وچين نماز پڙهان ٿو يا وچين نماز هن وقت واري پڙهان ٿو. ان طرح ادا ۽ قضا نماز ۾ فرق ٿي ويندو، پر ڪتابن ۾ وڌيڪ صحيح قول اهو ٿا چون، ته اهڙي نيت بنهه فرض ڪانهي. وقت جو اچڻ ادا جو دليل آهي. فتح القدير ۾ هيءُ مسئلو انهيءَ طرح آهي ۽ پڻ ان طرح درمختار ۾ لکيل آهي. ان ڪري صاحب اشباهه فرمايو آهي، ته ادا ۽ قضا جي نيت بنهه شرط ڪانهي؛ پر جي نمازي مؤمن وقت گذرڻ کان پوءِ غالب گمان ۾ نيت ڪري، ته اڳين يا وچين هن وقت جي پڙهان ٿو، ته اها نماز هرگز درست نه ٿيندي. ان صورت ۾ اهڙي نيت ڪم نه ايندي، صحيح قول علماءَ لکن ٿا، ته اهو آهي. هي مسئلو فتح القدير ۾ لکيل آهي ۽ پڻ درمختار ۾ اهو واقع ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن مؤمن نمازيءَ کي شڪ پيو آهي، ته هن نماز جو وقت ويو يا اڃا آهي پر هن کان اڳ ۾ نيت ڪري، ته هن وقت جي وچينءَ جو قصد ڪيو اٿس، ان صورت ۾ جيئن ئي اهو شڪ ويس ته اها نماز درست ۽ صحيح ٿيندي، پر جيڪڏهن پوءِ ظاهر ٿيو ته وقت کان پوءِ پڙهيم؛ پر ان نيت سان پڙهيائين جيڪا ذڪر ٿي، ته اها نماز درست نه ٿيندي. صحيح قول اهو آهي ۽ صواب جي قريب آهي. ان طرح شرح منيه ۾ واقع ٿيو آهي. جيڪا ابن امير الحاج تصنيف ڪئي آهي.
(11) فرض سنت ۽ نفل ۾ اهو آهي، ته ٻن امرن مان هڪ امر انهن ۾ فرض آهي. يا ته نفل يا سنت جو تعين ڪري يا شروع وقت متعلق نيت ڪري، بنا ڪنهن قيد جي اهو چئي، ته نماز جي نيت ڪريان ٿو. پر هيءُ ڳالهه بنهه فرض ڪانهي ته اهو تعين ڪري ته سنت مؤڪده ٿو پڙهان يا سنت مستحبه. اهو تعين پڻ فرض نه چئبو، ته سنت فجر جي ٿو پڙهان يا ظهر جي ٿو پڙهان. اهو قصد پڻ فرض ڪونهي، ته اڳين سنت ٿو پڙهان يا پوئين. سنت ۽ نفل ان صورت ۾ به درست ٿي ويندا جڏهن ماڳهين تن جي مخالف نيت ڪري جيئن انهن ۾ ظهر جي فرض جي نيت ڪري؛ پر اها نيت اڳئينءَ جو فرض پڙهڻ کان پوءِ ڪري يا سنت نفلن ۾ عشاء جي نيت ٿو ڪري. پر اها عشاء جي فرض کان پوءِ جيڪو صحيح پڙهي چڪو هجي، ته ان صورت ۾ پويون نفل مخالف نتيجي باوجود صحيح ٿيس. يا وري نيت ڪري فرض آخر ظهر جي، جمعي جي ڏينهن فرض کان پوءِ، اهو فرض آخر ظهر، شڪ جي سببان ٿو پڙهي، جيڪو کيس جمعي جي نماز ۾ پيو، ته ان صورت ۾ جيڪڏهن نماز جمعي جي درست ٿي ۽ ان مٿان اڳين نماز جي قضا واجب ڪانهي ته اها آخر ظهر خالص نفل ٿي ويندي. پر جيڪڏهن اها جمعي جي نماز ماڳهين ٿيس ئي ڪانه، ته اها نماز اڳينءَ جو فرض ٿي ويندي. جيڪڏهن جمعي جي نماز ته درست ٿيس پر مٿس ڪا قضا رهيل هئي، ته اها نماز اها رهيل نماز ٿي ويندي. يعني اها آخر ظهر انهيءَ قضا جي جاءِ تي ٿي ويندي، جيڪا کانئس قضا ٿيل آهي. اهڙي جاءِ تي ائين ٿيندو، جتي جمعي جي نماز بنا شڪ شبهي جي درست آهي، پر جي ان آخر ظهر مان سندس نيت اها آهي، ته جمعي نماز کان پوءِ ظهر جي سنت ٿو پڙهان يا وچينءَ جي سنت ٿو پڙهان، ته اها سنت جمعي جي سنت ٿي ويندي. توڙي نيت مخالف سان ڇو نه پڙهي، ان طرح عالم سونهارا فرمائن ٿا.
(12) فرض انهن مان جيڪو آهي، تنهن جو بيان هيءُ آهي، ته نيت ۾ اهو فرض آهي، ته تڪبير تحريمه کان پوءِ اها نيت نه ڪري. جيڪڏهن ڪنهن تڪبير تحريمه کان پوءِ نماز جي نيت ڪئي، ته اها نماز درست نه ٿي. اها نماز الله جي حڪم سان ورائي پڙهي. صحيح قول ۽ ظاهر مذهب اهو آهي. اها فرض نماز هجي توڙي نفل. تحريمه کان پوءِ نيت ۾ گهڻي تاخير ڪري توڙي ٿوري.
(13) فرض جنازي نماز ۾ آهي ته نماز رب لاءِ ۽ دعا ميت لاءِ جي نيت ڪري.
(14) فرض ان مقتديٰ لاءِ آهي، جيڪو نماز امام جي پٺيان ٿو پڙهي، ته اهو اقتدا جي نيت ڪري. هيءُ انهن فرضن کان وڌيڪ آهي، جيڪي مٿي گذريا. مقتديءَ لاءِ تعين جي نيت ڪافي ناهي، جيئن نماز پڙهڻ وقت فرض جو تعين ڪري. ظهر جي نيت ڪري يا عصر جي نيت ڪري ۽ پڻ مقتديءَ لاءِ سنت جي نيت ڪرڻ به ڪافي ناهي، نه ئي ان کي نفل جي نيت ڪافي آهي، نه ڪي سنت ۽ نفل ۾ ان لاءِ مطلق نيت ئي ڪافي آهي. جيڪڏهن اهي نمازون امام جي پٺيان ٿو پڙهي. انهن ۾ سهڻي اقتدا ٿو ڪري ته بنانيت اقتداء جي اها نماز صحيح ناهي، توڙي ان نماز ۾ اقتدا ٿو ڪري جنهن ۾ رڪوع ۽ سجدو آهي. توڙي جنازي نماز ٿو پڙهي. امام جي پٺيان، توڙي سجدي تلاوت جي اقتدا ڪري. پر مفتاح الصلواة ۾ ان طرح مذڪور آهي، جنهن کي بحرالرائق کان نقل ڪيو اٿس ته جنازي نماز ۾ امام جي پٺيان نماز پڙهندڙ لاءِ اقتدا جي نيت جي حاجت ڪانهي. پر مفتاح جو هيءُ قول صحيح قولن جي قسم مان ناهي. پڻ اهو مسئلو بحرالرائق ۾ به ڳولي ڏٺو جنهن ۾ اهو مون کي نه لڌو. پر ان تيرهين فرض مان ٻه ماڳ مستثنيٰ آهن، هڪڙي جمعي جي نماز ۽ ٻي عيد جي نماز. انهن ۾ اقتدا جي نيت فرض ناهي. جيئن ته جمعي جي نماز ۽ عيد جي نماز امام کان سواءِ درست ئي ڪونه ٿئي، اهي امام جي ئي پٺيان پڙهبيون آهن. اڪيلي اهي پڙهبيون ئي ناهن. شرح منيه ۾ اهڙو بيان آهي ته استثناءَ جو قول ان جو مختار آهي ۽ پڻ ذخيري واري اهو قول آندو آهي. قاضي خان پڻ ان کي آندو آهي.
(15) فرض انهن مان اهو آهي، ته نماز جي نيت يقين سان ڪري. فرض نماز هجي توڙي نفل. ان ڪري جيڪو شخص نماز جي نيت ۾ شڪ ڪري اهڙي قسم جي شڪ سان نماز جي نيت ڪري، ته ظهر جو فرض يا نفل يا سنت ٿو پڙهان، نيت وقت انهن مان ڪنهن جو تعين نه ڪري، ته ان صورت ۾ اها نماز هرگز صحيح نه ٿيندي. نه فرض ادا ٿيندو نه نفل، بحرالرائق ۾ ان طرح مذڪور آهي.
(16) فرض انهن مان اهو آهي ته نيت ۽ تڪبير تحريمه وچ ۾ ڪو ڌاريون فاصلو نه اچڻ گهرجي. جيئن کائڻ، پيئڻ، ڳالهائڻ، وچ ۾ ڪنهن شيءَ جو کڻڻ، ڪنهن شيءَ جو وڪڻڻ، يا اهڙيون ٻيون شيون وچ ۾ نه اچن. جيڪڏهن اهڙيون شيون نيت ۽ تحريمه جي وچ تي اچي ويون، ته اها نيت معتبر نه ٿيندي، اها نماز موٽائڻي پوندي. پر ان فرض کان ٻه شيون مستثنيٰ آهن هڪ وضو ڪرڻ ۽ ٻيو مسجد ڏانهن هلڻ. جي اهي ٻه شيون نيت ۽ تحريمه جي وچ ۾ پيدا ٿيون يا انهن شين مان ڪا هڪ پيدا ٿي، ته اهو فاصلو اجنبي نه چئبو. ان ڪري انهن ٻن کان اڳ ڪيل نيت معتبر چئبي، ان طرح بحرالرائق ۾ مذڪور آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ ان جو ذڪر آهي.
(17) فرض مقتديءَ جي نيت ۾ اهو آهي ته مقتدي امام جي مخالفت نه ڪري. نيت ڪري، نماز جو جڏهن تعين ڪري، ته ان ۾ امام جي مخالفت نه ڪري. جيڪڏهن امام اڄوڪي ظهر جي ادا ڪرڻ جي نيت ڪئي ۽ ان امام جي پٺيان مقتديءَ اقتدا ڪندي ظهر جي قضا جي نيت ڪئي، جيڪا کانئس اڳئين ڏينهن رهجي وئي يا امام نيت ڪئي ظهر جي ۽ مقتديءَ ان جي اقتدا ۾ يقين سان وچينءَ نماز جي نيت ڪري ڇڏي ته انهن ٻنهي صورتن ۾ علماءَ چون ٿا ته اها مقتديءَ جي نماز درست نه ٿي. تنهن ڪري امام قاضي خان پنهنجي فتويٰ ۾ اهڙو ڪلام فرمايو آهي ۽ پڻ فتاوي خلاصي ۾ اهڙي روايت آهي، ته جيڪڏهن امام ڪو فرض ٿو پڙهي يا وتر يا نفل ٿو پڙهي، تراويحن کان سواءِ ٻيا جيڪي نفل آهن ۽ مقتديءَ ان جي پٺيان اها نيت ڪئي ته تراويحون ٿو پڙهان، اقتدا جي طريقي تي، ته انهن مسئلن ۾ عالمن جو اختلاف آهي، پر پڙهي پروڙڻ کان پوءِ اصح قول هيءُ ٿيو، ته اهڙي مقتديءَ جون تراويحون درست نه ٿيون. سندس اهڙي اقتدا صحيح نه ٿي. قاضي خان جي ۽ خلاصي جي عبارت پوري ٿي. پر ان اصح قول مطابق مقتديءَ جي نماز ٻيو نفل چئبي تراويحون نه ٿيندي. ان طرح ڪتاب جواهر الفتاوي لکيو آهي ۽ ٻين ڪتابن پڻ لکيو آهي.
(18) فرض اهو آهي، ته امام مٿان اها نيت ڪرڻ فرض آهي، ته جيڪي منهنجي پٺيان نماز پڙهن ٿا آءٌ تن جو امام آهيان. ۽ اهي منهنجي پٺيان اقتدا جي طور تي نماز پڙهن ٿا. ان صورت ۾ جيڪڏهن امام پنهنجي پُٺيان بيٺل زالن جي نيت نه ڪري، ته زالن جي نماز ماڳهين صحيح نه ٿيندي. امام ڪا عيد يا جمعي جي نماز ٿو پڙهي، سندس پٺيان انهن نمازن مان ڪا نماز زالون پڙهي رهيون آهن، ته ان صورت ۾ زالن جي امامت جي نيت ڪرڻ فرض آهي. ڪن اهڙي وقت ۾ زالن جي امامت جي نيت فرض فرمائي آهي ۽ ڪن عالمن فرمايو آهي، الله رحمت ڪرين، ته اها نيت فرض بنهه ناهي؛ پر گهڻن عالمن جو پهريون قول آهي، جيڪو قولن مان صحيح پڻ آهي. ان طرح بحرالرائق ۾ بيان آهي. جيڪڏهن امام امامت وقت نيت ڪئي، ته فلاڻيءَ جو امام آهيان، جيڪا ڪا مخصوص زال آهي، پر امام جي اقتدا ڪنهن ٻيءَ عورت ڪئي، ته ان ٻي عورت جي نماز بنهه درست نه ٿيندي. امامت معين جي نيت جو اهو اثر آهي. ۽ پڻ هيءُ مسئلو دل سان ٻڌو، ته جي ڪنهن امام مڙني زالن جي امامت جي نيت ڪئي؛ پر فلاڻي عورت کان سواءِ، ته ان فلاڻيءَ جو آءٌ امام ناهيان، ته ان مسئلي جو حڪم اهو ٿا چون ته ان فلاڻيءَ جي ان امام جي پٺيان نماز درست نه ٿيندي.
(19) فرض اقتدا جي نيت جو فرض آهي ته اصل نماز ۾ يقين ڪري. ان ڪري جيڪڏهن ڪو امام جي پٺيان اچي پهتو، جڏهن امام التحيات يا دعا پڙهي رهيو آهي پر ان کي خبر ڪانهي ته ڪهڙو قاعدو آهي پهريون آهي يا پويون، پر ان مقتديءَ نيت ڪئي ته جي هيءُ پهريون قاعدو آهي امام جو ته هن امام جي پٺيان لڳس. پر جي پويون قاعدو آهي، ته هن جي پٺيان بنهه ناهيان، ته ان صورت ۾ اهڙي اقتدا درست نه چئبي. ان جي نماز صحيح نه ٿيندي، پڻ جي ڪنهن امام کي امامت ڪندي ڏٺو، پر شڪ پيس ته ڪهڙي نماز آهي، جيڪا هيءُ پڙهي رهيو آهي، سومهڻيءَ جو فرض آهي؟ يا تراويحون آهن. ان صورت ۾ مقتدي ان امام پٺيان نيت ڪئي، ته جيڪڏهن نماز سومهڻي ادا ٿو ڪري، ته سندس مقتدي آهيان سندس پٺيان ٿيس؛ پر جيڪڏهن امام تراويحون ٿو پڙهي ته منهنجي سندس پٺيان اقتدا ڪانهي، ته ان صورت ۾ ان مقتديءَ جي نماز ماڳهين صحيح نه ٿيندي نه تراويحن جي نماز نه عشاء جي نماز؛ پر جيڪڏهن ان مقتدي يقين جي طور تي پڪ سان اصل نماز جي نيت ڪئي. پر ان نماز جي وصف ۾ کيس شڪ رهيو، جنهن ڪري اهڙي اقتدا وقت نيت ڪيائين، ته جيڪڏهن هن امام مون کي عشاء پڙهائي، ته عشاء ۾ سندس اقتدا ڪيم؛ پر جي امام تراويحون ٿو پڙهي، ته تراويحن جي نيت ڪيم، ته ان صورت ۾ جڏهن اهو ظاهر ٿيو ته امام سومهڻي ٿي پڙهي، ته مقتدي جي نماز سومهڻيءَ جي درست ٿي. جيڪڏهن اهو ظاهر ٿيو، ته تراويحون ٿي پڙهيائين، ته مقتدي جون تراويحون ٿينديون. جيڪڏهن ڪو امام کي قعدي جي وقت اچي مليو، جنهن پنجن فرضن مان ڪو فرض ٿي پڙهيو، ان جي پٺيان نيت ڪيائين، ته جيڪڏهن امام جو قاعدو پهريون آهي، ته سندس پٺيان لڳس، هن ئي فرض ۾؛ پر جي امام پوئين قاعدي ۾ آهي، ته سندس پٺيان نفل جي نيت سان بيٺس، ته اهڙيءَ صورت ۾ سندس اهو فرض درست نه ٿيندو. بلڪه اهو نفل ٿي ويندو. ان طرح خلاصه ۾ اهو لکيل آهي ۽ امداد الفتاح ۾ پڻ اها ڳالهه لکيل آهي. هيءُ مسئلو پڻ ٻڌو، جيڪو گهڻو عجيب آهي، ته قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ جي نيت ڪنهن تي به بنهه فرض ڪانهي؛ پر مؤمن تي اهو فرض آهي ته قبلي کان منهن ڦيرڻ جي نيت پڻ بنهه نه ڪري. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو مؤمن يمن جي طرف کان قبلي ڏانهن منهن ٿو ڪري، پر نيت اها ٿو ڪري ته نماز بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري ٿو پڙهان، ته شرع جي حڪم مطابق اها نماز صحيح نه ٿي. ان طرح شرح منيه ۾ ذڪر ٿيو آهي.
(20) فرض اهو آهي، ته قبلي کان پاسو نه ڪرڻ جي نيت ڪري جنهن جو اڳئين ڪلام ۾ بيان ڪيم.
(21) فرض نيت جي فرضن مان آهي مقتديءَ جي حق ۾، ته جڏهن ڪنهن نمازيءَ تي تڪبير تحريمه کان پوءِ اهو گمان غالب ٿيو، ته امام جي تڪبير کان اڳي تڪبير چئي اٿم، ته ان صوت ۾ فرض اهو آهي، ته تڪبير تحريمه ورائي چئي. توڙي پهرين نيت بحال ئي رکي. پر هن فرض جو تڪبير تحريمه جي فرضن سان گڏ ذڪر ڪرڻ وڌيڪ مناسب آهي، تنهن ڪري هن کان پٺيان ئي تحريمه جي فرضن ۾ هن فرض جو ذڪر ڪندس، پر ان کي ڳاڻيٽي ۾ شامل ڪونه ڪندس.
(22) فرض اهو آهي، ته نمازي نيت وقت هڪ ئي نيت ۾ گڏ، ٻه فرض نمازون يا ٻه واجب نمازون شامل نه ڪري. جيڪڏهن ٻه نمازون فرض يا ٻه نمازون واجب گڏ نيت ڪيائين، ته ان مسئلي جي جواب ۾ وڏو تفصيل آهي، ته يا انهن ٻن مان ڪو هڪ غالب هجي، ته ان صورت ۾ نيت غالب طرف بابت ٿي ويندي. جيئن هڪ اها نماز نيتيائين، جيڪا نمازيءَ کان نڪري وئي آهي، جنهن جو وقت نڪري ويو آهي ۽ ٻي ان ۾ وقتي نماز جي نيت ڪيائين، اهڙي نيت وچينءَ جي وقت ۾ ڪيائين ته نيت ڪيم ظهر جي جيڪا مون کان نڪري وئي آهي ۽ پڻ ان سان گڏ هيءَ وچين نماز جي نيت ٿو ڪريان، ته انهن ٻن نماز ۾ فائت نماز غالب آهي، ۽ ان جي نيت معتبر ٿي ويندي. پر هيءُ حڪم تڏهن آهي، جڏهن نمازي صاحب ترتيب هجي ۽ وچين نماز جو وقت وسيع هجي، جنهن ۾ وچينءَ ۽ اڳينءَ جو پڙهڻ ممڪن هجي. پر جيڪڏهن ان کان گهڻيون نمازون ويون آهن، جنهن ڪري اهڙي نمازيءَ کان ترتيب لهي وئي آهي يا وچينءَ جو وقت تمام سوڙهو آهي، جنهن ۾ نماز هڪڙي جو امڪان آهي، ان ۾ ٻه نمازون بنهه نه ماپنديون ته انهن ٻنهي صورتن ۾ هيءُ حڪم آهي ته جي اڳين ۽ وچين هڪ نيت ۾ گڏيائين، ته ان صورت ۾ وچينءَ جي نماز درست ٿي ۽ اها نماز وئي جا صحيح نه هئي. وقت جي سببان وقتي نماز غالب آهي. ويل نماز کان وقتي نمازن کي قوت آهي، پر جي هڪ نيت ۾ اهڙي طريقي سان نيت ڪيائين ته ”پڙهان ٿو هيءُ فرض نماز ۽ هيءَ جنازي جي نماز“ هن نيت ۾ ٻه نمازون گڏ ٿو ڪري ته ان صورت ۾ فرض نماز صحيح ٿيندي، اهو فرض جنازي نماز کان غالب آهي. ان جي قوت فرض کان مٿي ڪانهي. پر جيڪڏهن ڪو شخص پوريون ٻه فوت ٿيل نمازون هڪ نيت ۾ گڏ ٿو نيتي، پر اهي وقتي وقت ۾ قضا نه ٿو ڪري جيئن سج اڀرڻ ۽ زوال وقت ظهر ۽ عصر جي قضا جي نيت ٿو ڪري؛ پر مٿس قضا نمازن جي ترتيب نه رهي آهي، ته ان صورت ۾ اڳين نماز سندس درست ٿيندي. ان جي وچين نماز شريعت جي حڪم موجب صحيح نه ٿيندي. پهرين ويل نماز پوئينءَ ويل تي غالب آهي؛ پر جيڪڏهن ويل نمازن جي ترتيب مٿانئس لٿل آهي، کانئس گهڻيون نمازون قضا ٿي ويون آهن، اهي غير وقت وقتيءَ ۾ قضا ٿو ڪري، تڏهن اها نماز نه اڳين ٿيندي نه وچين. ان طرح بحر ۽ امداد الفتاح ۾ آهي ۽ پڻ ٻين ڪتابن ۾ اهو ذڪر آهي، پر جي ڪو نمازي شخص ٻن سنت مؤڪد نمازن جي گڏ نيت ٿو ڪري يا ٻن مستحب نمازن جي نيت ٿو ڪري يا هڪڙي سنت ۽ ٻي نفل هجي. پوئين قسم جو مثال اهو ٿا چون جيئن اڳينءَ جي سنت ۽ نماز تسبيح کي هڪ نيت ۾ جمع ڪري ٿو، ته انهن ٽن صورتن ۾ ٻن نمازن مان اها نماز صحيح آهي جيڪا نيت ۾ گڏيائين، پر جي فرض نماز ۽ نفل نماز کي هڪ نيت ۾ گڏيائين، ته اها نماز فرض ٿي ويندي، ان جو نفل صحيح نه ٿيندو، اهو قول امام ابو يوسف جو آهي. جڏهن ته امام محمد چيو آهي، ته اها نه نفل چئبي نه فرض چئبي. پر هيءَ صورت ان حڪم کان مستثنيٰ آهي. جيڪڏهن نمازي جنازي جي نماز نيتي ٿو ۽ ان سان گڏ هڪ ئي نيت ۾ نفل جي نماز نيتي ٿو، ته اهڙيءَ صورت ۾ حڪم هيءُ آهي، ته اها نماز نفل ٿيندي، شريعت جي حڪم سان. جنازي جي نماز بنهه درست نه ٿيندي، ان مسئلي تي عالمن جو اجماع آهي، ان طرح بحرالرائق ۾ مذڪور آهي ۽ امداد الفتاح به ان طرح لکيو آهي.
8- فرض ٻاهرين فرضن مان آهي تڪبير تحريمه، جنهن سان پڙهڻ وقت نماز شروع ڪجي. ان کان سواءِ نماز ۾ هرگز داخل نه ٿجي. پر ان تڪبير ۾ عالمن جو اختلاف آهي ته اها شروع جي تڪبير (تڪبير افتتاح) شرط جي قسم مان آهي يا نماز جو رڪن آهي. پر صحيح قول عالم اهو ٿا چون ته تڪبير تحريمه شريعت ۾ شرط آهي. جيئن هن ڪلام کان اڳ ۾ لکي چڪو آهيان. پر هيءُ اختلاف ان تڪبير ۾ آهي جيڪا انهن نمازن جي تحريم آهي، جيڪي جنازي نماز کان سواءِ آهن. جنازي نماز ۾ هيءَ تڪبير رڪن چئبي. مڙني ڀلارن علمائن جو قول اهو آهي. هاڻي تڪبير جا فرض ٻڌو! جيڪي ليکي شماري ۾ ستاويهه آهن. انهن مان سترهن فرضن ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي. جڏهن ته انهن مان ڏهن فرضن ۾ عالمن جو اختلاف آهي.
(1) فرض انهن مان اهو ٿا چون ته تڪبير ۾ اهڙا لفظ چوڻ فرض آهي جن ۾ رب جي خالص تعظيم موجود هجي.
(2) فرض اهو آهي ته اها تڪبير ”مرڪب تام“ جي قسم مان هجي. اهو جملو متبدا خبر مان مرڪب هجي يا فعل ۽ فاعل مان مرڪب هجي. پهرئين قسم جو مثال: الله اڪبر، الله اجل، الله اعظم، الرحمان اڪبر، الرحمان اجل، الرحمان ڪبيرا ۽ ٻئي قسم جو مثال آهي ’جل الله‘ ڪبرالله ۽ تبارڪ الله. جيڪڏهن جملو ان طرح نه هوندو. جيئن نماز صرف لفظ الله سان شروع ڪيائين يا ماڳهين اڪبر سان شروع ڪيائين، ته ان نماز جو شروع ڪرڻ درست نه ٿيندو. هيءُ پويون قول امام اعظم جو قول آهي، عربيءَ ۾ جنهن کي ظاهر روايت چون ٿا. ان طرح بحرالرائق ۾ مذڪور آهي. پڻ هيءُ قول مختار ۽ پسند ڪيل آهي. درمختار ۾ ان طرح بيان آهي. جيڪڏهن مقتدي نماز جي شروع وقت امام جي پٺيان الله جو لفظ چوي. يا امام سان گڏ چوي پر اڪبر امام کان اڳ چيائين يا مقتدي امام کي رڪوع وقت پهتو ان امام جي پٺيان الله چيائين، اهو نالو بيهڻ وقت چيائين، پر اڪبر رڪوع ۾ اندر چيائين ته مقتديءَ جي اها نماز بنهه صحيح نه ٿيندي، ان طرح ڪتاب درمختار لکيو آهي. پر لفظ ”الله اڪبر“ جو خاص واجب آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن نماز جي شروعات وقت لفظ الله اجل جو تڪبير تحريمه طور چيو يا الرحمٰن اڪبر، چيو ته اهڙي نماز جو اهو شروع صحيح آهي؛ پر اهڙي نماز مڪروهه تحريمي ٿيندي، الله اڪبر جو لفظ ڇڏڻ جي ڪري.
(3) فرض انهن مان اهو آهي ته تڪبير ۾ خالص ذڪر شامل هئڻ گهرجي. ان ۾ دعا وغيره جو مفهوم شامل نه ڪيل هجي. نه ته نماز ماڳهين شروع ڪانه چئبي. جيڪڏهن تڪبير وقت اللهم اغفرلي وغيره جهڙا لفظ چيائين، يا اهڙو ڪو ٻيو لفظ چيائين، ۽ ان کي تڪبير جي عيوض چيائين ته اها نماز هرگز درست نه چئبي.
(4) فرض جيڪو انهن مان آهي تنهن جو بيان هيءُ آهي، ته اهو ذڪر لفظ بسـم الله يا سڄي بسم الله نه هجي. جيڪڏهن ڪو نمازي شخص نماز شروع ڪرڻ وقت بسم الله سونهاري چوندو ته سندس نماز ماڳهين صحيح نه ٿيندي. اهو صحيح ۽ پسند ڪيل قول آهي.
(5) فرض تن مان اهو آهي ته تڪبير تحريمه وقت اهو قصد ڪري ته هيءَ نماز خالص الله لاءِ شروع ٿو ڪريان. جيڪڏهن انهيءَ تڪبير سان تعجب يا ڇڪ جي جواب جو ارادو ڪيائين يا ان مان ٻانگ جي متابعت ڪرڻ سندس ارادو آهي ته ان سان نماز ۾ شروع صحيح نه ٿيو. پر جيڪڏهن ڪو مقتدي مرد رڪوع وقت امام کي پهتو پهرين تڪبير مان رڪوع جي تڪبير جي نيت ڪيائين ان ۾ ٻي ڪابه نيت ماڳهين نه ڪيائين ته اها تڪبير جيڪا رڪوع جي ڪري پڙهي وئي سا پهرين تڪبير لاءِ ڪافي آهي. اهڙيءَ تڪبير سان نماز جو شروع صحيح ٿيو.
(6) فرض اهڙي شخص جي باري ۾ آهي جيڪو تڪبير تحريمه پڙهڻ جي ماڳهين سگهه ئي نه ٿو رکي جيئن گونگو يا اهو ماڻهو جيڪو ماڳهين قرآن پڙهڻ ئي نه ڄاڻي، ته اهو پنهنجي زبان ۽ پنهنجي چپن کي چوري. اهو قول صحيح ۽ درست آهي، ڪتابن موجب مفتيٰ به قول آهي. ان طرح ڪتاب اشباهه ۾ واقع ٿيو آهي ۽ پڻ درمختار ۾ انهيءَ لکيو آهي ته گونگي ۽ اميءَ تي نماز ۾ قرآن پڙهڻ وقت چپ ۽ زبان چورڻ فرض ناهي. ان تي اهو ڪتاب لکن ٿا ته فرض ناهي اهو قول ٻين قولن کان صحيح آهي.
(7) فرض اهو آهي ته تڪبير تحريمه قيام ۾ چوڻ گهرجي. يا اهڙي وقت چوڻ گهرجي جڏهن ماڻهو رڪوع کان بيهڻ کي وڌيڪ ويجهو هجي. جيڪڏهن نمازي شروع وقت لفظ الله بيهڻ وقت ۽ اڪبر رڪوع جي حالت ۾ چئي يا قيام جي ڀيٽ ۾ رڪوع کي ويجهي هئڻ وقت چئي يا الله جو ڪجهه حصو قيام جي حالت ۾ ۽ ڪجهه اهڙي وقت ٿو چئي جڏهن قيام کي رڪوع کان ويجهو هو، پر ڪجهه ٻيو رڪوع ۾ اندر وڃي چيائين پڻ اڪبر اهڙي طريقي سان چيائين جو ڪجهه حصو ۽ لفظ اڪبر رڪوع جي ويجهي حالت ۾ چائين ته انهن مڙني صورتن ۾ حڪم اهو آهي ته اهڙي نمازيءَ جو شروع صحيح نه ٿيو. پر هيءُ ستون فرض انهن نمازن ۾ آهي، جن کي بيٺي شروع ٿو ڪري.
(8) فرض اهو آهي ته تڪبير تحريمه قعود ۾ چوڻ گهرجي، ان صورت ۾ جڏهن ويهڻ کي قيام جو حڪم هجي. پر هيءُ اٺون فرض انهن نمازن ۾ آهي، جيڪي ويهي شروع ڪري ٿو، ۽ انهن ۾ ويهڻ جائز هجي. جيڪڏهن ڪو مؤمن شروع وقت ويٺي لفظ الله جو چوي يا ان جو ڪجهه حصو چوي ۽ اڪبر يا الله جو ڪجهه حصو رڪوع جي حد کي پهچڻ وقت وڃي چئي ته انهن مڙني صورتن ۾ علماء چون ته نماز جو شروع صحيح نه ٿيو. اها نماز ورائي درست ڪري پڙهڻي پوندي. هنن اٺن فرضن تي عالمن جو اتفاق آهي پر ڪن عالمن 9 ٻيا فرض چيا آهن. جن ۾ عالمن جا وڏا اختلاف ٿا چون. ڪن چيو آهي ته اهي تڪبير جا فرض آهن، پر وڌيڪ صحيح قول ڪتابن ۾ اهو ٿا چون ته اهي نو ماڳهين فرض ئي ناهن. هاڻي اهي نو ئي فرض بيان ڪيان ٿو ٻڌي انهن کي اي مؤمن ياد رکج.
(9) فرض، پر نون فرضن مان پهريون فرض، جنهن لاءِ چون ٿا ته پنجن نمازن ۾ فرض آهي، جيڪي پنهنجي وقتن ۾ ادا ٿيون ڪجن ته اها تڪبير تحريمه ان وقت چوي جڏهن نماز جو وقت داخل ٿئي. جيڪڏهن تڪبير تحريمه وقت کان اڳي چئي ٿو ۽ باقي نماز وقت اندر ٿو پڙهي ته اها نماز ماڳهين درست نه ٿيندي.
(10) فرض هيءُ امر آهي ته نمازي اهو يقين جي طور ڄاڻي ته جيڪا نماز پڙهان ٿو تنهن جو وقت داخل ٿي چڪو آهي ۽ اهو تحريم جي وقت ڄاڻي جيڪا تحريم پنجن وقتن لاءِ ٿو چوي جن کي وقتن جي اندر ٿو پڙهي.
(11) فرض اهو آهي ته جسم پاڪ هجي حقيقي پليتيءَ کان، اها غليظ هجي توڙي خفيف، پر اها حقيقي پليتي ايتري مقدار ۾ هجي جيڪا نماز جي درستيءَ لاءِ مانع هجي. پر اهڙي پاڪائي تحريم جي وقت هئڻ گهرجي.
(12) فرض اهو آهي ته تڪبير تحريمه وقت جسم حڪمي پليتيءَ کان پاڪ هجي. حدث اصغر هجي توڙي اڪبر، بي وضو هئڻ حدث اصغر آهي، حدث اڪبر ان کي چئبو جنهن تي غسل واجب آهن.
(13) فرض اهو آهي ته ان پليتيءَ کان ڪپڙا پاڪ رکجن، جنهن کي ماڻهو حقيقي پليتي چون ٿا. توڙي اها غليظ هجي توڙي خفيف، جيڪا پليتي ايتري مقدار جي هجي جيڪا نماز کان مانع آهي. اها پاڪائي پڻ تحريم جي وقت هئڻ گهرجي.
(14) فرض اهو آهي ته نماز جي جاءِ پاڪ هجي. جتي مؤمن نماز پڙهي ٿو. اها جاءِ حقيقي پليتيءَ کان پاڪ هجي، پر اها پليتي مانع مقدار جيتري هجي. اها پاڪائي به تحريم جي وقت هئڻ گهرجي.
(15) فرض اهو آهي ته تحريم وقت قبلي جي سامهون هئڻ گهرجي.
(16) فرض اهو آهي ته تحريم وقت نمازيءَ کي اوگهڙ ڍڪڻ گهرجي. جيڪا اوگهڙ نماز کان مانع هجي.
(17) فرض اهو آهي ته نمازي تڪبير تحريمه وقت قدر مانع جيتري پليتي کڻندڙ نه هجي. توڙي اها نماز جي جاءِ تي هجي توڙي ڪپڙي تي يا ڪنهن ٻي شيءِ تي هجي. ان طرح شرنبلالي شرح منظومي ۾ نو فرض پڌرا ڪيا ۽ ٻين ڪتابن پڻ اهي نو فرض آندا آهن. ان قول مطابق انهن ڳالهين مان جيڪڏهن ڪا رهجي وئي، ته ان قول مطابق اها نماز صحيح نه ٿيندي. پر شرح منيهَ المصلي ۾ آهي، جنهن کي ماڻهو ننڍو شرح چون ٿا ته هيءُ سونهارا نو فرض جيڪي بيان ٿيا، جن کي نائين فرض کان شروع ڪيم، انهن جي سترهين فرض تي پڄاڻي ٿئي ٿي، اهي نو فرض فرض آهن. انهن عالمن جي قول مطابق جيڪي تڪبير تحريم کي رڪن مڃين ٿا شرط نه. پر جن عالمن فرمايو آهي ته تڪبير تحريم شرط آهي؛ رڪن ناهي؛ تن مطابق انهن نون فرضن مان ڪو هڪ به ڪنهن نمازيءَ تي تحريم وقت فرض ناهي. اهو قول وڌيڪ صحيح آهي. ان ڪري جيڪڏهن اهي فرض نمازيءَ ۾ موجود نه ٿيا، اهي نوَ ئي مذڪوره فرض تحريم وقت ظاهر نه هيا پر اهو سڀ فارغ ٿيڻ کان پوءِ لڌو تحريم کان فارع ٿيڻ کان پوءِ اهي مڙئي فرض ظاهر ٿيا، ته ان نمازي جي نماز درست ٿي. ان قول مطابق ان ۾ ڪوبه فساد ڪونهيءَ فتويٰ ان تي آهي.
(18) هاڻي وري تحريم جا جيڪي ٻيا فرض آهن. جن تي عالمن جو بنهه اتفاق آهي، سي بيان ڪريان ٿو.
(19) فرض انهن مان اهو آهي، ته تڪبير تحريمه اهڙي طريقي سان چئي جو پنهنجي ڪنن سان ٻڌڻ ۾ اچي، جيڪڏهن نمازي گونگو ناهي ته. جيڪڏهن تڪبير دل ۾ چيائين، زبان سان ماڳهين نه چيائين يا زبان سان چوي ٿو، پر ان کي پنهنجي ڪنن سان نه ٻڌائين، گونگو به ڪونهي، ته انهن ٻن صورتن ۾ علماءَ چون ٿا ته نماز جو شروع صحيح ڪونهي.
(20) فرض اهو آهي ته تحريم جي وقت لفظ الله جي اڳيان الف زائد داخل نه ڪري، ء الله شروع وقت ”ء اَلله اذن لکم“ جي طريقي تي نه چوي، جيڪڏهن تڪبير ۾ اهو زائد الف چيائين ان جي نماز ماڳهين شروع نه ٿيندي.
(21) فرض انهن مان اهو آهي ته همزي ۽ ڪاف جي وچ ۾ اڪبر ۾ الف کي داخل نه ڪري جيئن ”آڪبر“ چوي ته اهو غلط آهي.
(22) فرض اهو آهي ته اڪبر جي بي ۽ ري جي وچ ۾ الف داخل نه ڪري، جيڪڏهن تڪبير ۾ انهن ٻنهي الفن مان ڪو هڪ الف داخل ڪيائين يا ٻئي الف داخل ڪيائين ته ان نماز جو شروع بنهه صحيح نه ٿيندو. پر جي انهن ٽن الفن مان ڪو هڪ الف نماز ۾ انتقال جي تڪبيرن ۾ داخل ڪيائين، ته اها نماز ڀڄي پوندي ۽ نماز درست نه چئبي. اهو مشائخن منجهان گهڻن جو قول آهي ۽ ڪتاب لکن ٿا، ته اهو وڌيڪ صحيح قول آهي. ان تي مضبوطيءَ سان عمل ڪجي.
(23) فرض تحريم جي فرضن مان جيڪو آهي سو انتقال جي تڪبيرن جو به فرض آهي. اهو هيءُ ته تڪبيرون چوندي لام ۽ هي جي وچ ۾ جيڪو سونهارو الف آهي، سو لاهي نه ڇڏي. ۽ تڪبير ۾ الَهه جو لفظ نه چوي. جيڪو لفظ الله مان اهو لفظ لاهي ڇڏيندو يا تحريم ۾ ائين ڪندو، ته ان نماز جو شروع صحيح نه ٿيندو. جيڪڏهن انتقال جي تڪبيرن ۾ ائين ڪندو، ته ان جي نماز ائين ڪرڻ سان ڀڄي پوندي. تفسير بيضاويءَ ۾ ان طرح مذڪور آهي، جنهن جو نالو انوار التنزللِ آهي ۽ پڻ اهو مسئلو مخدوم عبدالحڪيم به لکيو آهي. ان تفسير جي حاشيي ۾ اهو آندو اٿائين ۽ پڻ اهو مسئلو شهاب خفاحي حاشيه تفسير بيضاوي ۾ لکيو آهي. ٻئي عالم حنفي مذهب جا آهن. جن جو مٿي ذڪر ڪيم.
(24) فرض اهو آهي ته لفظ الله مان ”هه“ کي لاهي نه ڇڏي جو تڪبير ۾ ڀلارو لفظ الله ”اللا“ ڪري چوي، جيڪڏهن ائين لفظ الله منجهان ”هه“ ساڪن لاهيندو ته ان جو حڪم اهو آهي جيڪو الف لاهڻ جي باري ۾ مون لکيو آهي. ان طرح علامه شرنبلالي شرح منظومي ۾، جيڪو منظومو ابن وهبان جي تصنيف آهي، لکيو آهي پر ان ۾ اهو اختلاف نقل ڪيو اٿائين ته جي تڪبير تحريم ۾ ائين ڪيائين ته نماز جو شروع صحيح ٿيو. اهو بعض عالمن جو قول آهي. پر ڪن عالمن جيڪي دين جا باني آهن، فرمايو آهي ته اهڙي نماز جو شروع درست نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن ٻي تڪبير ۾ ائين ڪيائين ته ان صورت ۾ به عالمن جو اختلاف آهي، ڪن عالمن فرمايو آهي ته اها نماز ڀڄي پئي ۽ ڪن ٻين عالمن فرمايو آهي، ته ان فعل سان نماز نه ڀڄندي... پر انهن ٻن قولن مان ڪنهن جي ترجيح نه لکي اٿن. تڏهن ئي هيءُ انهن فرضن مان ڏهون فرض آهي، جيڪي ڏهه ئي فرض اختلافي آهن. ان طرح هيءُ ڏهون فرض نائين سان گڏيو جيڪي نو فرض اڳئين ڪلام ۾ گذريا. پر پنج اڳيان فرض هن ٽيويهن فرضن مان، اهي سڀ ماڳهين اهڙي قسم منجهان آهن جن ۾ اختلاف آهي.
(25) هاڻي باقي ٻيا فرض ٻڌو، جن تي پڻ عالمن جو اتفاق آهي.
(26) فرض انهن مان اهو ٿا چون ته تحريم ۾ جملو اسميو آڻي. تڪبير وقت الله اڪبر الله اجل چوي يا اهڙو ڪو ٻيو لفظ تڪبير وقت چوي ته اهڙي صورت ۾ فرض اهو آهي ته ذاتي اسم کي صفاتي اسم تي مقدم ڪجي. تڪبير وقت الله اڪبر چئجي، جيڪڏهن تڪبير وقت اڪبر الله چيائين يا اجل الله چيائين اهي لفظ اسم ذاتيءَ کان اڳيان چيائين، ته ان نمازيءَ جو شروع صحيح نه ٿيو. ان طرح خلاصه لکيو آهي ۽ ڪنزالعباد ۾ پڻ ان طرح مذڪور آهي.
(27) فرض اهو آهي ته مقتديءَ جي تڪبير امام جي تڪبير کان پوءِ واقعي ٿئي يا امام جي تحريم سان مقتديءَ جي تحريم گڏجي. جيڪڏهن مقتديءَ جي تحريم امام جي تحريم اڳ ٿي ته ان صورت ۾ مقتديءَ جو شروع صحيح نه ٿيندو. اهو امام جي نماز ۾ بنهه داخل نه ٿيو، ۽ ان صورت ۾ هيءُ حڪم به آهي ته جيڪڏهن مقتدي لفظ الله کان امام جي فارغ ٿيڻ کان اڳ فارغ ٿيو ته مقتديءَ جو اهو شروع به صحيح نه ٿيندو. پڻ جي ڪو مقتدي ڀلو لفظ الله جو امام سان گڏ چوي يا امام کان پوءِ چيائين پر مقتدي لفظ اڪبر کان امام جي فارغ ٿيڻ کان اڳ فارغ ٿي ويو ته ان صورت ۾ پڻ مقتديءَ جو شروع صحيح نه ٿيندو ان طرح شرح منيه ۾ چلپيءَ لکيو آهي، پر جي تحريم چوڻ کان پوءِ مقتديءَ تي غالب گمان ٿيو ته مون امام جي تحريم کان اڳ ۾ تحريم چئي آهي، ته ان صورت ۾ ان جي حق ۾ فرض اهو آهي ته اها تحريم ٻيهر ورائي چئي. اهي مڙئي صورتون جيڪي بيان ٿيون، جن جو حڪم گذريو ته انهن ۾ امام جي پٺيان مقتدي نماز ۾ شامل نه ٿيو، ته انهن مڙني صورتن ۾ مقتدي پنهنجي نماز ۾ شروع چئبو يا نه چئبو ان ۾ عالمن جو اختلاق آهي، پر امام اعظم جو مذهب اهو آهي ته جيئن امام جي نماز ۾ شامل نه ٿيو تيئن ان جي پنهنجي نماز به بنهه نه ٿيندي، جيڪڏهن مقتديءَ امام جي اقتدا جي نيت ڪئي آهي ته. ان طرح بحرالرائق ۾ مذڪور آهي، ۽ پڻ هيءُ قول صحيح ۽ معتمد آهي، جنهن قول تي عالمن جو اعتماد آهي. اهو شرح منيه ۾ بيان ٿيو آهي، جنهن کي عالم شرح اڪبر چون ٿا. جيڪو ابن امير الحاج جي تصنيف آهي.
(28) فرض انهن مان جيڪو آهي، تنهن جو بيان اهو آهي. ته هيءُ فرض به مقتديءَ جي حق ۾ آهي، ته شروع مهل مقتديءَ جي تحريم خالص بيهڻ مهل يا بيهڻ کي ويجهي هئڻ مهل واقع ٿئي، جيڪڏهن امام کي مقتدي ان صورت ۾ گڏجي جڏهن امام رڪوع ۾ هجي ان وقت ’الله‘ قيام ۾ چيائين پر اڪبر کان رڪوع ۾ وڃي فارغ ٿيو يا اڪبر کان ان حالت ۾ فارغ ٿيو جو رڪوع کي ويجهو هو ته اهو ان مقتديءَ جو شروع صحيح نه ٿيو، نه پنهنجي نماز جو شروع صحيح ٿيس نه امام جي نماز ۾ شروع صحيح ٿيس. شروع جي صحت لاءِ هيءَ شرط آهي ته سڄي تڪبير تحريم خالص بيهڻ جي حالت ۾ واقع ٿئي. ڀلي اها حالت بيهڻ کي ويجهي هجي. ان طرح شرح منيه ۾ بيان آهي جيڪو خلق ۾ ننڍو شرح مشهور آهي جيڪو ابراهيم حلبيءَ جي تصنيف آهي.
(29) فرض اهو آهي ته تحريم کي ٻين فرضن کان مقدم ڪري جيڪي ٻيا رڪن ڪتاب لکن ٿا، تڪبير تحريم کي انهن کان اڳيان چوي، توڙي تحريم شرط هجي توڙي رڪن ٻنهي قولن جي بنياد تي فرض اهو آهي.
هتي نوع اول اچي پورو ٿيو. هاڻي ٻئي نوع جو بيان شروع ڪجي ٿو.