فصل يارهون
نماز جمعي جي فرضن جو بيان
علماءَ چون ٿا ته، ان ۾ پنجويهه فرض آهن. هر ڪو مسلمان اها ڳالهه ياد رکي ته جمعي جي نماز فرض عين آهي. ظهر نماز کان فرضيت ۾ وڌيڪ مستحڪم آهي. پر اها ان شخص تي فرض آهي، جنهن ۾ جمعي جي فرضيت جا شرط جمع ٿين. جمعي نماز جي فرضيت جا ڪجهه شرط آهن. ليکي شماري ۾ اهي مڙئي ٻارنهن فرض ٿين ٿا، پر انهن مان ٽي فرض اهڙا ٿا چون جيڪي مڙني نمازن جا پڻ شرط آهن. انهن مان نماز جمعي سان خاص صرف نوَ فرض آهن. تن جو سگهو بيان ايندو. جمعي نماز سان تعلق وارا مڙئي فرض ٻن قسمن جا آهن.
جمعي جي فرضن جو پهريون قسم:
پهريون قسم اهي فرض چئبا جن جي ڪري جمعي جي نماز فرض ٿي، تن جو نالو رکن ٿا. وجوب جا فرض. وري پهرئين قسم جي فرضن جا پڻ ٻه قسم آهن.
پهريون قسم: انهن مان اهو آهي، ته جمعي نماز جا ٽي شرط آهن، جيڪي ٻين نماز جا پڻ شرط آهن.
پهريون شرط: اهو آهي، ته نماز پڙهڻ وارو مسلمان هجي.
ٻيو شرط: انهن مان اهو آهي ته اهو عاقل هجي.
ٽيو شرط: اهو ٿا چون ته اهو بالغ هجي.
ٻيو قسم: ٻيو قسم شرطن ۾ انهن شرطن جو آهي، جيڪي مڙئي جمعي نماز جا خاصا آهن. انهن جو هن پٺيان بيان ايندو.
ٻيو قسم جمعي جي شرطن جو آهي ”درستيا شرط“، جن کان سواءِ جمعي جي نماز درست نه ٿيندي. پهريائين تون انهن شرطن جو بيان ٻڌ، جي سڀئي جمعي نماز جا خاص شرط آهن. ليکي ۾ اهي نو آهن.
- فرض تن منجهان آهي، ته اهو نمازي مقيم هجي. جنهن کي سفر جي ڪابه نيت بنهه ڪانهي.
- فرض تن منجهان اهو آهي، ته اهو نمازي مرد هجي.
- فرض انهن مان اهو آهي، ته بدن صحتمند هجي، نماز کان مانع مرض ان ۾ بنهه موجود نه هجي.
- فرض انهن مان آهي نماز جي جاءِ.
- فرض تن مان آهي اکين جي سڄائي.
- فرض تن مان آهي پيرن جي سڄائي. تنهن ڪري جمعي جي نماز مسافر، عورت ۽ بيمار تي فرض نه چئبي، جيڪو جمعي نماز ڏانهن وڃڻ تي قدرت نه ٿو رکي. پڻ اها ٻانهي تي بنهه فرض نه چئبي، اهو ٻانهو توڙي جو مڪاتب ئي ڇو نه هجي. ۽ پڻ اها انڌي تي فرض نه چئبي توڙي وٽس قائدا (ٻانهن کان جهلي وٺي وڃڻ وارو) موجود ڇو نه هجي. جيڪو کيس نماز لاءِ وٺي وڃي. پڻ اها ان شخص تي فرض نه چئبي، جنهن جي هيٺئين ڌڙ ۾ سگهه نه هجي يا ان جو هيٺيون ڌڙ ظاهر ۽ نروار نه هجي. توڙي وٽس ڪو اهڙو به ڇو نه هجي جيڪو کيس جمع نماز ڏانهن کڻي هلي.
- فرض ڪتاب لکن ٿا، ته اهو شخص جمعي جي نماز مهل، ڪنهن بادشاهه ۽ ڪنهن ظالم ۽ سندس دهشت جي سببان لڪل نه هجي. ان ڪري اهڙي شخص تي اهڙيءَ صورت ۾ جمعي جي نماز فرض نه چئبي.
- فرض اهو آهي، ته اهو شخص ڪنهن ظالم وٽ باندي نه هجي، نه ئي ڪنهن قرضيءَ وٽ جمعي جي وقت بندي يعني گروي هجي.
- فرض انهن مان اهو ٿا چون، ته ان وقت گهڻو مينهن وسندڙ نه هجي. بحرالرائق ۾ هيءُ شرط مذڪور آهن. پڻ ٻين ڪتابن ۾ به اهي بيان ٿيا آهن؛ پر درستي جمعي نماز جا ڀلارا تيرهن شرط آهن. انهن جو آءٌ تفصيل سان بيان ڪريان ٿو.
- شرط تن مان جيڪو آهي، سو هيءُ آهي، ته جمعي جي نماز ڪنهن شهر ۾ پڙهن. يا ان جي ’فناء‘ ۾ پڙهن. شهر جي ’فناء‘ جي معنيٰ اها ٿا لکن ته جيڪو هنڌ شهر سان لڳو لڳ آهي، جنهن ۾ ماڻهو شهر جا ڪم ڪار ڪن ٿا. جهڙوڪ: گهوڙا ڊوڙائڻ، لشڪر جو ميڙ بيهارڻ، تيرن جو هڻڻ، ميت جو دفن ڪرڻ ۽ نماز جنازي وغيره جي پڙهڻ يا اهڙي قسم جا ڪي ٻيا ڪم ڪيا وڃن ٿا، جن جي شهر جي ماڻهن کي ضرورت ٿيندي هجي.
- شرط تن مان آهي، بادشاهه يا ان جو ڪو نائب جمعي جي نماز پڙهائي يا جنهن کي انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ موڪل ڏني آهي.
- شرط اهو آهي ته اڳينءَ يعني ظهر جو وقت هجي، جنهن ۾ جمعي جي نماز ادا ڪري.
- شرط علماءَ لکن ٿا خطبو آهي.
- شرط ڪتاب لکن ٿا، ته اهو خطبو ظهر جي وقت ۾ پڙهجي.
- شرط اهو آهي، ته جمعي جي نماز ظهر جي وقت ۾ پڙهجي. جيڪڏهن خطبو ظهر جي وقت کان اڳي پڙهيائين؛ پر جمعي جي نماز ظهر جي وقت ۾ پڙهيائين يا نماز ظهر جي وقت کان اڳ پڙهيائين؛ پر خطبو ظهر جي وقت ۾ خطيب پڙهيو، ته ان صورتن ۾ جمعي جي نماز صحيح نه ٿي. جيڪڏهن اڳينءَ جي وقت ”خطبو پڙهي ويا جمعي جي نماز ظهر جي وقت کان پوءِ پڙهيائون يا نماز ظهر جي وقت ۾ ئي پڙهيائون، پر خطبو وقت کان پوءِ پڙهيائون، ته به جمعي جي نماز ماڳهين نه ٿيندي.
- فرض اهڙو ٿا لکن، ته اهو خطبو نماز کان اڳي پڙهن. جيڪڏهن خطبو جمعي نماز کان پوءِ پڙهيائون. ظهر جي ٻئي وقت ۾ ادا ڪيائون، ته جمعي جي نماز بنهه صحيح نه ٿيندي.
- فرض اهو آهي، ته جمعي جي نماز جي امام جي اها صفت هجي، ته اهو سڄي خطبي ۾ حاضر هجي يا ان جي ڪجهه حصي ۾ حاضر هجي. جيڪڏهن امام جمعي نماز جي هر هڪ امر ۾ ايتري فرصت ڪئي جنهن جي ڪري خطيب جي خطبي ۾ يا ان جي ڪجهه حصي ۾ نه پهتو، خطبي جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اچي پهتو، ته اهڙيءَ صورت ۾ امام جي نماز درست نه چئبي، نه ئي جماعت جي نماز ان طرح صحيح ٿيندي.
- شرط ڪتاب لکن ٿا، ته خطبي ۽ نماز ۾ پورا ٽي ماڻهو حاضر ٿين. اها جماعت جمعي جي نماز ۾ امام کان سواءِ هجڻ گهرجي. پر اهي جماعتي اهڙيءَ صفت وارا هجن جو انهن جي هوندي نماز منعقد ٿئي. انهن جي وجود سان نماز جو جوڙ ٿئي. توڙي اهي ٽي شخص ٻانها ئي ڇو نه هجن يا بيمار يا مسافر ڇو نه هجن. جيڪڏهن خطبي مهل اچي ٽي عورتون يا ٽي ڇوڪرا حاضر ٿيا. جن سان جمعي جي نماز هرگز نه جڙي سگهي، ته جمعي جي نماز ماڳهين درست نه چئبي. پر امداد الفتاح هن طرح لکيو آهي، ته خطبي وقت هيءُ فرض آهي، ته انهن شخصن مان ڪو هڪڙو خطبي وقت حاضر ٿئي، جن سان جمعي نماز منعقد ٿي سگهي ٿي. هڪڙي شخص کان سواءِ گهڻن ماڻهن جو خطبي جي وقت حاضر ٿيڻ شرط بنهه ناهي. هيءُ قول صحيح آهي، جنهن تي فتويٰ آهي. امداد الفتاح جي هتي عبارت پوري ٿي.
- فرض لکن ٿا ته خطيب، خطبي مان خطبي جو ارادو رکي. جيڪڏهن جماعتين منجهان ڪنهن جماعتيءَ نڇ ڏني، انهيءَ پٺيان الله جي واسطي خاص حمد ڪيائين، پر اهو خطبي جي قصد سان ماڳهين نه ڪيائين، ڇڪ پٺيان حمد ڪرڻ سندس مقصد هو، ته اهو حمد خطبي لاءِ بنهه نه چئبو. ان ڪري جيڪڏهن اها جمعي جي نماز ان خطبي سان پڙهي پوري ڪن، ته ان صورت ۾ اها نماز درست نه چئبي.
- فرض اهو ٿا علماءَ لکن، ته امام سان امام کان سواءِ جيڪي ئي شخص موجود هجن، سي عاقل ۽ بالغ انسان هجن.
- فرض اهو آهي ته امام سان ٽي جماعتي پهرئين سجدي تائين باقي رهن، جيڪي پهرين رڪعت ۾ اچي داخل ٿيا، تانته جيڪڏهن اهي پهرئين سجدي کان اڳئي ڀڄي ويا يا ڪو هڪڙو سجدي کان اڳ ڀڄي ويو يا ان کان اڳي ئي پنهنجي نماز ڀڳائون يا ڪنهن عارض سبب انهن جي نماز ڀڳي يا انهن مان ڪنهن هڪڙي شخص جي ڀڳي يا اها پاڻهي ڄاڻي واڻي ڀڳائين؛ پر سندن اهي نمازون سجدي کان اڳي ڀڳيون، ته ان طرح جمعي نماز درست نه ٿيندي؛ پر انهن ٽن مردن جو اول نماز کان حاضر ٿيڻ ماڳهين فرض نه چئبو، تانته جي اهي ٽئي شخص قيام رڪوع يا قومي جي وقت اچي حاضر ٿيا، ته به ان طرح جمعي جي نماز صحيح ٿيندي، اهو مسئلو امداد الفتاح لکيو آهي.
- فرض عالم اهو ٿا لکن، ته جمعي جي نماز لاءِ شهر جي ماڻهن لاءِ عام موڪل جو هئڻ آهي. اها عام موڪل توڙي بادشاهه ڏني توڙي ان جي نائب اذن عام ڪيو هجي. ان ڪري جيڪڏهن بادشاهه يا ان جي نائب نماز وقت قلعي جا سڀئي در بند ڪرائي ڇڏيا، جمعي جي نماز صرف پنهنجي لشڪر سان پڙهيائين ۽ پنهنجي خاص ماڻهن کي ان ۾ شامل ڪيائين، ته اها جمعي جي نماز ماڳهين درست نه چئبي. ڪتابن ۾ ان طرح بيان آهي.