ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638166 ڀيرا پڙهيو ويو |
”فرائض الاسلام سنڌي“ مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ عربيءَ ۾ 1171هه ۾ تصنيف ڪيو هو. هيءُ پنهنجي موضوع جو هڪ منفرد رسالو آهي. استاد محترم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ”فرائض الاسلام“ جي عربي متن جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
” هن ڪتاب جو اسلامي دنيا ۾ ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي، پنهنجي موضوع جو منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ ايمان جا فرض گڏ ڪيا ويا آهن. جن جو علم ۽ عمل (ٻئي) هر مسلمان تي فرض آهن.“
هن جي طرز تي اسلامي دنيا جي ٻين حصن ۾ جيتوڻيڪ ڪا تصنيف ڪانه ٿي آهي، البته سنڌ ۾ هن کان اڳ اهڙي طرز جي هڪ ڪتاب تصنيف ٿيڻ جو ڏس ملي ٿو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ”فرائض الاسلام“ ۾ هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
”ايمان جي فرضن کي مون کان اڳ ڪن ڀائرن جمع ڪيو آهي، پر انهن جي تعداد ۾ انهن کان ڀل ٿي آهي.“
ڪتاب جي آخر ۾ مخدوم موصوف ان ڀُل جو ذڪر به ڪيو آهي. مخدوم صاحب کان اڳ جنهن مصنف هن طرز تي ڪتاب تصنيف ڪيو، تنهن بابت علامه قاسمي صاحب لکي ٿوته:
ان مان مراد مخدوم ابوالحسن بن شيخ عبدالعزيز سنڌي ٺٽوي آهي. ان کي فرائض جمع ڪرڻ جو شوق ٿيو، پر افسوس هن موضوع جو اهو رسالو زماني جي حادثن جي ور چڙهي ويو.“
عربي فرائض الاسلام جا ترجما:
فرائض الاسلام جا فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ٿي چڪا آهن. سڀ کان پهريون ترجمو سنڌيءَ ۾ مخدوم محمد هاشم جي فرزند مخدوم عبداللطيف 1181 هه ۾ ڪيو. ان کان پوءِ ڪنهن نامعلوم بزرگ 1186 هه ۾ يا ان کان اڳ ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اردو ترجمو مولانا عبدالعليم صاحب ندويءَ ڪيو.
ڇاپيل نسخا:
عربي ”فرائض الاسلام“ صرف هڪ دفعو 1895ع ۾ پشاوري تاجر محمد صادق جي ڪوششن سان دهليءَ مان ڇپيو، ان کان پوءِ ناياب ٿي ويو. 1978ع ۾ هاشمي اڪيڊمي ڀينڊو شريف حيدرآباد طرفان ڇپيو، جنهن کي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب سڌاريو، سنواريو ۽ ان تي مقدمو پڻ لکيو. ساڳيءَ اڪيڊميءَ مولانا عبدالعليم جو ”فرائض الاسلام“ جو اردو ترجمو پڻ ڇپرايو. فارسي ترجمو اڄ ڏينهن تائين ڇپيل معلوم ٿي نه سگهيو آهي ـ ”فرائض الاسلام“ جو سنڌي ترجمو، ان جي ترجمي ٿيڻ جي تاريخ 1181 هه کان پورا هڪ سئو سال پوءِ 1291 هه ۾ مطبع حيدري بمبئيءَ ۾ قاضي ابراهيم بن مرحوم مغفور قاضي نور محمد پور بندري ڇاپيو.*
قلمي نسخا:
”فرائض الاسلام سنڌي“ جو ڪوبه قلمي نسخو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. البته عربي ”فرائض الاسلام“ جا ڪيترائي نسخا سنڌ جي مختلف لائبريرين ۾ موجود آهن. هڪ نسخو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي. فقيهه عصر مولانا هدايت الله سنڌي هالائيءَ جي هٿن سان ان جي ڪتابت ٿيل آهي. علامه قاسمي صاحب ”فرائض الاسلام“ جي مقدمي ۾ هڪ ٻئي نسخي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مولانا حماد الله هاليجويءَ جن جي ملڪيت آهي. سنڌالاجيءَ واري ريسرچ لائبريريءَ ۾ ان جا پنج نسخا موجود آهن.
”هيءُ ڪتاب ”فرائض الاسلام“ مولانا المعظم، مخدومنا المڪرم، حاجي الحرمين شريفين تعظيمًا و تڪريمًا مخدوم محمد هاشم قدس سره جو تصنيف ٿيل آهي. عجيب رسالو آهي. عبادت جي فرضن ۽ ڪن معاملن، جيڪي عبادتن جي ويجهو آهن، تي مشتمل آهي. عربي هئڻ ڪري ڪي ماڻهو ان جي نفعي کان محروم ٿيل هئا، جنهن ڪري ان جي گهرج محسوس ٿي ته ان جو فارسي عبارت ۾ ترجمو ٿئي، ته ان مان گهڻا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن. ميان الهڏنو مجاور ان ڳالهه جو باعث ٿيو. الله کيس ۽ هن مسڪين کي ٻنهي جهانن ۾ جزاءِ خير ڏئي، گناهه معاف ڪري ۽ پنهنجي عام فضل سان (هن کي) تڪميل تائين پهچائي ۽ مڪمل قبوليت عطا ڪري. انه قريب مجيب. ان ۽ مترجم جي حق ۾، سڀني مؤمنن، مؤمنياڻين، مسلمانن مسلمانياڻين ۽ سڀني مشفقن کان، ٻنهي جهانن جي ڀلائيءَ لاءِ فاتحه جو التماس آهي.“
مترجم ڪٿي به پنهنجو نالو نه ڄاڻايو آهي. آخر ۾ هنن لفظن تي ڪتاب ختم ٿئي ٿو:
”ستين رمضان المبارڪ 1186 هه ۾ پورو ٿيو. فقير حقير سيد محمد هادي رهندڙ حويلي سيوستان جي هٿن سان تحرير ٿيو.“
فرائض الاسلام جو شرح:
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن ”فرائض الاسلام“ جي مقدمي ۾ ان جي هڪ عربي شرح جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. لکن ٿا:
”مخدوم عبدالڪريم متعلوي سنڌيءَ ”فرائض الاسلام“ تي عربي شرح لکيو هو. پر افسوس جو ان جو تاريخ ۽ تذڪري جي ڪتابن ۾ صرف نالو رهيو آهي. ان جو وجود سنڌ جي لائبريرين مان نه ٿو ملي. شايد اهو سنڌ جي انگريزن جي فتح وقت تباهه ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مخدوم متعلوي سنڌي، انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سنڌ جي دارالحرب هئڻ جي فتويٰ ڏني هئي ۽ حرمين ڏانهن هجرت ڪري هليو ويو هو. چيو هئائين ته هو سنڌ ۾ برطانيه جو غلام ٿي نه رهندو. لاڏاڻي تائين مڪه مڪرمه ۾ رهيو.“
ڪتاب جو موضوع:
”فرائض الاسلام“ جو نالي جي مفهوم مطابق موضوع اسلام جا فرض بيان ڪرڻ آهي. اسلام جي حڪمن، هدايتن ۽ فرضن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙو ڀاڱو آهي عبادتن جو ۽ ٻيو ڀاڱو آهي معاملن جو. ”فرائض الاسلام“ ۾ مصنف اسلام جي صرف انهن فرضن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي عبادتن سان واسطو رکن ٿا، ۽ ڪجهه اهڙن معاملن جا به فرائض بيان ڪيا آهن، جن ۾ عبادت جو عنصر غالب آهي. مصنف جو چوڻ آهي ته معاملن بابت اسلام جا فرض ڳڻپ ۽ شمار کان ٻاهر آهن. جيئن ته انهن جو ڳاڻاٽو نه ٿو ڪري سگهجي ۽ هن ڪتاب جي انفراديت ئي اها آهي ته، هن ۾ اسلام جا فرض ڳڻپ ۽ شمار جي طريقي سان بيان ڪيا ويا آهن. جن جو مصنف آخر ۾ ڪل تعداد هڪ هزارٻه سئو ٻاهٺ ڄاڻايو آهي. ان ڪري مصنف اهي هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيا آهن. عبادتن سان واسطو رکندڙ فرض پڻ بيان ڪيا آهن، جيئن نماز جا اندريان فرض: قيام، قرائت، رڪوع وغيره جو بيان ڪرڻ سان گڏ وري هر هڪ جا الڳ فرض جيئن: قيام جا فرض، قرائت جا فرض ۽ رڪوع جا فرض وغيره بيان ڪيا آهن ان طرح نماز جي مڙني جزائيات کي شمارياتي طريقي سان سهيڙي مصنف نماز جا سڀ مسئلا نه رڳو جمع ڪيا آهن، بلڪه انهن جي محفوظ ڪرڻ، ياد ڪرڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جي به آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. شاگردن جي ياد ڪرڻ لاءِ هيءُ طريقو نهايت مفيد آهي.
ٻوليءَ جو بهترين سرمايو:
ٻارهين صدي هجري، سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ هڪ سونهري دؤر جي حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ ابوالحسن جي ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ کان پوءِ ڪيترائي عالم اٿيا، جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن ۽ تصنيفن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو بهترين سرمايو آهي، جنهن کي ڏسڻ، پڙهڻ ۽ پرکڻ سان ٻوليءَ جي تاريخ جا ڪيترائي پهلو جاچي سگهجن ٿا، جهڙوڪ:
هيءَ هن ڪتاب جي تاريخي اهميت ۽ افاديت آهي. جنهن جي مدنظر مون ڪوشش ڪئي آهي ته منجهس جيڪي اڄوڪي ٻوليءَ کان مختلف ۽ اڄ جي لحاظ کان اوپرا ۽ متروڪ لفظ استعمال ٿيل آهن، تن کي مقدمي جي آخر ۾ پيش ڪريان ۽ ان دور جي لکت ۾ اڄ جي لکت کان فرق رکندڙ نمونا پڻ الڳ پيش ڪريان، ۽ ڪجهه نحوي ترڪيبن جو به ذڪر ڪريان ته مٿيان اهميت وارا پهلو پڙهندڙن آڏو واضح ٿين. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هن ڪتاب کان سواءِ، تنهن دؤر جي ٻين سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتابن جو پڻ اڀياس ٿيڻ گهرجي.
فرائض الاسلام ۽ ان دور جو نصاب تعليم:
رچرڊ برٽن سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم جو سرشتو ٻڌايو آهي ۽ لکيو اٿس ته : ”(سنڌ ۾ تعليمي) ترقيءَ جي رفتار تمام ڍلي آهي. ٻار جيستائين مادري ٻوليءَ جو باقاعدي اڀياس شروع ڪري، تيستائين هو شايد نون ورهين جو ٿي ويندو آهي. مادري زبان يعني سنڌيءَ جو نصاب هن طرح آهي.
سڀ کان وڌيڪ مقبول تصنيفون هي آهن.
”حڪايات الصالحين“ هيءُ عبدالحڪيم نالي هڪ سنڌي ملان جو عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. ان ۾ اوائلي مسلمانن جي مشهور اوليائن، مردن خواهه زالن جون حياتيون، ڪارناما ۽ ٻيون روايتون ڏنل آهن. لاڏاڻي ۽ رسول ڪريم جي وفات جو ذڪر آهي جو ميان عبدالله تاريخ حبيب السير تان ورتو آهي.
”معراج نامہ“ ۾ رسول ڪريم جي معراج مبارڪ واري سير ۽ سفر جو ذڪر ڏنل آهي.
”سئو مسئلا“ اسماعيل جو لکيل ننڍڙو ڪتاب آهي. جنهن ۾ عبدالحليم فقير جو قصو ڏنل آهي. ان ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هڪ فقير روم جي سلطان جي ڌيءَ جي سئو سوالن جا جواب ڏئي ساڻس شادي ڪئي هئي. چون ٿا ته انهيءَ مائيءَ کي بيشمار عاشق هوندا هئا، ۽ هوءَ انهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ کانئن ڪي سوال پڇندي هئي. ٻارن لاءِ اهڙيون گهڻيون ئي تصنيفون آهن، جن جي مدد سان هو پنهنجي دماغ ۽ تخيل ۾ سڌارو آڻي سگهن ٿا. هو اٽڪل ٻه يا ٽي ورهيه اهڙا ڪارائتا ڪتاب پڙهندا آهن.“
برٽن جي هن بيان ۾ نصاب تعليم ۾ مخدوم محمد هاشم جو تفسير ۽ سندس ٻيون تصنيفون جيڪي ڳڻايون ويون آهن، تن ۾ هيءُ ڪتاب ”فرائض الاسلام سنڌي“ به شامل آهي.
برٽن سنڌ جي ٽن سڀ کان وڌيڪ مشهور مصنفن جي حياتيءَ جي ذڪر ۾ مخدوم محمد هاشم جو ذڪر آندو آهي ۽ سندس سنڌي ڪتابن جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”هن جي خاص شهرت هيٺين ڪتابن تي ٻڌل آهي. جي هن عالمن لاءِ عربيءَ ۾ لکيا هئا ۽ عام ماڻهن جي سهولت لاءِ انهن جو سنڌي ترجمو ڪيو هئائين: 1- عقائد 2- فرائض 3- ذبح شڪار 4- اغثني 5- ذڪر خلفاء راشدين 6- ذڪر قيامت 7- بدر منير ۽ 8- مولود“
هن بيان ۾ ٻيو نمبر ڪتاب ”فرائض“ مخدوم محمد هاشم جو عربيءَ ۾ عالمن لاءِ لکيل ڪتاب ”فرائض الاسلام“ آهي. جنهن جي ترجمي بابت برٽن غلط چيو آهي ته مخدوم هاشم عام ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪيو، بلڪه اهو هيءُ ”فرائض الاسلام سنڌي“ ئي آهي، جنهن جو مخدوم هاشم نه پر سندس فرزند مخدوم عبداللطيف ترجمو ڪيو، جيڪو تنهن زماني ۾ نه رڳو نصاب تعليم ۾ پر عام ماڻهن ۾ به وڏي شهرت رکندو هو.
سنڌي ڇاپي ڪتاب ۽ فرائض الاسلام:
پير حساب الدين راشديءَ جو هڪ مضمون ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، جيڪو سندس ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي. تنهن ۾ ان سنڌي زبان جي قديم ڇاپي ڪتابن جي فهرست ڏني آهي، سندس چوڻ مطابق ان فهرست مان سنڌي طباعت ۽ پريس جي تاريخ جي خبر پوندي. سندس چوڻ آهي ته هن فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته ”چٽ جي پار“ نالي ڪتاب 1853ع ۾ ڪراچيءَ جي ليٿو پريس مان شايع ٿيو، گويا انگريزن جي اچڻ بعد ڏهن سالن ۾ سنڌ ۾ پريس قائم ٿي وئي. ڪوٽڙيءَ ۾ ليٿو پريس 1857ع کان اڳ يا ان سال قائم ٿي. انهيءَ سال ڪوٽڙي پريس مان منشي اڌارام جو لکيل ڪتاب ”سنڌي گرامر“ شايع ٿيو. حيدرآباد ۾ 1865ع يا ان کان اڳ پريس قائم ٿي ته ڪتاب ”ڳالهين جي سوکڙي“ انهيءَ سال شايع ٿيو. سکر ۾ ليٿو پريس 1886ع ۾ يا ان کان اڳ قائم ٿي، انهيءَ پريس مان ”گلدسته حڪمت“ نالي ڪتاب انهيءَ سال ڇپيو. غالبن اها پريس هريسنگهه قائم ڪئي.
هيءَ فهرست ته راشدي صاحب ڪڏهوڪو ٺاهي ۽ سندس چوڻ مطابق اها فهرست نامڪمل آهي. زير نظر ڪتاب پڻ سندس فهرست ۾ شامل ڪونهي. ڪو هجي جيڪو ان فهرست کي مڪمل ڪري ۽ انهيءَ بنياد تي سنڌيءَ جي طباعت جي تاريخ مرتب ڪري. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”خزانه اعظم“ جي مقدمي ۾ بمبئي جي ڇاپخانن ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي فهرست ڏني آهي، جا هن سلسلي جو اهم اضافو آهي. البته زير نظر ڪتاب ”فرائض الاسلام“ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر بمبئيءَ ۾ 1875 ۾ مطبع حيدريءَ ۾ ڇپيو ۽ مطبع حيدري ڪراچي، ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ سکر جي ليٿو پريس کان اڳ نورالدين بن جيوا خان 1244 هه مطابق 1828ع ۾ قائم ڪئي هئي. جنهن ۾ ٻيا به کوڙ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا هئا. هن ساڳئي مالڪ نورالدين بن جيوا خان بجاءِ قاضي ابراهيم بن قاضي نور محمد پوربندري لکيل آهي، جنهن جون پنهنجون ٻه پريسون مطبع محمدي بمبئي ۽ مطبع ڪريمي بمبئي الڳ قائم هيون، پر هيءُ ڪتاب ان مطبع حيدريءَ مان ڇاپيو.
مخدوم عبداللطيف:
مخدوم عبداللطيف، مخدوم محمد هاشم جو فرزند هو. سندس ٻيو ڀاءُ مخدوم عبدالرحمان جهونا ڳڙهه ۾ وڃي رهيو ۽ اتي تقريبن 1181 هه ڌاري گذاري ويو. البت مخدوم عبداللطيف ٺٽي ۾ ئي پنهنجي پيءُ جي مسند سنڀالي ۽ سندس مدرسي ۽ مسجد کي پيءُ وانگر آباد ۽ روان دوان رکندو رهيو. پيءَ جي ”سنت حسنه“ مطابق جمع جي ڏينهن صبح جو جامع مسجد خسرو ۾ چڱي واعظ جي محفل منعقد ڪندو هو. هر روز ٽپهريءَ وقت پنهنجي مسجد ۾ حديث پڙهائڻ جو شغل جاري رکندو هو. سن 1187 هه ۾ ڪلهوڙي حاڪم ميان سرفراز جي لشڪر ۾ قاضي القضاه جي عهدي تي مقرر ٿيو ۽ مدرسي جي ذميوارين لاءِ سندس لائق فرزند ميان ابراهيم عرف موليڏنو پيءُ ۽ ڏاڏي جي مسند تي مدرسي ۾ پڙهائڻ ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ويٺو. ”تڪمله مقالات الشعراء“ ۾ محمد ابراهيم خليل، مخدوم عبداللطيف جي تدريسي خدمتن ۽ مهارت جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
”مخدوم عبداللطيف قدس سره زماني جو علامه، پنهنجي دور جو متبحر عالم هو. سندس زماني ۾ هڪ شخص طالب علم ٺٽي ۾ آيو. چيائين: مون کي ”مطول معاني“ پڙهڻي آهي، پر پڙهندس اهڙي شخص وٽ، جيڪو صرف خطبو، جيڪو اندازاً ٻه صفحا ٿيندو، سو پورو سال پڙهائيندو. مڙني ان وقت جي عالمن کي استدعا ڪيائين. ڪنهن به قبول نه ڪيس. جڏهن مخدوم عبداللطيف جي آڏو آيو ته چيائينس ڇهن مهينن تائين ان جو درس ڏيندس. ان شخص اهو قبول ڪيو. شروع ۾ اڃا خطبه ئي ٿي پڙهيائين، جو مطول معاني جا سمورا بحث آخر تائين درس ۾ بيان ڪري ڇڏيائين.“
مخدوم عبداللطيف سموري تعليم پيءُ کان پرائي ۽ وقت جو علامه بنيو. سندس شهره آفاق تصنيف مخدوم محمد معين جي مشهور ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جي رد ۽ تنقيد ۾ لکيل ”ذب ذبابات الدراسات عن المذاهب الاربعة المتناسبات“ عربيءَ ۾ آهي. هيءَ سندس معرڪة الآراء تصنيف آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي، سنڌ جو وڏو عالم، منطقي، فلسفي ۽ صوفي هو. مخدوم عبداللطيف جي پيءُ مخدوم هاشم جو به استاد هو. مخدوم محمد هاشم پڻ ان تي ڪيئي رد لکيا. جنهن ۾ انهن استاد جي ادب جو پڻ پورو لحاظ رکيو، پر ان سان گڏ علمي تنقيد ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيائين. جڏهن ته مخدوم عبداللطيف مٿس تنقيد ۾ اصل صفا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. مخدوم معين ٺٽي ۽ سنڌ جي علمي بحر بي پايان جي ماٺ ۽ سانت کي ان وقت ٽوڙي وڌو، جڏهن علمي دنيا ۾ نت نوان بحث ڇيڙي وڌائين. اهڙن بحثن مان هڪ بحث هو حديث جي مقابلي ۾ مڃيل فقهي مسلڪن جي تقليد کان انڪار جو، وري ان هڪڙي بحث پويان ڪيئي بحث هئا، جن کي هڪ هڪ ڪري مخدوم معين دراسات ۾ ڇيڙيو. مخدوم معين جو سنڌ ۾ علمي ڌاڪو ڄمايل هو. سندس مدلل علمي بحثن آڏو ٿيڻ جي هر ڪنهن ۾ همت ڪانه هئي. وري به سندس ئي لائق شاگردن مخدوم هاشم ۽ شيخ محمد حيات چاچڙ مٿس رد لکيا. پر اهي اهڙن ٻين بحثن بابت هئا، جيڪي مخدوم معين ٻين مختلف رسالن ۾ ڇيڙيا هئا. جڏهن ته مٿيون ڪتاب، جنهن ۾ مڃيل مسلڪن جي تقليد جو رد ڪيل هو، تنهن جو جواب مخدوم عبداللطيف ڏئي علمي دنيا ۾ پنهنجو نالو بيهاري ڇڏيو ۽ اهو ڪم هو به اهڙو، جيڪو جنهن تنهن جي وس جو ڪونه هو. ان ڪم لاءِ ايڏي ئي علمي پهچ ۽ گهرائي گهربل هئي، جيڏي مخدوم معين کي حاصل هئي. مخدوم عبداللطيف جو اهو رد ۽ تنقيد ۾ لکيل ڪتاب برابر سندس علمي شان ۽ اعليٰ مقام جو شاهد عادل آهي، ۽ کيس اعليٰ پائي جي نقاد هئڻ جو مقام بخشي ٿو. تڪمله مقالات الشعراءِ ۾ محمد ابراهيم خليل لکيو آهي: ته سندس تصنيفون تمام گهڻيون آهن. انهن جو تعداد فقير کي معلوم ڪونهي. سندس ٻين اهڙين تصنيفن مان ”فرائض الاسلام“ به هڪ آهي.
محمد انس راڄپر