فرائض الاسلام سنڌي

ڪتاب جو نالو فرائض الاسلام سنڌي
ليکڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
سنڌيڪار / ترتيب مخدوم عبداللطيف
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-98-7
قيمت 500    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  (5930) E-Pub
انگ اکر

18 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     638113   ڀيرا پڙهيو ويو

فصل چوٿون


موزن جي مسح جا فرض
موزن تي مسح ڪرڻ حق آهي ان ۾ عالم ٽيويهه فرض چون ٿا.
(1) فرض انهن مان اهو آهي ته موزا کل جي قسم جا هجن. يا ان جي مشابهه ڪنهن شيءِ منجهان هجن. ان ڪري اهڙن موزن مٿان مسح جائز ناهي جيڪي شيشي جا هجن يا ڪاٺيءَ جي قسم جا يا لوهه جي قسم جا هجن.
(2) موزن جو پيرن کي ڀيڏين تائين ڍڪيندڙ هئڻ فرض آهي. جيڪڏهن ڳرين ۽ ڀيڏين کي نه ڏڪيندو ته ان تي مسح جائز ناهي امداد الفتاح ۽ ٻين ڪتابن ۾ ان طرح روايت آهي.
(3) موزا ايترا ٿلها هئڻ گهرجن جو پيرن کي پاڻي پهچڻ کان بچائن؛ ٿولهه سببان پاڻيءَ کي چوهي/ چوسي نه وڃن.
(4) موزا اهڙا هجن جن سان ائين هلڻ ممڪن ٿئي جيئن هلڻ جي عادت آهي. انهن موزن سان هوند ٽي ڪوهه يا ان کان وڌيڪ پنڌ ڪري سگهجي. اهڙن موزن مٿان مسح ڪرڻ درست نه چئبو جيڪي ڪپهه جي سٽ مان جڙيل هجن يا اُن جي سٽ ۾ ڪنهن ٺاهيا هجن يا ڪَپَرَ جي قسم جا موزا هجن يا وارن جي جنس جا موزا هجن، جيڪي ڇڊڙا ۽ پٽڙا هوندا، جن سان ٽي ڪوهه پورا پنڌ نه ڪري سگهبو. ان ڪري جيڪڏهن ٿلها نودَ جهڙا آهن ته انهن تي عالم مسح کي درست چون ٿا.
(5) مسح وقت موزن جو پيرن تي ڀيڏين سميت ڍڪيل هئڻ فرض آهي، پر جي پائڻ کان اڳئي، جيڪڏهن مسح ڪري ٿو ڇڏي ان کان پوءِ موزا ڍڪي ٿو ته مسح جائز ناهي.
(6) موزا پاڪائيءَ سان ڍڪيل هجن، حدث وقت پاڪائي مڪمل هئڻ گهرجي. حدث جيڪو ظاهر ٿئي ته وضوءَ کي ڀڃي.
(7) انهن ۾ ڪو وڏو سوراخ نه هئڻ گهرجي، جنهن منجهان پير جي ٽن ننڍين آڱرين جيترو پير ڏسڻ ۾ اچي. اهو موزي ۾ هڪڙو هجي يا هر هڪ ۾ اهو سوراخ الڳ الڳ هجي.
(8) فرض ٻڌي ياد ڪجان ته اهو سوراخ پوريون ٽي آڱريون نه هئڻ گهرجي. اهي آڱريون ننڍيون هجن يا وڏيون. جي اهو سوراخ ٽن آڱرين کان مٿي آهي. جنهن مان پير جون آڱريون ظاهر ٿين ٿيون، اهڙي سوراخ مان ٽي آڱريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. (ته مسح جائز نه ٿيندو) پر جي اهڙي سوراخ مان ٽي آڱريون پوريون يا ٽن آڱرين جيترو پير ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته اهو سوراخ مسح کي ڪوبه نقصان نه ڏيندو.
(9) هڪ موزي جا گهڻا سوراخ پاڻ ۾ جمع ڪبا. ٻن موزن جا سوراخ جمع نه ڪبا. جيڪي سوراخ ننڍڙا هوندا، جن مان ڪوبه ٽن آڱرين جي مقدار جيترو ناهي.
(10) موزي جا سوراخ جيڪڏهن سنهڙا آهن ته اهڙن سوراخن مٿان مسح جائز آهي.
(11) موزن جي ظاهر يعني مٿاڇري تي مسح ڪرڻ فرض آهي. موزي جي اندران ۽ پاسن کان مسح جائز ناهي ۽ ڀيڏين کان پڻ مٿي مسح جائز ناهي امداد الفتاح ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ ان طرح مذڪور آهي ۽ موزي جو جيڪو پاسو زمين سان لڳي ٿو، تنهن پاسي تي پڻ مسح درست نه چئبو.
(12) مسح جو مٿئين پاسن کان هئڻ، آڱرين جي مٿي کان وٺي ڀيڏين تائين، فرض آهي. موزي جو ڀيڏين کان مٿي مسح درست نه چئبو.
(13) موزو جيڪو پير سان لڳل آهي ان جي مسح ڪرڻ فرض آهي. ڪنهن به پاسي کان جيڪو موزو وڌي ٿو. ان تي مسح ڪرڻ درست ناهي پر جي پير مسح واري جاءِ کان پري آهي (يعني موزي جي وڌيل حصي ۾ آهي) ته ان صورت ۾ جيڪڏهن وڌيڪ حصي تي مسح ڪيائين ۽ ان وقت پير وڌيل حصي ۾ آهي ته مسح بنا شڪ شبهي جي درست چئبو.
(14) پاڻي، جنهن سان مسح ڪري ٿو، سو تازو ان پاڻيءَ مان بچيل هئڻ گهرجي جنهن سان اهڙو عضوو ڌوتائين جيڪو فرض آهي.
اهو پاڻي ٽمندڙ هجي يا نه هجي. پر جي اهڙيءَ آلاڻ سان موزن تي مسح ڪيائين، جيڪا ڪنهن مسح واري عضوي تي مسح ڪرڻ کان پوءِ هٿ ۾ بچي آهي، ته ان سان مسح درست نه ٿيندو، ۽ پڻ هن صفت واريءَ آلاڻ سان مسح درست ناهي، جيڪا اهڙي عضوي کان ورتل آهي جنهن جو ڌوئڻ فرض آهي يا اهڙي عضوي کان آلاڻ ورتل آهي، جنهن جو مسح فرض آهي، اها آلاڻ ٽمندڙ هجي يا نه هجي. ان سان مسح درس نه ٿيندي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي. ان جو وضوءَ جي فرضن ۾ بيان گذريو. جنهن کي انهيءَ جي بيان جي طلب هجي سو ان ماڳ ڏانهن موٽي ڏسي.
(15) اهو مسح هٿ جي ٽن آڱرين سان يا انهن کان زياده سان هئڻ فرض آهي، پر جي مؤمن موزن جي، هڪ آڱر سان مسح ٿو ڪري يا ٻن سان، ته هر هڪ ڀيري تازو پاڻي وٺي ۽ نئين جڳهه تان مسح ڪري. جيئن ٽن آڱرين جو قدرُ هٿ جي آڱرين سان ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ پورو ٿئي. تڏهن مسح درست ٿيندو. ان جو حڪم به مٿي جي مسح جهڙو آهي.
(16) جنهن جڳهه تي مسح ڪجي سا پير جي ٽن ننڍين آڱرين جيتري مقدار جي ڊيگهه ويڪر ۾ هئڻ گهرجي.
(17) مسح جي فرض ڪيل مقدار جيترو ٻنهي موزن تي مسح ڪبو؛ جيڪڏهن ڪنهن هڪ موزي تي مسح ڪيائين ٻئي تي نه ڪيائين ته شرع جي حڪم مطابق اهو مسح درست نه چئبو.
(18) مسح ڪندڙ مسح ۾ وضوءَ جو ارادو ڪندو، غسل جو ارادو نه ڪندو. اهو فرض وضو هجي يا نفل. جيڪو غسل لاءِ مسح ڪندو تنهن جو مسح درست نه ٿيندو. فرض غسل هجي يا نفل.
(19) جنهن جا پير ڀيڏين جي هيٺان وڍيل آهن، پر پير جي پٺ کان مسح جيترو مقدار وڍجڻ کان بچيل آهي، جيتري مقدار تي مسح فرض آهي، جنهن جو بيان گذريو، ته انهيءَ مقدار تي مسح ڪجي.
(20) جي مسح جي مقدار کان ٿورو حصو وڍجڻ کان بچيو آهي، ته ان جي حق ۾ اها جاءِ ڌوئڻ فرض آهي. ان کي موزن تي مسح ڪرڻ درست نه چئبو.
(21) جنهن جو هڪڙو پير ڀيڏيءَ کان وڍجي ويو آهي، ته بچيل پير جي هڪڙي موزي تي مسح ڪري.
(22) مقيم، جيڪو شرع سفر جيترو مسافر ناهي، تنهن جي حق ۾ مسح جو وقت شرع جي حڪم سان هڪ رات ۽ ڏينهن جيترو آهي.
مسافر لاءِ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون آهي، جيڪڏهن مقيم رات ۽ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به مسح ڪري، اهو وقت پيرن جي ڌوئڻ کان پوءِ پهرئين حدث کان وٺي ٻڌبو ۽ مسافر مذڪور وقت کان ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان پوءِ مسح ڪيو ته اهو مسح درست نه ٿيو حڪيم جي حڪم سان.
(23) مسح جي ڀڃندڙن کان پاسو ڪرڻ فرض آهي.
مسح جا ڀڃندڙ
ڪتابن ۾ لکن ٿا ته مسح جا ڀڃندڙ ست آهن.
(1) وضوءَ جا ڀڃندڙ، جن جو بيان مٿئين ڪلام ۾ گذريو، سي مسح جا ڀڃندڙ به آهن.
(2) مسح جي مدت، جنهن جو تفصيل گذريو. ان جو گذري وڃڻ به ڀڃندڙ آهي. پر جي سردي اهڙي موجود هجي جو موزن مان ان وقت پير ڪڍڻ سان ماڳهين پير وڃائجڻ جو خطرو آهي ته ان جي مسح مدت گذرڻ سان ڪانه ڀڄندي. جيستائين خوف کان تسلي ماڻي.
(3) موزي منجهان پير جو اڪثر حصو نڪري وڃي. يا اڪثر حصو ڀيڏين کان مٿان نڪري آيو.
(4) پير جي اڪثر حصي کي پاڻي لڳي وڃي. جيڪو موزي جي اندران هجي.
(5) موزي جو ڦاٽي پوڻ ۽ ان ۾ وڏو سوراخ ٿي پوڻ، ان جو اڳئين ڪلام ۾ بيان گذري چڪو.

(6) معذور جي حق ۾ وقت جو نڪري وڃڻ، جنهن موزو پليتيءَ ظاهر ٿيڻ سان پاتو.
شريعت ۾ معذور ان کي چون جنهن کي واءُ ايترو ٿو اچي جو ان کي روڪي ئي نه ٿو سگهي. يا نڪ کان رت اچيس ٿو يا ڪو ٻيو وضوءَ جو ڀڃندڙ ظاهر ٿئيس ٿو. جيڪو سڄي نماز جي وقت تائين کيس لڳل رهي ٿو. ۽ ان وقت ۾ وضوءَ تي قدرت نه ٿو رکي سگهي. ۽ پڻ پاڪائيءَ سان نماز پڙهڻ جي قدرت به نه رکي سگهي. انهيءَ وقت کان پوءِ ايندڙ وقتن به ساڳي عذر کيس ظاهر ٿئي. اهو عذر جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو ئي ڇو نه ظاهر ٿئي، ته به معذور چئبو. جيڪڏهن معذور ان گهڙيءَ ۾ موزا ڍڪيا جنهن گهڙيءَ ۾ کانئس عذر ڇڄي ته وقت جو نڪرڻ ان جو ڀڃندڙ چون ٿا.
(7) وضوءَ لاءِ جيڪو پاڻي ڪافي ٿئي، اوتري پاڻيءَ جو هٿ اچڻ ڀڃندڙ آهي. يا غسل لاءِ اهو ڪافي ٿئي. پر شرط آهي ته ان جي استعمال جي قدرت به حاصل هجي. پر هيءُ ان شخص لاءِ فرض چئبو، جنهن تيمم وقت موزن تي مسح ڪئي.
پر هنن ٽن ڀڃندڙن جي موجود ٿيڻ وقت، جيڪي ستن کان اڳي ذڪر ٿيا، مؤمن تي وضو سارڻ فرض ٿيندو. پهرين صورت انهن مان اها آهي ته مسح ڪندڙ کان وضوءَ جو ڀڃندڙ ڪو عمل ٿئي. انهن مان ٻي صورت آهي وقت جو معذور، جنهن جي وصف مٿي ذڪر ٿي، تنهن کان وقت جو نڪري وڃڻ آهي. ٽين صورت انهن مان آهي ته تيمم وارو ماڻهو پاڪ پاڻيءَ ۽ ان جي استعمال تي قدرت حاصل ڪري وٺي. انهن ٽن صورتن کان سواءِ باقي چئن صورتن ۾ صرف ٻن پيرن جو ڌوئڻ فرض آهي انهن ۾ نه مسح موٽائڻ فرض آهي ۽ نه وضو سارڻ. موزن جي مسح ڪرڻ اصل کان جائز آهي پر اهو ٽن شين سببان فرض ٿئي ٿو. پهرين شيءِ انهن مان آهي ته جنهن تي وضو فرض آهي تنهن وٽ پاڻي هجي. پر ايترو پاڻي نه هجيس جنهن سان وضو پورو ڪري سگهي. جيئن وضوءَ ۾ پنهنجا پير پڻ ڌوئي سگهي. ۽ جيڪڏهن پيرن کي نه ڌوئي موزن جي مسح ڪرڻ تي اهو پاڻي وضوءَ کي ڪافي ٿي وڃي ته اهڙي شخص جي حق ۾ مسح فرض آهي. ٻي شيءِ آهي ته جيڪڏهن پاڪ پاڻيءَ سان پير ڌوئي ٿو ته وقت نڪري ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن مسح ٿو ڪري ته اهو خوف ناهي ته ان وقت به موزن مٿان مسح فرض ٿئي ٿي. ٽيون آهي اهڙو حاجي جنهن تي وضو فرض آهي سو جيڪڏهن پيرن کي ڌوئي ٿو ته عرفات ۾ بيهڻ کي رسي نه ٿو سگهي ان سبب ڪري سندس وقت به ويندو ته ان سبب ڪري سندس حج به ويندو هليو، پر جي مسح نه ٿو ڪري ته پهچي ٿو وڃي ته اهڙيءَ صورت ۾ پڻ مسح فرض آهي ان طرح ڪتاب درمختار لکيو آهي.