ڪتاب جو نالو | فرائض الاسلام سنڌي |
---|---|
ليکڪ | مخدوم محمد هاشم ٺٽوي |
سنڌيڪار / ترتيب | مخدوم عبداللطيف |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-8194-98-7 |
قيمت | 500 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF (5931) E-Pub |
انگ اکر | 18 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 638171 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻيو ڪتاب عملي فرضن جي بيان ۾ آهي، ٻڌي ياد ڪجو، ته رب جي رحمت کان جهان ۾ روشناس ٿيو. فرض عملي جا ٻه قسم آهن. هڪڙا انهن مان بنا ڪنهن شڪ شبهي جي عام آهن، جن جو رحمان مڙني مڪلفن کي پابند بنايو آهي. ٻيا انهن مان اُهي آهن، جيڪي ڪن سان خاص آهن. جيئن: حيض ۽ نفاس جا فرض، جيڪي زالن سان خاص آهن. ۽ موزن جي مسح جا فرض جن جو بيان واضح آهي. ٻئي قسم جو مثال پڌري نشان وارو آهي ۽ جيئن پاڪائيءَ جا فرض پليتن لاءِ آهن.
ميان هاڻي مون کان فرض عملي ٻڌ، جيڪي ليکي جي لحاظ کان نو سؤ ٽيهه آهن. انهن کي ٻه قسم ٿو ڪريان من سالڪ ٻڌي. هڪڙو قسم رب ’ديان‘ وٽان فرض عين آهي، ٻيو قسم آهي فرض ڪفايه. ان جي بيان ڪرڻ خاطر ان جا ٻه باب ڪيا اٿم.
باب پهريون
فرض عين جي بيان ۾:
انهن مان ٽي سؤ چوڏهن جو ذڪر ڪيو اٿم، جڏهن ته شريعت جا فرض عين ان کان به مٿي آهن. پر هن رساله ۾ ايترا ذڪر ڪيا اٿم. پهرئين باب ۾ انهن کي ٻن قسمن ۾ ڪيو اٿم. پهريون قسم انهن جو آهي، جيڪي پنجن بنائن سان ظاهر ظهور تعلق وارا آهن. جن جو نالو ”اسلام جون پنج بنائون“ مشهور آهي. انهن مان ٻيو قسم اهڙو آهي، جن جو پنجن بنائن سان تعلق ناهي.
باب پهرئين جو پهريون قسم:
اهي فرض عين آهن، جيڪي رڪنن جي تعلق وارا آهن. جيڪي اسلام جي پنجن ظاهر ظهور بنائن سان تعلق وارا آهن.
(1) دل ۾ ويهارجانءِ ته پنجن بنائن مان پهرين آهي موليٰ جي هيڪڙائيءَ جي زبان سان شاهدي ڏيڻ، ۽ پڻ خير الوريٰ جي رسالت جي شاهدي ڏيڻ، صدق جي طريقي ۽ دل جي اعتقاد سان.
(2) نماز قائم ڪرڻ.
(3) رمضان جا روزا رکڻ.
(4) زڪوات ڏيڻ.
(5) حج ڪرڻ، موليٰ جي حڪم سان فرض آهي.
پر ٽي پهريان هر هڪ مؤمن عاقل بالغ تي حڪيم جي حڪم سان، اهي غني هجن يا فقير، فرض آهن. پر ٻه پويان فرض حج ۽ زڪوات صرف شاهوڪارن تي فرض آهن. فقيرن تي اهي هرگز فرض ناهن. بلڪه شاهوڪارن مان جيڪي عاقل بالغ هوندا تن تي اهي فرض آهن.
ان کان پوءِ تون اهو ڄاڻ ته پنجن رڪنن جا ڪي فرض اهڙا آهن جن جو انهن پنجن رڪنن سان تعلق آهي ۽ ڪي فرض اهڙا آهن، جيڪي پنجن رڪنن جي شرطن سان تعلق رکن ٿا. جيئن: وضوءَ جا فرض، جيڪو نماز جو شرط آهي. ان ڪري پهرئين باب جو پهريون قسم ارڙهن فصلن ۾ ورهائي ڀاڱا ڪيو اٿم.
پهريون فصل
وضوءَ سان تعلق رکندڙ فرضن جي بيان ۾
موچارا مؤمنو! انهن جو بيان ٻڌو، ته وضو نمازن ۽ ٻين شين لاءِ فرض ٿيو آهي. جن جو بيان ڪتابن ۾ پڌرو ٿيل آهي. وضوءَ جا مڙئي فرض ستونجاهه آهن. جن کي هن کان پوءِ بيان ڪندس.
اهل اسلام تي وضو سارڻ نون ماڳن تي فرض ٿيو آهي ۽ وضوءَ جي فرضيت جا سترهن سبب آهن. ان ڪري وضو ۽ ان سان متعلق فرض ليکي سان ٽياسي ٿين ٿا. پهريائين ستونجاهه فرضن جو بيان ڪريان ٿو. ماڳن ۽ سببن جو ان کان پوءِ بيان ڪندس.
(1) منهن ڌوئڻ.
(2) ٻانهون ڌوئڻ، آڱرين جي مٿن کان ٺونٺين تائين.
(3) مٿي جو ڪجهه حصو مسح ڪرڻ آلي هٿ سان.
(4) اهو ڪجهه حصو چوٿين پتي مٿي جي آهي، صحيح قول هن طرح آهي.
(5) پيرن جو ڌوئڻ، ان شخص لاءِ جنهن موزا نه پاتا آهن. پيرن ۾ ٻه پورا موزا پاتائين ته ان تي موزن جي مسح فرض ٿي ويندي. ان کي الله ڌوئڻ جي جڳهه تي رکيو آهي.
(6) کاڏيءَ ۽ ڳلن مٿان ڏاڙهي جي جڳهه پهريون ڀيرو ڌوئڻ فرض آهي.
(7) جن جي ڏاڙهي ڇڊڙي آهي تن جي ڏاڙهيءَ جي اندران ۽ ٻاهران کاڏيءَ ۽ ڳلن برابر حصي کي ڌوئڻ فرض آهي. پر ڇڊڙيءَ ڏاڙهيءَ جي کاڏيءَ سڄيءَ توڙي چوٿين حصي تي صحيح قول مطابق مسح ڪرڻ بنهه ڪافي ناهي. ڪتاب بحر ۽ امداد الفتاح توڙي ٻين ڪتابن ۾ اهڙو مذڪور آيل آهي.
(8) جنهن جي ڏاڙهيءَ جا ٻه قسم آهن ڪجهه حصو گهاٽو ۽ ڪجهه ڇڊو آهي ته ان جي حق ۾ فرض اهو آهي ته گهاٽي حصي کي پهريون ڀيرو ڌوئي ان کي اندران ڌوئڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي، جيڪا ڇڊي آهي ان کي اندران ٻاهران ٻنهي طريقن سان ڌوئي. ابن الشحنه ان کي شرح هدايه ۾ آندو آهي.
(9) هيٺئين چپ جا وار گهاٽا هئڻ جي صورت ۾ صرف مٿان ڌوئڻ فرض آهي اندران نه.
(10) هيٺئين چپ جا وار (عنفقي) ڇڊا هئڻ جي صورت ۾ اندران ٻاهران ڌوئڻ فرض آهي.
عنفقي يعني هيٺئين چپ جي وارن جو به ڏاڙهيءَ وارو حڪم آهي. عنفقو اهڙن وارن جو نالو آهي، جيڪي هيٺئين چپ مٿان حڪيم جي حڪم سان ڄمن ٿا.
(11) اهڙو ئي هيءُ فرض به ٻڌي ياد ڪجان ته گهاٽن مڇن جو پڻ گهاٽي عنفقيءَ وارو حڪم آهي.
(12) ڇڊين مڇن جو پڻ اهڙو ئي حڪم آهي، جهڙو ڇڊي عنفقيءَ جو.
(13) گهاٽن ڀُرن جو پڻ اهڙو ئي حڪم آهي جهڙو گهاٽي عنفقيءَ جو.
(14) ڇڊن ڀُرن جو پڻ اهڙو ئي حڪم آهي جهڙو ڇڊي عنفقيءَ جو.
(15) ٺونٺين جو ڌوئڻ پڻ فرض آهي.
(16) ڳرين جو ڌوئڻ پڻ فرض آهي.
(17) ان جڳهه جو ڌوئڻ پڻ فرض آهي جيڪا ڪنن ۽ عذار جي وچ تي آهي. عذار ان جڳهه جو نالو آهي جتي ڏاڙهيءَ جا وار ڄمن ٿا. وچ تي وار بيٺل هجن يا نه ئي هجن.
(18) اهو هنڌ ڌوئڻ جيڪو اڳين ڀرن وچان، اکين مٿان ۽ ڀرن هيٺان آهي.
(19) نڪ جي چونٽي جنهن کي عربيءَ ۾ وَتَرُ ٿا چون چپن جي مٿان ان کي ڌوئڻ فرض آهي.
(20) چپ ڀڪوڙڻ کان پوءِ جيڪي ظاهر حصا چپن جا آهن، تن کي ڌوئڻ فرض آهي.
(21) هٿ مان سوڙهي منڊي لاهڻ يا پنهنجي جاءِ تي چورڻ فرض آهي.
(22) سوڙهي ٻانهين (چوڙي - ڪنگڻ) چورڻ يا لاهڻ فرض آهي. انهن ٻنهي جو چورڻ يا لاهڻ ان سبب ڪري آهي ته پاڻي سڄي جسم کي پهچي.
هِنِئونُ پنڄاڻان = هن کان پوءِ. اِنِهُو پُنڄاڻان = انهيءَ کان پوءِ. هَري ٿئل = آلي ٿيل. پهري پارا = پهرئين ڀيري. هَرِئو = آلو. منجهان = اندران. اَپُڙنِ ٿا = ڄمن ٿا.
(23) آڱرين جو آلن هٿن سان خلال ڪرڻ، هٿ جون هجن يا پيرن جون، ساري سمجهه سان ڪرڻ فرض آهي؛ جيڪڏهن جسم ڌوئڻ وقت انهن کي پاڻي نه پهتو هجي ته. پر جي گوشت سببان آڱريون گڏيل هجن ته پاڻي نه رسڻ سببان انهن جو خلال فرض نه چئبو.
(24) پچين هيٺان پاڻي پهچائڻ جيڪي اکين کان ٻاهر پاسن کان پيون آهن.
(25) اکيون ٻه پاسا ساري سنڀالي ڌوئڻ فرض آهي.
(26) هٿ ۾ جيڪا زائد آڱر هجي ان جو ڌوئڻ به فرض آهي، ۽ زائد هٿ جو ڌوئڻ پڻ فرض آهي، ۽ زائد پير جو ڌوئڻ پڻ فرض آهي، اهڙيءَ طرح جيڪي به اهڙيون شيون آهن جيڪي اهڙي جڳهه تي پيدا ٿيون آهن جن جو ڌوئڻ فرض آهي. تن جو ڌوئڻ فرض آهي.
(27) ڦٽ واريءَ جڳهه تي آلو هٿ مکڻ (مسح ڪرڻ) به فرض آهي. ڦٽيل جسم مٿان بنا جبيرة جي مسح ڪرڻ فرض آهي؛ جيڪڏهن ڦٽ جي ڌوئڻ ۾ ڪو نقصان هجي ته. ”جبيرة“ اهڙين ڪاٺين کي ٿا چون جيڪي ڦٽ مٿان ٻڌجن ٿيون.
(28) آلو هٿ جبيرة تي مکڻ پڻ فرض آهي. جيڪڏهن ڦٽ يا پٽيءَ مٿان ڌوئڻ سان يا مسح ڪرڻ سان نقصان ٿو ٿئي، ته مک ڪجي؛ پر جڏهن جبيرة ۽ پٽيءَ تي مسح ۾ ڪو ايذاءَ نه هجي.
پر جيڪڏهن چپڙي ۽ پٽيءَ تي مسح ۾ پڻ ڏکيائي آهي، ان سببان ماڻهوءَ کي نقصان ٿئي ٿو يا ان جڳهه تي مسح ۾ ته ڪو نقصان ڪونهي؛ پر ان پٽيءَ کي ڇوڙڻ ۾ نقصان ٿئي ٿو. جيڪڏهن چپڙي ڇوڙڻ ۾ نقصان ٿئي ٿو يا ڇوڙڻ ۾ نقصان نه ٿو ٿئي؛ پر موٽائي ان کي ٻڌڻ ممڪن ناهي، ڇوڙڻ کان پوءِ ڦٽ تي ٻڌي نه سگهجي يا ڦٽ اهڙي جڳهه تي آهي جتي پٽي ٻڌڻ ممڪن ناهي، جيئن نڪ يا ڪن جو اهو اندريون حصو جنهن جو غسل وقت ڌوئڻ فرض آهي، ان اندرئين جاءِ جو ڌوئڻ توڙي مسح ۾ واضح نقصان آهي، ته انهن چئني صورتن ۾ ڌوئڻ فرض ناهي. پر چئني صورتن مان پهرين صورت ۾ ان جاءِ جو مسح پڻ فرض نه چئبو، ته چپڙيءَ ۽ پٽي تي مسح پڻ فرض ناهي. ٻي صورت جو حڪم اهو آهي ته جنهن جڳهه جو ڌوئڻ فرض نه چئبو. چپڙيءَ ۽ پٽي تي مسح پڻ فرض ناهي. ٻي صورت جو حڪم اهو آهي ته جنهن جڳهه جو ڌوئڻ فرض ناهي، تنهن جڳهه جي مسح ڪرڻ پڻ ڪڏهن به فرض نه چئبي؛ پر ان صورت ۾ چپڙين ۽ پٽيءَ تي مسح فرض آهي. ٽين صورت جو پڻ اهو حڪم آهي ۽ چوٿين صورت ۾ به جنهن ماڳ جو ڌوئڻ فرض ناهي، تنهن کي مسح ڪرڻ بنهه فرض ناهي ۽ پٽيءَ ۽ چپڙيءَ تي پڻ فرض ناهي. اهو عضوو شريعت جي حڪم ۾ ناهي جنهن تي چپڙي ۽ پٽي ٻڌڻ ممڪن ناهي.
(29) وضوءَ جي عضون مان جنهن جا گهڻا عضوا، صحيح ۽ چڱا ڀلا هجن، انهن مان ٿورڙا ڦٽيل هجن. ان جي حق ۾ اهو طريقو فرض آهي ته چڱن ڀلن عضون کي ڌوئي ۽ ڦٽيل عضون جي مسح ڪري. آلن هٿن سان ضرورت جي سببان.
(30) جيڪڏهن مٿين صورت ۾ عضون مٿان مسح نه ڪري سگهي ته چڱن ڀلن عضون جو ڌوئڻ فرض ۽ ڦٽيل عضون جي پٽيءَ ۽ چپڙيءَ تي مسح ڪرڻ، جيڪڏهن ممڪن هجي ته فرض آهي، جي ممڪن نه هجي ته ڌوئڻ توڙي مسح ڪرڻ ٻئي قسم معاف ٿيا.
(31) انهن مان پروڙجانءِ ته جنهن شخص جا چڱا ڀلا عضوا ۽ ڦٽيل عضوا برابر هجن ته ان جو حڪم ائين آهي جيئن اڻٽيهه ۽ ٽيهه ۾ لکيم.
هتي اهو تفصيل جاري ڪج جيڪو بيان ڪيم. پر ڪتاب امداد الفتاح هن طرح لکيو آهي ته برابريءَ جي صورت ۾ اهو به صحيح آهي ته مڙني عضون جو پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪري. تن مان ڪنهن کي به هيج منجهان ڌوئي نه جيتوڻيڪ وضوءَ ۽ غسل جيترو پاڻي موجود به هجي.
ڳريا = ڳراٺڙي ڪنن ۽ ڏاڙهيءَ جي پٽيءَ کان هيٺ واري جڳهه. ٻانهين = چوڙي، ڪنگڻ وغيره. انڱري مجروح مٿي = ڦٽيل جسم مٿان.
(32) جنهن شخص جا مڙئي عضوا ڦٽيل آهن. يا اڪثر ڦٽيل آهن. تنهن جي حق ۾ تيمم فرض آهي. ان کي سندس چڱا ڀلا عضوا ڌوئڻ ڪمِ نه ايندا. اهو بيڪار ۽ بي سود ٿيندو. چڱن ڀلن عضون توڙي ڦٽيل عضون جو تيمم سڀني کي ڪافي ٿي ويندو.
هيءُ سڄو امام اعظم جو مذهب آهي. امام شافعيءَ جي مذهب ۾ چون ٿا ته هيءُ حڪم آهي ته چڱن ڀلن عضون جو ڌوئڻ فرض آهي، ۽ ڦٽيل عضون جو تيمم فرض آهي، منهنجو رب رحمت ڪرين پنهنجي فضل سان. پڻ اهڙي صورت ۾ چڱن ڀلن عضون جو ڌوئڻ ۽ ڦٽيلن جي مسح ڪرڻ درست نه چئبو. عالم ان امرتي متفق آهن. وضوءَ جي عضون ۾ جيڪو تفصيل گذريو اهوئي تفصيل غسل وقت به ٿيندو، انهن جو بيان هن پٺيان اچي ٿو. غسل جي فرضن جي بيان ۾.
(33) ان جو بيان هيءُ آهي ته جنهن شخص جا ٿورڙا عضوا ڦٽيل هجن ۽ گهڻا عضوا چڱا ڀلا هجن؛ پر ان کي ڦٽ ٻنهي هٿن ۾ هجي؛ هٿن کي پاڻيءَ جي سببان نقصان ٿو پئي، ته اهڙي ماڻهوءَ جي حق ۾ تيمم فرض آهي؛ جيڪو مڙني عضون لاءِ ڪافي ٿي ويندو. چڱن ڀلن عضون کي ڌوئڻ ۽ ڦٽيلن کي مسح ڪرڻ جو ڪوبه فائدو ڪونهي؛ اهو امام اعظم جو مذهب مبارڪ آهي، ۽ پڻ چڱن ڀلن عضون جو ڌوئڻ ۽ ڦٽيلن جو مسح ڪرڻ درست ناهي.
(34) سڀ عضوا جن جو ڌوئڻ الله پاران فرض ڪيو ويو آهي تن جو ميڙڻ فرض آهي ته جيئن انهن جي ڌوئڻ کان ماڻهو رهجي نه وڃي. جي انهن مان ڪو ماڳهين رهجي ويو، تر جي داڻي جيترو يا سئي جي مٿي جيترو، عضون مان ڌوئڻ کان رهايو هوندائين ته ان جو وضو ماڳهين درست نه ٿيندو.
ضرر = نقصان، ضرر. پاڻ منجهيءَ نڪ جو = نڪ جو اندريون پاسو. منجهي پار ڪن کان = ڪن جي اندرئين پاسي کان. هيج = محبت، سڪ.
(35) وضوءَ جي فرضن مان الله جي حڪم سان هيءُ به فرض آهي ته مؤمن پنهنجي عضون تان اهڙي شيءِ لاهي ڇڏي جيڪا پاڻي رسڻ کان روڪيندڙ هجي. جيئن ڳوهيل اٽو، ميڻ، مڇيءَ جو ڇلر جيڪو لڱن کي لڳو آهي يا ڪابه اهڙي شيءِ، جنهن جي سببان وضوءَ وقت لڱن کي پاڻي نه پهتو ته اهو وُضو هرگز صحيح نه ٿيندو.
(36) جنهن شخص جي هڪڙي ٻانهن آهي، ٻي ماڳهين موجود ڪانه اٿس يا ڪنهن شخص جو هڪڙو پير آهي، ٻيو ڪونه اٿس، ته ان جي حق ۾ اهو فرض آهي ته هڪڙو پير ڌوئي ۽ هڪڙي ٻانهن. ان مٿان ٻئي جي ڌوئڻ جي ذميواري لهي ويندي.
(37) جنهن شخص جو ٻانهه يا پير مان ڪو هڪ عضوو وڍيل آهي، پر پير يا ٻانهه مان ايترو بچيو اٿس جنهن جو وضوءَ سببان ڌوئڻ فرض ٿئي ٿو، ته ان جي حق ۾ اهو فرض ٿا لکن ته بچيل عضوي کي ڌوئي ۽ ان تان پاڻي وهائي ۽ جيڪڏهن ان جو پير مُرين جي مٿان وڍجي ويو يا ڪنهن جي ٻانهه ٺونٺ کان مٿي وڍجي وئي ته ان عضوي جو ڌوئڻ لهي ويو ۽ ڪوبه فرض ماڻهوءَ تي رهجي نه ويو.
(38) فرض جيڪو آهي ان جو تون بيان ٻڌ: ته جنهن شخص جون ٻئي ٻانهون ٺونٺين کان وڍيل هجن ۽ ان جا ٻئي پير مرين کان وڍجي ويل هجن ته ان جي حق ۾ وضوءَ جي عضون مان فرض، منهن ڌوئڻ ۽ مٿي جي مسح ڪرڻ آهي. پر غسل جي عضون مان ٻانهن ۽ پيرن کان سواءِ جيڪي به عضوا آهن تن سڀني جو ڌوئڻ فرض آهي. پر اهو حڪم تڏهن آهي جڏهن اهڙي شخص لاءِ مسح ڪرڻ ۽ ڌوئڻ ممڪن هجي. جيڪڏهن انهن لاءِ اهڙو ڪم ممڪن ناهي ته ان جي حق ۾، ٻنهي صورتن ۾ مٽيءَ سان تيمم ڪرڻ فرض چون ٿا.
(39) فرض آهي پاڻي رسائڻ آڱرين جي منهن ۽ وڏن نهن هيٺان، جيڪي وڌي آڱرين جي مٿان اچي ويا آهن.
(40) فرض آهي وضوءَ جي عضون تي پاڻي وهائڻ، جن جو ڌڻيءَ طرفان ڌوئڻ فرض آهي، جيڪڏهن ڪنهن عضوي تي پاڻي نه وهايو ويو ته وضو درست نه ٿيندو.
(41) فرضن منجهان هيءُ ٻڌي ياد ڪجان ته وضو مطلق پاڻيءَ سان ڪجي. جيئن مينهن جو پاڻي يا درياهه جو، مٺو هجي يا کارو، کوهه جو پاڻي هجي يا نار جو پاڻي هجي. مقيد پاڻي سان وضو درست نه ٿيندو. جيئن گلاب جو پاڻي يا ميون جو پاڻي يا وڻن جو پاڻي جيڪو انهن مان ٽمي گڙندو هجي، ۽ وضو ڪنهن پٽڙي شيءِ سان به جائز ناهي جيئن کير، ماکي يا چانهه.
(42) فرض آهي پاڻيءَ جو پاڪ هئڻ، پليت پاڻيءَ سان وضو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ پاڻي بنهه نه لهي. ان وٽ پليت پاڻي موجود آهي ته ان جي حق ۾ تيمم ڪرڻ فرض آهي. پليت پاڻي حڪم جي لحاظ کان محروم چئبو يعني جهڙو آهي تهڙو ناهي.
(43) فرض آهي ته پاڻي اهڙو هجي جيڪو پاڪ ڪندڙ هجي. عضوا پاڪ ڪري ۽ پليتي زائل ڪري. جيڪڏهن ڪنهن وٽ استعمال ڪيل پاڻي آهي جنهن سان اڳ ۾ وضو يا غسل ڪيو اٿس ته ان سان وضو بنهه درست نه چئبو الله جي حڪم سان.
(44) اهو پاڻي مشڪوڪ نه هجي. جنهن جي پاڪ ڪرڻ ۾ شڪ هجي. جيئن گڏهه جي اوبر، يا خچر جي اوبر جنهن جي وصف اها آهي ته ان جي ماءُ گڏهه جي قسم جي مادي هجي. جيڪڏهن اهڙي اوبر کان سواءِ ٻيو پاڻي نه ملي ته شريعت ۾ هن طرح فرض آهي ته وضو ۽ تيمم ٻئي ڪري. هن طرح ته اوبر سان وضو به ڪري ۽ تيمم به ڪري. وضو تيمم کان اڳ ڪري يا پوءِ ئي ڪري. جيڪڏهن ڪو ماڻهو فرض يا نفل نماز اهڙي وضوءَ سان بنا تيمم جي پڙهي يا تيمم سان بنا وضوءَ جي پڙهي ته اها نماز حڪيم جي حڪم سان درست ناهي. پر اهڙي نماز پڙهندڙ لاءِ ٻه طريقا درست آهن هڪ ته اهڙي پاڻيءَ سان وضو ڪري ۽ تيمم به وضوءَ سان گڏ ڪري ان کان پوءِ نماز پڙهي ٻيو ته ان پاڻيءَ سان وضو ڪري ان سان نماز ۽ عبادت ڪري ان کان پوءِ تيمم ڪري ۽ نماز موٽائي. ان ۾ پهريائين وضو ڪري نماز پڙهي يا تيمم ڪري نماز پڙهي ٻئي درست آهن. دين جا مسئلا ٻڌي ياد ڪج.
(45) فرض ٻڌي ياد ڪجان ته وضوءَ جو پاڻي مخلوط نه هجي؛ ڪنهن اهڙي شيءِ سان جيڪا پٽڙي آهي. جيئن: کير، سرڪو يا اهڙي ڪاٻي شيءِ جيڪا پاڻي تي غالب هجي. يعني پاڻيءَ جا جزا ان شيءِ کان ٿورا هجن.
(46) اهڙو پاڻي نه هجي جو ملاوٽ سببان ان جي پٽڙائي هلي وئي هجڻ جيئن پاڻيءَ سان ڪا گهاٽي شيءِ گڏجي وئي. پر اها شيءِ پاڪ هجي.
(47) اهڙو پاڻي نه هجي جنهن ۾ ڪا شيءِ پچائي وئي هجي. جيئن چڻا گوشت ۽ اهڙي ڪا ٻي شيءِ ۽ پوءِ اهو گهاٽو ٿي ويو هجي ۽ سندس پٽڙائي ختم ٿي وئي هجي.
(48) مٿي جي چوٿين حصي جي مسح هڪ آڱر يا ٻن آڱرين سان نه ڪري، پر جي ٽن آڱرين سان ڪري ته جائز آهي، گهٽ جائز ناهي. پر جي هر ڀيري هڪ يا ٻه آڱريون آليون ڪري، تازي آلاڻ سان ۽ هر ڀيري نئين جڳهه مسح ڪري ۽ ان طرح چوٿون حصو مسح جو پورو ڪري وٺي ته ان صورت ۾ مسح صحيح چئبي، شارع جي حڪم سان. اهوئي صحيح قول آهي، جنهن تي فتويٰ آهي.
(49) فرض ساري ياد ڪجان ته جنهن پاڻيءَ سان وضو ڪجي سو ان ڪم لاءِ تازو ورتل هجي، ۽ ڪنهن عضوي، جنهن جو ڌوئڻ فرض هجي، تنهن جي ڌوئڻ کان پوءِ هٿ ۾ اهو باقي هجي. عضون ڌوئڻ يا مسح ڪرڻ لاءِ اهڙن قسمن جو پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو عضوو وضوءَ وقت ڌوئي يا مٿي جي مسح ڪري اهڙي پاڻيءَ منجهان جيڪو وضو ڪندڙ جي هٿ ۾ مٿي جي مسح يا موزن جي مسح يا چپڙيءَ جي مسح کان پوءِ بچيو آهي ته اهو وضو الله جي حڪم سان درست نه ٿيو. پڻ اهڙي شخص جو وضو درست نه چئبو، جيڪو انهيءَ عضوي کان پاڻي وٺي، جنهن کي ڌوئڻ چاهي ٿو، ٻن هٿن کان سواءِ ڪنهن ٻئي عضوي لاءِ، ڌوتل عضوي کان اهو پاڻي وٺي يا مسح ڪيل عضوي کان وٺي، اهو ٽمندڙ هجي يا ان کي ٽمڻ جي قوت نه ئي هجي. البته ٻن ڪنن جو مسح ان کان مستثنيٰ آهي. انهن جو مسح ان آلاڻ سان ڪجي جيڪا هٿ ۾ مٿي جي مسح کان پوءِ بچي. اهو سنت طريقو آهي ٻڌي ياد ڪجان. هيءُ دين جا موچارا مسئلا آهن.
(50) فرض دل ۾ ويهارجان ته مٿي جي مسح انهن وارن تي ڪري. جيڪي مٿي جي حد ۾ آهن. جيڪڏهن انهن وارن کان مٿي مسح ڪيائين جيڪي مٿي جي حد کان ٻاهر آهن.
(51) فرض عالم هي ٿا چون ته جيڪڏهن مٿي تي وار ڪونه آهن، جن تي مسح ڪري ۽ مٿي کي وارن جو ڳوڙهو ويڙهيل آهي جيڪڏهن ان تي مسح ڪيائين ته مسح مسئلي جي لحاظ کان درست نه چئبو.
(52) وضوءَ جو فرض آهي. پنهنجي جسم کي وضوءَ کي ڀڃندڙن کان روڪڻ جيئن: هوا جو نڪرڻ، پيشاب نڪرڻ، پوئينءَ واٽ مان ڪجهه نڪرڻ ۽ ننڊ وغيره. اهڙي وضوءَ واري لاءِ اهو فرض چئبو ته وضوءَ ته شرعيءَ بنا اهڙو ڪم نه ڪري جيڪو درست ناهن.
اوبارو = اوبر. چونرا =
(53) جنهن شخص وٽ وضوءَ جو پاڻي نه هجي. ان تي فرض آهي ته پنهنجي سفر جي ساٿيءَ کان پاڻي گهري. پر اهو تڏهن، جڏهن سندس ساٿيءَ وٽ پاڻي موجود هجي ۽ کيس غالب گمان هجي ته گهرڻ سان اهو کيس پاڻي ڏيندو.
(54) پاڻي خريد ڪرڻ ان صورت ۾ فرض آهي جڏهن خريد ڪرڻ کان سواءِ پاڻي نه ملي سگهي ۽ وقت جي قيمت مطابق کيس پاڻي ملي سگهي. جيڪڏهن اهو پاڻي ٻيڻي قيمت کان گهٽ ٿا وڪڻن يا پاڻيءَ جي قيمت ٻيڻ ٿا گهرن ته ان وقت خريد ڪرڻ فرض ناهي. وٺڻ لاءِ هيءُ پڻ شرط آهي ته ماڻهوءَ وٽ قيمت ڀرڻ جي طاقت هجي. يعني وٽس ان خرچ کان مٿي ناڻو موجود هجي، جيڪو ضرورت وقت کيس گهربل ٿيندو. يا وقت ضرورت مزدورن لاءِ گهربل ٿيندو. ان ڪري جيڪڏهن ان کي ناڻي جي طاقت ناهي. انهن خرچن لاءِ پيسا موجود اٿس جن جو بيان ٿيو يا انهن لاءِ ڪونه اٿس ته اهڙيءَ صورت ۾ پاڻي خريد ڪرڻ ان تي بنهه فرض نه چئبو.
(55) اهڙي شخص جي حق ۾، جنهن جي هٿ يا پير ۾ ڦاٽڻ جي بيماري آهي، جنهن ۾ وَهه يا ملم ٿو وجهي، فرض آهي ته پاڻي ان ڦوٽ ۾ پهچائي، جيڪڏهن ان سان نقصان نه ٿئي ته، پر جي نقصان ٿئي ته پوءِ معاف آهي.
(56) فرض حڪيم جي حڪم سان هيءُ آهي ته نڪ جي سوراخ ۾ پاڻي پهچائجي.
هاڻي وضوءَ جا فرض پورا ٿيا. اي مؤمن طالب انهن کي ٻڌي ياد ڪجان. هاڻي مؤمنو! وضوءَ جون جڳهيون، جن ۾ وضو ڪرڻ فرض ٿئي ٿو، سي ٻڌو، اهڙيون جڳهيون ڳاڻاٽي ۾ نوَ آهن.
وضو ڪڏهن فرض ٿئي ٿو:
(1) انهن جڳهين مان آهي رڪوع سجدي واري نماز جو ارادو ڪرڻ. اها نماز وتر جي هجي، نفل جي هجي، فرض نماز هجي يا عيد نماز، سڀني لاءِ وضو فرض آهي.
(2) جنازي نماز جي ارادي ڪرڻ وقت وضو فرض آهي.
(3) تلاوت جي سجدي يا شڪر جي سجدي ڪرڻ وقت وضو فرض آهي.
(4) جاءِ جنهن ۾ وضو فرض آهي سا آهي مصحف کي ڪپڙي کان سواءِ هٿ لائڻ.
(5) مصحف جي لکڻ جي ارادي ڪرڻ وقت، غلاف کان سواءِ.
(6) اهڙي شيءِ کي ڇُهڻ مهل وضو فرض آهي جنهن ۾ قرآن جي هڪ پوري آيت لکيل آهي ۽ ٻيو ڪجهه به ان سان مليل نه هجي. جيڪڏهن ڪنهن ٻي شيءِ ۾ آيتن مان ٿورو لکيل آهي. يا ان ۾ پوري آيت لکيل آهي پر ٻئي ڪلام سان خلط ملط ٿيل آهي ته ان کي ڇهڻ مهل وضو فرض ناهي.
(7) ان شيءِ کي کڻڻ جي ارادي وقت وضو فرض آهي جنهن جي صفت اها آهي ته ان ۾ ڪا سڄي آيت لکيل آهي، پر جيڪڏهن ٻئي ڪلام سان ٿوري آيت گڏيل آهي يا پوري آيت ته ان کي کڻڻ لاءِ وضو فرض ناهي.
(8) جاءِ جنهن ۾ وضو فرض آهي، سا آهي، سڀ ڪنهن اهڙي وقت لاءِ وضو ڪرڻ، جنهن جي مٿان فرض نماز جو وقت آهي، اهڙي شخص جي حق ۾ جيڪو مؤمن معذور آهي. جيڪو شرع جي حڪم مطابق عذر وارو آهي ۽ وقت نڪرڻ سان ان جو وضو ڀڄي ٿو پوي ۽ جيستائين وقت باقي آهي، تيستائين ان جو وضو نه ٿو ڀڄي، پر جي رهيل وقت ۾ ڪو وضوءَ جو اهڙو ڀڃندڙ پيدا ٿيو جيڪو ان عذر کان سواءِ آهي ته پوءِ وضو ڀڄي پوندو.
(9) جڳهه جتي پڻ وضو فرض ٿئي ٿو، سا آهي سڀني نمازن جي وقتن ۾ اهڙي عورت لاءِ جنهن کي ويسر آهي. پنهنجي عادت جا ڏينهن وساري ٿي ڇڏي. کيس حيض جا ڏينهن ماڳهين ياد نه ٿا اچن، ته ڪيترا ڏينهن سندس عادت رهندي رهي آهي، ۽ پڻ اهو به ياد نه ٿو رهيس ته حيض ڪيترن ڪيترن ڏينهن کان پوءِ موٽي کيس ايندو هو ۽ هاڻي کيس دائمي رت جاري ٿيل آهي. پر اهڙي عورت لاءِ ڪن صورتن ۾ هر هڪ وقت لاءِ جيڪو فرض نماز جو وقت آهي. غسل ڪرڻ فرض آهي، وڏن ڪتابن ان جو تفصيل بيان ڪيو آهي.
وضوءَ جا سبب:
هاڻي وضوءَ جا سبب بيان ڪريان ٿو. جن جي ڪري مؤمن تي وضو فرص ٿئي ٿو. اهي سترهن سبب آهن.
(1) وضو فرض ٿيڻ جو سبب آهي ماڻهوءَ جي ٻن واٽن مان ڪنهن هڪ مان پليتيءَ يا پاڪ شيءِ جو نڪرڻ. جيڪڏهن اهو ماڻهو وضوءَ سان آهي، زندهه دنيا ۾ آهي، مئل ناهي. نڪرندڙ پليتي وهندڙ هجي يا وهڻ جي قوت نه رکندي هجي. نڪرندڙ پاڪ جيڪا بيان ڪيم ان جو مثال عالم چون ٿا هوا آهي. پر هوا جو اڳين واٽ مان نڪرڻ ڀڃندڙ ناهي اهو ٻڌي ياد رکجانءِ. عورت هجي يا مرد.
(2) ڪنهن پليت شيءِ جو ڪنهن ٻي جاءِ تان نڪرڻ. انسان بالغ جي ٻن واٽن کان سواءِ. جيئن: رت يا پونءِ يا ان جهڙي ڪا ٻي شيءِ جيڪا بنهه پليت آهي، پر ان ۾ وضو ڀڃڻ لاءِ شرط آهي ته اهو پليت وهندڙ هجي. پر جيڪو ننهن، ڪن يا اک منجهان ماڻهوءَ کي نڪري پر ان جي نڪرڻ ۾ ڪو سور به نه ٿئي ته اهو وضوءَ کي نه ڀڃندو.
(3) رت جو جر (سڱيءَ) هڻائڻ يا ڪنهن وڏي ڪيڙي سببان نڪرڻ.
(4) اهڙي هوا ٿا چون جيڪا عورت يا مرد کي پوئين واٽ کان اچي. پر جي هوا مرد يا عورت کان اڳين واٽ سان نڪري ٿي ته وضو نه ڀڄندو.
(5) ڪيڙي جو پٺئين پاسي کان نڪرڻ، يا ٻن واٽن مان هڪ واٽ سان نڪرڻ.
(6) وضوءِ ڀڄڻ جو آهي الٽي، جيڪا نڪرڻ وقت ڀريل وات سان هجي.
(7) وات مان ٿڪ سان نڪرندڙ رت، ٿڪ کان گهڻو هجي يا برابر.
(8) ان شخص جي ننڊ، جيڪو ٽيڪ ڏنل آهي. پاسي ڀر ستل هجي، پٺ تي هجي يا پيٽ تي ستل هجي. ۽ اهڙي شخص جي ننڊ، جيڪو اهڙي شيءِ تي ٽيڪ ڏئي ستو آهي، جو جيڪڏهن اها پاسي ڪجي ته ڪري پئي ۽ اهڙي ويهندڙ جي ننڊ جنهن جي مقعد (ويهڻ جي جاءِ) ٽڪيل نه هجي. ۽ اهڙي سجدي ڪندڙ جي ننڊ، جنهن سجدي سنت جو قصد ته ڪيو آهي پر ان کي ادا نه ڪيو ته اهي مڙئي ننڊ جا قسم وضوءِ جا ڀڃندڙ آهن.
(9) اونگهه اچڻ، گهڏڻ.
(10) چريائي.
(11) نشي واري شيءِ پيئڻ سان پيدا ٿيندڙ نشو يا مستي. پوءِ اها شراب جي هجي يا ڪنهن ٻئي نشي واريءَ شيءِ جي.
(12) بالغ جو جاڳ جي حالت ۾ رڪوع سجدي واريءَ نماز ۾ ٽهڪ ڏيڻ، وضو ڀڃندڙ آهي؛ پر جي ڪو نوجوان بالغ جنازي نماز ۾ ٽهڪ ڏئي، ته وضو نه ڀڄندو. ٽهڪ هڪ اهڙي کلڻ کي چئبو آهي جنهن جو آواز سامهون وارا ٻڌن.
(13) مباشرت فاحشه (زال سان شهوت جي حالت ۾ کيچل ڪرڻ) ڀل ڪابه آلاڻ وغيره نه ئي پيدا ٿئي.
(14) پاڻي، پونءِ يا رت گڏيل پاڻي جو دن، اک يا ڪن، منجهان نڪرڻ؛ پر اهو سور سان نڪري؛ جي سور کان سواءِ نڪتو ته وضو نه ڀڄندو.
(15) ڪپهه جي ٻاهرئين پاسي کان آلاڻ ٿيڻ سان اهڙيءَ طرح اهڙي ٻي شيءِ به جيڪا هجي ان جو به اهوئي حڪم آهي.
(16) ڪپهه جي ٻڙي جو الاڻ سان ڪرڻ، ان جي آلاڻ اندرئين پاسي کان هجي يا ٻاهرئين پاسي کان هجي. ٻنهي صورتن ۾ وضوءِ جو سبب ٿيندو آهي.
(17) عذر واري ماڻهوءَ لاءِ وقت جو نڪري وڃڻ به ڀڃندڙ چون ٿا. هن جاءِ تي وضوءِ جا مڙئي فرض پورا ٿيا. مؤمن موچارؤ! انهن کي ٻڌي ياد ڪريو.