سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (562) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     64679   ڀيرا پڙهيو ويو

سنڌي ٻولي ۽ شاھھ جو رسالو


شاھھ عبداللطيف کي، اڪثر سنڌي، سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ۽ سنڌ جو ھڪ ناليرو درويش ڪري ٿا ليکين، پر سندس درجو، ان کان گھڻو اوچو آھي. مان نڪي ڪو عالم آھيان، نڪي ڪا روحاني راھھ ۾ ڪا وک کنيل اٿم. لوڪن سنئون، شاھھ صاحب جي رھڻي ۽ چوڻيءَ جي ڪجھھ ٿوري ڄاڻ اٿم. پر اِنھيءَ ٿوريءَ ڄاڻ بھ، مون کي انھي درجي تي رسايو آھي، تھ شاھھ عبداللطيف جي حقيقي جڳھھ، اتر پرديش جي ڪبير، راجسٿان جي ميران ٻائيءَ، مھاراشٽر جي رامداس ۽ ٽڪارام، بينگال جي چيتن ديو، آسام جي شنڪر ديو، گجرات جي نرسي ميھتا جھڙن نامور سنت- ڪوين، ڌڻيءَ جي نماڻن ڀڳتن ۽ درويشن جي قطار ۾ آھي. ٻوليءَ جي لحاظ کان، شايد، شاھھ انھن مان گھڻن کان اڳرو ئي آھي.

شاھھ صاحب جي ڪلام کي، سنڌي ٽن نمونن ۾ ٿا ڪتب آڻين. ھرڪو پنھنجي من جي گھڙت پٽاندڙ ڪي عمر مارئي، سسئي پنھون، سھڻي ميھار ۽ ليلا چنيسر جا بيت پڙھي سڻي، دنيوي پيار جي جذبن کي اٿاري، دل بھلائين ٿا. پر ٻيا، انھن بيتن جي سچيءَ روحاني معنيٰ وسيلي، پنھنجي من کي ڌيرج ۽ سھارو ٿا ڏين ۽ آتمڪ (روحاني) واٽ ڏي وک ٿا وڌائين. ڪي وري شاھھ جي رسالي کي، سنڌي ٻوليءَ جي اونھي کاڻ سمجھي، ان کي سندس ساھت جو بھترين ڪتاب ڪري ليکين ٿا.

اِھا حقيقت آھي تھ شاھھ صاحب کي جوانيءَ ۾ دنيوي عشق جي چوٽ لڳي ھئي، پر ستت ئي ڪن ساڌن جي سنگت، سندس تتل ھينئين ۽ منجھيل من کي شانتي ڏني ۽ سندس دل عشق حقيقيءَ ڏي موڙي. سو شاھھ صاحب، پنھنجي رسالي ۾، سنڌ جي عاشقاڻين لوڪ- ڪھاڻين کي آتمڪ (روحاني) رنگ چاڙھي، پاڻ سان توڙي اسان سان، نھ دنيوي پريم جي، پر سچي روحاني رھاڻ ڪئي آھي.

جي تون بيت ڀائيين، سي آيون آھين.

شاھھ جو رسالو، بيشڪ، سنڌي ٻوليءَ جي کاڻ آھي، پر، شاھھ صاحب، سنڌيءَ جي ڄاڻ ڦھلائڻ لاءِ، پنھنجا بيت ڪو نھ چيا، شاھھ ڪريم بلڙيءَ واري جيان ھن جي ليکي بھ:

”لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين“

شاھھ جي رسالي جي اونھي عميق ۾، جيڪڏھن ڪو ٽوٻو ٽٻي ڏيئي وڃي ترو جھلي، تھ جيڪر اڻميون سپون سوجھي لھي. من جي ھر مرض جي دارونءَ سان، رسالي جا بيت ڀريا پيا آھن. اِھي بيت، ٿڙڪندڙن لاءِ جھلو آھن، ٻڏندڙن لاءِ ترھو، انڌن لاءِ لٺ. خود سنساري جيون ۾ سڀ لاءِ جيڪي گڻ گھرجن، تن جي سکيا ور ور انھن بيتن ۾ سمايل آھي. روحاني توڙي اخلاقي ترقي، ٻنھي لاءِ، شاھھ جي رسالي جي رھبري بي بھا آھي. نٻلن کي ٻل ٿو ڏئي، نراسن کي آسرو، ھيسيلن کي ھمٿ.

ورھيھ ٿيا تھ پنھنجي دوست ۽ ھمراھھ، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام سان، ھڪ ڏينھن اچي جيل جي زندگيءَ جون ڳالھيون نڪتيون. ٻنھي کي قيد خاني جو چڱو آزمودو ھو. پڇيومانس تھ ”جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ دک سھندي، ڌڻيءَ اڳيان ڪھڙي پرار ٿنا (عبادت) ڪندو ھئين؟“ مون ڀانيو تھ وراڻي ڏيندو تھ ”سڄيءَ گيتا جو پاٺ ڪندو ھوس.“ پر چيائين تھ ”مان تھ ھڪ صوفياڻو بيت ۽ ھڪ گيتا جو سلوڪ، انھن مان ئي جيڪي کتم ٿي، سو پرائيندو ھوس.“

نيرانائي نيڻ، نيئي آڇ پرينءَ کي،

ستر کاڌا کيڻ، جھ ڏٺو منھن محبوب جو.

اِھا پرارٿنا، شاھھ صاحب ٻين اکرن ۾ بھ چئي آھي:

ناسيندي نگاھھ، پھرين ڪج پرين ڏي.

جڏھن شاھھ صاحب بيت ٺاھيا، تڏھن نڪي دنيوي عاشق خيال ۾ ھئس، نڪي سنڌي ادب جا شائق. ھن تھ پنھنجي روحاني ترقيءَ لاءِ، روحي پيچرن تان پير ڇلائيندي، پنھنجا روزانا تجربا ۽ ويچار، پنھنجي ھنڍائڻ خاطر ۽ ان اڙانگي سفر ۾ پنھنجن ساٿين جي رھنمائيءَ لاءِ، انھن بيتن جي صورت ۾ ٻڌايا آھن. جي شاھھ جي رسالي کي، اسين اِنساني پيار جي امنگن کي تازو ڪرڻ لاءِ، يا رڳو سنڌي ٻوليءَ سکڻ لاءِ، ڪم ٿا آڻيون، تھ پوءِ سندس ڪلام جو درجو ڪيرايون ٿا. سندس رسالو، ھڪ اھو روحاني ۽ اخلاقي چشمو آھي،  جنھن مان پڪون، ڪي ڍڪ، اھي پيئن، جن کي آتمڪ اساٽ (روحاني اڃ) ھجي، جيڪي سنسار ۾ رھندي، حق جي واٽ تي ھلڻ گھرن، جيڪي وھنواري- عام ڪي زندگي- زندگيءِ جي جنگين ۾ مڙس ٿي لڙڻ چاھين، جن کي دنيا خوب ڌوڏا لوڏا ڏيندي رھي ٿي، تھ بھ، ھو ڳاٽ اوچو- پير سالم، اِئين بيھڻ جي تمنا رکن.

اڄ گيتا جي سلوڪ سلوڪ تي، مھاتما گانڌي، ونوبا ڀاوي ۽ کانئن اڳ، انيڪ ڄاڻن ۽ ودوانن جون آتمڪ (روحاني) نقطھ نظر کان ٽيڪائو (تشريحون) ڪيل آھن. اھي ٽيڪا ڪيل گيتائون، لکن جون جيون آڌار آھن. شل اھو ڏينھن جلد اچي، جڏھن شاھھ صاحب جي چونڊ ڪلام جي ھڪ ھڪ بيت تي ڪي سگھڙ ڄاڻو، زندگيءَ مان مثال وٺي، روحاني شرح لکن! اھڙا ننڍا رسالا، لکن جي سونھپ ڪندا ايندا، تھ تڪليفن جي طوفان وسندي، من جي خوشي ۽ صبر ۽ صبر جي نعمت ڪيئن ھٿ ڪجي.

شاھھ عبداللطيف، پنھنجي روحاني ڪلام کي، سنڌي زبان جو ويس پھرايو، جا ٻولي سندس زماني ۾، ماڻھن جي چپن تي چالو ھئي، سائي جھٽي پنھنجن بيتن لاءِ ڪتب آندائين. ننڍا، مٺا، سڌا، سڌا، تز اکر، جن مان معنيٰ پاڻيھي پيئي ٻھڪي، اھي ئي رسالي ۾ موتين جي مالھا وانگر پوتا اٿس. منھنجي ڄاڻ گھڻي نھ آھي، پر جيڪا اٿم، تنھن مان اھو رايو ٺاھيو اٿم تھ ھندستان، ڪي پاڪستان، جي برک شاعرن مان ڪي ڇڊا اھڙا آھن، جن پنھنجي ٻوليءَ کي ٻالڪ جي ڪچڙي وار جيان ائين ورايو ھجي، جيئن شاھھ صاحب ورايو آھي. سندس ٻوليءَ ۾ ٻل آھي. ڪري چئجي تھ سنڌي ٻوليءَ کي ئي ملائم ۽ ٻلوان بڻايو اٿس. تجنيس ۾ تھ سندس مٽ ٻنھي ملڪن ۾ ڪو ورلو ملندو.

سترھين ارڙھين صديءَ جي لوڪ ڀاشا (عوامي ٻولي)، عام خلق جي زندھھ ٻوليءَ جو املھھ ورثو: شاھھ اسان لاءِ ڇڏي ويو آھي. سندس رسالي جي آڌار تي ئي، سنڌي ٻوليءَ جي صورت ۽ نسل نسبت، ٻولين جا اڪثر ماھر ڪجھھ چئي لکي سگھيا آھن. سنڌي نحو (وياڪرڻ) جي صورت بھ، گھڻي ڀاڱي، شاھھ جي رسالي جي وسيلي چٽي ويئي آھي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لاءِ پڻ شاھھ جو رسالو ھڪ خزانو آھي. ان ڪري سچ پچ تھ شاھھ جي ھٿن جي ھيرن جواھرن جي جڙت کي ”سڌاري“ ٻئي ڪنھن چالو ڊول پٽاندر، نئين سر گھڙڻ نھ جڳائي. رسالي جا ”ماڻڪ، موتي، لال“ جيئن گھڙي، جڙي ڏنا اٿس، تئين ئي قبول ڪرڻ گھرجيئون. سنڌي ٻوليءَ جي وگيانڪ اڀياس لاءِ، سندس اِتھاس جي پوري ڪھاڻي لکڻ خاطر بھ، اِھو بلڪل ضروري آھي.

ٻوليءَ جي نقطھ نظر  کان، شاھھ جي رسالي جي، اڃا بھ اونھي کوج ٿيڻ گھرجي. ڪئپٽن اِسٽئڪ، ڊاڪٽر ٽرمپ (Dr.Trumpp)، ھوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرو مل مھر چند، محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين، شاھھ جي رسالي مان چڱو ئي مال ھٿ ڪري، سنڌي ٻوليءَ نسبت گھڻو ئي لکيو آھي. پر اڄوڪن وگيانڪ نيمن (سائنسي اصولن) سان کوج ڪرڻ ۾، اڃا گھڻو ڪم پيو آھي. اھا سنڌيءَ لاءِ فخر جي ڳالھھ آھي تھ گڏيل ھندستان جي سڀني ٻولين ۾، پھريائين پھريائين سنڌي ٻوليءَ جي ئي وگيانڪ صورت چٽي ويئي. ١٨٧٦ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ، ھڪ جرمن، اِھو ڪشالي جو ڪم ڪيو. پر اھو زمانو ٻيو ھو. اڄ ٻولين جي وگيان (Science of Linguistics) گھڻيئي وکون وڌايون آھن. دل جي اِھا چاھنا اٿم تھ ھندستان ۽ پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪي نھ ڪي ماھر ميدان ۾ نڪرن، جي نون وگيانڪ اصولن پٽاندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي باريڪ صورت چٽين، جيئن اڄڪلھھ ٻين ٻولين جي چٽجي پيئي ۽ سنڌيءَ جي سموري اِتھاس تي مڪمل روشني وجھن، جيئن سندس سچو نسل کلي ظاھر ٿئي ۽ ڪڇ، مڪران، راجسٿان ڏي سندس وڌڻ ويجھڻ نسبت پوري ڄاڻ پوي.

پڪ اٿم تھ ھند توڙي پاڪستان ۾، پنھنجن پنھنجن حالتن پٽاندڙ، سنڌيءَ جو آئيندو روشن رھڻ وارو آھي. پر، اِھو تڏھن، جڏھن سنڌي پاڻ، پنھنجي زبان ۽ قلم وسيلي، سنڌي ٻوليءَ کي جيئرو رکندا ايندا ۽ ٻيو، جڏھن سنڌي پنھنجا نج سنڌي اکر ڇڏي، سنڌيءَ جو جملو جملو، ھڪ پاسي پارسي ۽ ٻئي پاسي سنسڪرت اکرن سان نھ ڀريندا ويندا. جي ائين ٿيڻ ڏنوسين، تھ پوءِ سنڌي سنڌي نھ رھندي، پر ٻي ڪا گڊي ٻولي ٿيندي ويندي، جا عام خلق، نھ سڃاڻيندي، نھ سمجھندي ۽ نڪي ڪتب آڻيندي. جيڪي شاھھ جي رسالي جا ۽ ٻيا نج سنڌي اکر اڄ بھ ڳوٺاڻي عام خلق جي چپن تي زندھھ آھن، سي اسين ادبي لکت ۾ چالو ڪندا اچون. ٻين ٻولين مان تھ ضرور اکر جھٽينداسين، اھو ٻولين جي وڪاس جو نيم (ترقيءَ جو قاعدو) آھي. پر ان جي بھ مناسب حد آھي. اھا حد ھوند نھ لتاڙيون ۽ شاھھ جي رسالي جي سنڌيءَ کي گھڻي ڀاڱي حيات رکون.

جيسين سنڌي ٻولي آھي ۽ سنڌي آھن، جيسين کين روحاني پياس آھي ۽ انساني جذبا آھن، جيسين سندن سامھون، جيون جي اوکي رڻ ڀون آھي، تيسين شاھھ جو رسالو، اسان جن روحاني، اخلاقي، دنيوي، راڄنيتي ۽ سماجڪ، سڀني مسئلن لاءِ سکيا جو ساگر آھي ۽ رھندو.

سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيوئو جن،

آندائون عميق مان، جوتي جواھرن،

لڌائون، لطيف چئي، لالون مان لھرن،

ڪانھي قيمت تن، ملھھ مھانگو ان جو.