ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس |
---|---|
ليکڪ | جئرام داس دولت رام |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-9098-20-8 |
قيمت | 100 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (562) PDF E-Pub |
انگ اکر | 18 December 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 64688 ڀيرا پڙهيو ويو |
سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ ۽ تھذيب جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ ۽ لکڻ وارن اعليٰ پائي جي عالمن مان شري جئرام داس دولت رام بھ ھڪ منفرد عالم ھو. انھن موضوعن تي لکيل سندس عالماڻن مضمونن ۽ مقالن بابت سنڌ جي عام ماڻھن خاص ڪري شاگردن کي تمام گھٽ معلوم ھوندو. ساڳيءَ ريت سنڌيءَ جي ٻين ھندو عالمن اديبن ۽ سندن ڪاوشن جي باري ۾ پڻ سنڌ ۾ گھٽ ڄاتو وڃي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ اردو ٻوليءَ وارن ڪرشن چندر، منشي پريم چند، فراق گورکپوريءَ ۽ ٻين ھندو اديبن ۽ عالمن کي نھ صرف پنھنجو ڪيو آھي، بلڪھ انھن کي يونيورسٽين جي نصاب تي پڻ رکيو آھي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ وارن کي اھي لازمي پڙھڻا پون ٿا ۽ انھن تي تحقيق ڪرڻ کي ھمٿايو وڃي ٿو. موجوده دؤر ۾ گوپي چند نارنگ جھڙا عالم سال ۾ ٻھ ٽي ڀيرا اچن ٿا ۽ ھتي ھند ۾ ڇپجندڙ اردو ادب بابت ليڪچر ڏين ٿا يا سيمينارن ۾ پيپر پڙھن ٿا. ٻوليءَ، علم، آرٽ ۽ ادب جي ڪا سرحد ڪا نھ ھوندي آھي. سرحد جي ھن پار ڇپجندڙ سنڌي ادب ۾ بھ اھي ئي آفاقي قدر موجود آھن، جيڪي ھن پاسي آھن، ان ڪري ضروري آھي تھ اسان کي ٻنھي پاسن جي علم ادب جي ڄاڻ ھجي. انھيءَ مقصد کي سامھون رکي اسان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، قديم تھذيب ۽ ادب بابت ھي مقالن جو مجموعو شايع ڪري رھيا آھيون، جيڪو اميد تھ سنڌي ادب جي تاريخ جي ڪيترين وڃايل ڪڙين کي ڳنڍڻ جو مقصد پورو ڪندو. آءٌ مرتب جي ٿورائتي آھيان، جو ھن گھڻي کوجنا ڪري ھي مضمون ۽ مقالا ھٿ ڪيا آھن. اميد آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ ۽ ادب دوست ھن ڪتاب کي پسند ڪندا ۽ اسان کي پنھنجن قيمتي راين کان واقف ڪندا.
ڊاڪٽر فھميده حسين
چيئرپرسن